شڪارپور..آصف رضا موريو

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    شڪارپور سنڌ صوبي جو اهم تاريخي شهر رهيو آهي جنهن پنهجي شان، شوڪت، اوج ۽ موج وارو وقت هندڪي دور ۽ برطانوي عملداري ۾ تڏهن پسيو جڏهن هن شهر جون شادابيون، حسناڪيون ۽ جادوگريون ڏورانهين ڏيهن تائين مشهور هونديون هيون. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ميرپور خاص کان پوءِ شڪارپور هڪ وشال آبادي وارو بهترين شهر هوندو هيو. موجودهه شڪارپور شهر پڪي روڊ ذريعي اتر ۽ اوڀر ۾ جيڪب آباد ضلعي سان (44.8 ڪلوميٽر)، ڏکڻ اوڀر ۾ سکر ضلع سان (32 ڪلوميٽر)، اولهه ۾ لاڙڪاڻو ضلعي ۽ سنڌو دريا سان (61ڪلوميٽر) ۽ خيرپورضلعي سان (49 ڪلوميٽر) سلهاڙيل آهي. ٻه نيشنل هاءِ وي(N-65) ۽ (N-55) شهر وٽان گذرندي کيس چئني ضلعن جو چوواٽوبڻائين ٿا. شڪارپور شهر جي روڊن جي ڊيگهه قريبن 3000 اسڪوائر ڪلوميٽر کان به مٿي آهي جڏهن ته سموري ضلع جي روڊن جي ڊيگهه 920.0 ڪلوميٽر کان پن چڙهيل آهي بشمول 125.0 ڪلوميٽر نيشنل هاءِ وي ۽ 195.0 ڪلوميٽر صوبائي هاءِ وي. ان نسبت سان روڊن جي ڪثافت جو پد ( Km/Km20.35 ) بيهي ٿو جيڪو بين الاقوامي ترقي جي پد يعني (1 Km/Km2) جي معيار سان ميل ڪونه ٿو کائي. شڪارپور گهم وارو علائقو هئڻ ڪري هتي سيارو گهڻو ٿڌو ۽ اونهارو تمام گرم ٿئي ٿو.
    17 صدي عيسوي جي شروعات ۾ پنهنجي اسرندڙ ڏهاڙن دوران شڪارپور هڪ ننڍڙي آبادي، ڳوٺ يا هڪ شڪاري ڪيمپ هئڻ ناطي هتي آبادي به ٿورڙي ۽ نالي ماتر هوندي جيڪا آهستي آهستي وڌندي ۽ ويجهندي رهي هوندي. 2017ع واري آدم شماري مطابق سموري شهر جي آبادي 1231481 هئي. شهر جي وڏي انگي آبادي 95.77 جي تناسب سان سنڌي ڳالهائيندڙ آهي. اهڙي طرح اردو آبادي 1.81، بلوچي 1.01، پنجاپي 0.24، پختون 0.22 ۽ سرائيڪي آبادي 0.60 فيصد آهي. جڏهن ته ان آبادي ۾ سني 90 فيصد، شيعا 8 فيصد، هندو آبادي 1.80 فيصد، ڪرسچن 0.04 فيصد ۽ احمدي 0.04 فيصد آهن.
    شڪارپور شهر جي اقتصاديات ۾ روڪ فصل، انڊسٽريون، ڪاروبار، تجارت، کٽاڻ، مڇي، ميوا، باغات ۽ زراعت خاص ترين آهن. بنيادي طور تي ضلعي جي معيشيت زرعي آهي جيڪا مڪمل آبي نظام جي دستيابي لاءِ سدائين محتاج رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سوڪهڙي جو شڪار ٿيندڙ هن شهر جي معاشي حالت تمام ابتر ٿي ويندي آهي جيئن گزريل پاڻي جي کوٽ واري دور ۾ ضلعي اندر بي روزگاري ۽ غربت سموري علائقي ۾ لاقانونيت جو رڻ ٻاري ڇڏيوهيو. موجوده تباه حال، سڏڪندڙ، برباد ٿيل ۽ ويران شهر ٻه اڍائي صديون اڳ پنهجي مهذب سماج، بهترين تعليم، پڙهيل ڳڙهيل آبادي، ايماندار ادارن، ڪاروباري مرڪزن، ضلعي خودمختياري، علائقائي خوشحالي ۽ سياسي استحڪام جي ڪري مشهور هوندو هيو. اڄ به پنهنجي سموري شان و شوڪت، خوشحالي ۽ سڪون وڃائڻ جي باوجود شڪارپور سنڌ جو چوٿون وڏو شهر آهي جيڪو لاڙڪاڻو ڊويزن جو ضلعي حصو آهي جنهن ۾ شڪارپور، خانپور، لکي غلام شاهه ۽ ڳڙهي ياسين تعلقا آهن.
    گهڻي تڻي مورخن جو خيال آهي ته شڪاپور شهر جو بڻياد 1690ع ڌاري امير بهادر خان دائودپوٽي وڌو هيو. دائود پوٽا پاڻ کي رسول الله ڪريم جي ساٿي ۽ چاچي عباس عبدالمطلب جي نسل مان سڏائن ٿا. انهن جو جد امجد شاهه سلطان احمد ٻيو هيو جيڪو مصر جي پهرئين خليفي عبدالقاسم جو پندرهين پيڙهي ۾ وارث هيو سو 1370ع ۾ پنهنجي خاندان ۽ ڪجهه ساٿين سان گڏجي سنڌ لڏي آيو هيو. سنڌ ۾ رهندي هن راجا راءِ ڌورنگ سهتي جي ڌيءُ سان شادي ڪئي.
    ان خاندان مان امير فتح الله خان عباسي اروڙ جي راجا کان بکر جو علائقو فتح ڪري ان جو نالو قهر بيلا رکيو. سندس پوئرن مان محمد چني خان عباسي 1583ع ڌاري شاهي نوڪري ۾ شموليت ڪئي ۽ بهادري ۾ گهڻو نالو ڪمايو سندس مرتئي کان پوءِ ان خاندان جي پڳ ۽ جاگير تي جهيڙا شروع ٿيا جنهن ڪري دائودخان لڏي وڃي بهاولپور جي حڪومت اختيارڪئي جتي هن دائودي سڏايو جڏهن ته امير بهادر خان عباسي ترائي ڇڏي بکر وڃي ويٺوجتي هن شڪارپور شهر جو بڻياد وڌو يا ٿي سگهي ٿو ته هن پنهنجي ساٿين يا شڪاري همراهين سان گڏجي شڪارپور نالي پراڻي پر ننڍڙي وسندي کي وڌايو ويجهايو هجي.
    شڪارپور شهرجي تاريخ 400 سال کن پراڻي ڀانئجي ٿي. پنهنجي شروعاتي ڏهاڙن ۾ هي علائقو ڪاٺڪي ۽ ڪچن پڪن گهرن جي ۽ ويڪري جهنگلن يا چراگاهن واري ننڍڙي وستي رهي هوندي. چراگاهن ۽ جهنگل ۾ شڪار هئڻ ڪري هي وستي جلدي وڌي ۽ ويجهي هوندي جتي ان دور ۾ بادشاهه يا امير ڪبير شڪار واسطي ايندا رهندا هوندا. حڪمران لوڪن جي گهڻي اچ وڃ ڪري هن علائقي کي آهستي آهستي اهميت ملندي وئي جنهن ڪري وقت سان گڏ هيءَ ننڍڙي آبادي هلندي هلندي شهرت ۽ آبادي وڌائيندي رهي. ۽ هڪ وقت آيو جڏهن هيءُ ننڍڙو واهڻ هڪ خوبصورت، وسيع، صاف سٿري ۽ بهترين گادي جو هنڌ بڻجي ويو. اهڙي ريت پنهنجي اوج ۾ شڪارپور شهر نه رڳو سنڌ پر مرڪزي ايشيا ۾ تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو ۽ صنعت ۽ تجارت جومرڪز بڻجي ويو جتي پرامن، ترقي پسند، مهذب ۽ سوڀ ڀريا ماڻهورهندا هيا. هن شهر ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي خاص بيهڪ ڪري پنهنجي هڪ خاص جڳه ٺاهي هئي.
    شاندار ۽ وشال شهر جڙجڻ کان اڳ ۾ جيئن ته هيءَ هڪ ننڍڙي ڳوٺاڻي وسندي رهي جيستائين سنڌ جي حڪمران شڪارين يا شڪاري حڪمرانن پنهنجي لاءِ هن علائقي، ڳوٺ يا وسندي کي شڪاري گاهه نه چونڊيو هيو. شڪارپور جڙڻ ۽ جڙندي جڙندي جڙجندڙ متعلق به تاريخ ۾ مختلف روايتون موجود آهن پر ان ڳالهه تي سڀئي متفق آهن ته هتي جنگلي حيات جي شڪار جي ڪوڏين عباسي دائودپوٽن هتي پنهنجي لاءِ شڪار ي وندرگاهه ٺاهي هوندي جڏهن هنن هن وسيع علائقي ته قبضو ڪيو هيو. ڪجهه مورخن جو خيال آهي تنهن ڪري هن شهر کي قائم ڪرڻ ۾ انهن جو اهم ڪردار رهيو آهي. جڏهن ته هڪ ٻئي لڏي جو خيال هي پڻ آهي ته آباد ضرور هن شهر کي عباسي دائود پوٽن ڪيو پر ان کي وڌايو ۽ ترقي ٽالپرن ڏياري ڇوته شڪار پسند ٽالپرن کان اڳ ۾ هي ننڍڙو شهر اڏيل هوندو هيو.
    ڪجهه مورخن جو خيال آهي ته شڪارپور شهرشهر اصل ۾ انڊواسڪاڪئيٿي فاتحن ٺاهيو هوندو جيڪي تاريخ ۾ شاڪا طورمشهور آهن ان لاءِ هن شهر جو اصل ۾ نالو شاڪارپور هوندو شڪارپور نه. شاڪا اصل ۾ ايراني ۽ يوروشين رولاڪ ٽولا هوندا هئا جن 9 صدي قبل مسيح کان ا صدي قبل مسيح تائين دنيا ڀر ۾ آبادڪاريون ڪيون. انهن وسطي، اتر ۽ اولهه ڏکڻ ايشيا ڏانهن پڻ سفر ڪري آباديون وسايون. اشاڪا لوڪن جو تسلط بيڪٽريا، آراڪوسيا، گنڌارا، سنڌ، ڪشمير، پنجاپ، هريانه ۽ مهاراشٽر تي پڻ تسلط رهيو. شڪارپور جي نالي متعلق شاڪا لوڪن جو تصور تاريخي طور تي ٺيڪ ڪونه آهي جو شڪارپور جي 400 ساله تاريخ کان اهي گهڻو پراڻا آهن.
    ان پسمنظر ۾ گهڻا مورخ سنڌ واري شڪارپور جون لڪيرون هندستاني اتر پرديس واري شڪارپور سان ملائيندا رهندا آهن ته جيئن انهن انڊيا ۾ شڪارپور آباد ڪيو هيو اهڙي ريت هتي به هي شهر انهن آباد ڪيوهوندو. اتهاس رڱيندڙ اهڙن لکارين کي هي نڪتو پڻ هٿ اچي ويو آهي ته مسلمان پنهنجي آباد ڪيل شهرن پٺيان “پور” نه پر “آباد” لڳائيندا آهن. ڀارتي يوپي وارو شڪارپور شاڪا لوڪن نه پر لوڌي دور حڪومت ۾ هڪ مسلمان بزرگ سيد عبدالله آباد ڪيو هيو. ان شهر جي وڏي آبادي برهمڻ آهي شاڪا ته اتي هڪ به ڪونه رهندو آهي. ٻيو ته انڊيا ۾ 20 کان مٿي شڪارپور آهن گجرات واري شڪارپور، سلطان پور واري شڪارپور، شموگا واري شڪارپور، ڪرناٺڪ واري شڪارپور وغيره وغيره. رڳو اتر پرديس ۾ 5 شڪارپور موجود آهن.
    هن ڏس ۾ “پور” ۽ “آباد” ڳالهيون تاريخي پسمنظر ۾ بي پاڙيون آهن. ڪجهه مثال ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان ته پاڪستان ۾ ڪيترائي “آباد” پٺيان لڳل شهر غير مسلمانن آبادڪيا مثال طور ايبٽ آباد هڪ انگريز جيمس ايبٽ آباد ڪيو. جيمس آباد (موجوده ڪوٽ غلام محمد) سر جيمس آئوٽ رام جوڙيوهيو. دنيا جي بيشمار ملڪن ۾ شهرن پٺيان آباد لکڻ ۽ رکڻ جو رواج رهيو آهي. تاجڪستان ملڪ جو شهر اسٽالن آباد (موجوده شهر دوشنبي) جوزف اسٽالن جوڙايو هيو. اهڙي ريت ٻين کوڙ ملڪن ۾ به انهن جي لهجن آڌارت آبادي وارا شهر موجود آهن. جيئن آرمينيا ملڪ جو شهر واگهارش آپات (آباد) ۽ سردارآباد (موجوده شهر ارماوير)، ترڪمانستان جو شهر ترڪمان آبات، آذربائيجان جو شهر صابرآباد، ٽرنيڊڊ ملڪ جو شهر فيض آباد وغيره. ايتري تائين جو دائود پوٽن جي انهيءَ خاندان جي امير محمد بهاول خان دائود پوٽي (پهرئين) پنهنجي ٿورڙي حڪومتي دور ۾ اهڙا شهر جوڙايا جن پٺيان “پور” نالو رکيو ويو هيو جهڙوڪ بهاولپور، قائم پور، حسن پور، حاصل پور، شهبازپور ۽ محمد پور. پاڪستان ۾ ٻيا به سوين شهر پور سان آهن جيڪي مسلمانن جوڙايا هيا جهڙوڪ خيرپور، حسن پور، نورپور، محراب پور، شهدادپور وغيره وغيره.
    شڪارپور شهر جي اوج ۽ موج جو سبب اتان جا هندو رهواسي هوندا هيا جن پنهنجي دور ۾ هن شهر تي هر قسم جي سيڙپڪاري ڪئي ڪاروباري ساک کان وٺي سياست، خيراتي ادارا، انتظاميه، قانون، عدليه ۽ سماجي رواداري وغيره. پنهنجي شهر کي خوبصورت ۽ دلچسپ بڻائڻ لاءِ ان دور جا سيٺيا ۽ ساهوڪار پنهنجي ڪمائي جو وڏو حصو بلديه جي مختلف ڪمن ڪارين ۾ داڪن ڪندا رهندا هيا. اهڙن شهرين جي اڻ ٿڪ محنتن جي سبب شڪارپور هڪ اميروڪبير شهر بڻجي ويو جنهنجي چوڌاري وڏو اوڏڪو ڪوٽ ٻڌل هوندو هيو جنهن ما شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مختلف هنڌن تي اٺ وڏا دروازا پيل هوندا هيا ۽ هڪ دري پڻ لڳل هوندي هئي جيڪي رات جي شروعات وقت 8 وڳين بجي بند ڪياويندا هيا ۽ انهن مان هر هڪ تي پهريدار مقرر هوندا هيا جيڪي اويل سويل ايندڙ مسافرن جي تپاشي وٺي خاطري ڪري پوءِ کين شهر ۾ داخل ٿيڻ ڏيندا هيا.
    ان دور ۾ هن شهر اندر وقت جا بهترين اسڪول، ڪاليج، ويڪرا رستا، سڌيون گهٽيون، خوبصورت باغات، انڊر گرائونڊ ڊرينيج جو نظام، چوويهه ڪلاڪ هلندڙ بجلي ۽ مرڪزي شاپنگ سينٽر هوندا هيا. صنعت اوج تي هوندي هئي ۽ هن شهر جي پسگردائي ۾ زرخيز زمين اڻ کٽ هوندي هئي. چراگاهون، ميون جا باغات وغيره به شهري آبادي جي کپت کان تمام گهڻا هوندا هيا. شهر جا باشندا سڌا سادا، پيار ونڊيندڙ ۽ چڱيرڙي اخلاقن جا مالڪ هوندا هيا. ان دور ۾ شڪارپور پنهنجي شهر جي ڪچي ڌوڌڙئي رستن تي ميلن تائين ٻوڙن جا سر ، ڪانا يا نڙ وڃائيندا هيا ته جيئن مٽي نه اڏري ۽ ڪنهن سواري کي پريشاني جو منهن نه ڏسڻو پوي.
    شڪارپور ۾ هڪ سو سال اڳ پنهنجو ۽ آزاد پاور پلانٽ موجود هيو جيڪو هڪ هندو واپاري جو هوندو هيو جنهن هڙان وڙان خرچ ڪري شهر جي آبادي کي بجلي جي سهولت ڏني هئي. شڪارپوري هندو هنڊي نظام جا موجد هوندا هيا جيڪا دنيا ۾ بينڪاري نظام جو پهريون باظابته سرشتو مڃيو وڃي ٿو. هنڊي کي دنيا ڀر جي مختلف حصن ۾ قبولداري جي سند هوندي هئي ۽ ان کي سموري ايشيا ۾ سون جهڙي ڏيتي ليتي سان ڀيٽيو ويندو هيو.
    شڪارپور جي اندر ۽ ٻاهر هندو تاجن جو هڪ گروهه“سنڌ ورڪي” ڪاروباري ساک ۽ معاملن ۾ گهڻو اڳڀرو هوندو هيو. اهي ٻاهرين ملڪن مان ناڻو ڪمائي پنهنجي شهر ۾ ادارن، باغن، پارڪن، يادگارن، روڊن، گهٽين ۽ سيوريج جهڙن معاملن تي تمام گهڻو خرچ ڪند رهندا هيا. شهر جا سڀيئي فلاحي ادارا انهن جي خرچن تي هلندا هيا. هندن جي دور ۾ امير و ڪبير ۽ من موجي ماڻهن لاءِ شڪارپور جنت جهڙي حيثيت رکندو هيو. زرخيز زمينن محنتي شهر واسين ڪري فصل پڻ سٺا ٿيندا هيا ان لاءِ شهر مان بري عنصرن ۽ کردري ماحول جو خاتمو ٿيندو رهيو ۽ ان جي جاءِ تي اقتصادي موقعا وڌندا رهيا. شهري ترقي جو اندازو هن ڳالهه سان لڳائي سگهجي ٿو ته ان دور ۾ يعني پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ شڪارپور شهر کي پنهنجي سڪو پڻ هوندو هيو.
    شڪارپور جي هندو سيٺين جي رهڻي ڪهڻي پڻ تمام شاندار هوندي هئي. اهي بهترين گهرن ۾ شاهاڻي انداز ۾ رهندا هيا. انهن کي شهر جي اندر محلات ۽ شهر جي ٻاهران وڏا، ويڪرا ۽ سهڻا باغات هوندا هيا. اهي پنهنجي ڪمائي جو ڳچ حصو شهرين لاءِ مزي، خوشي، ماحول، موسيقي، رقص و سرور جون محفلون سجائڻ ۾ خرچ ڪندا هيا. ان مقصد لاءِ هندستان جي مختلف علائقن مان مشهور ڳائڻا، وڄائڻا، رقاصائون ۽ رقاص گهراياويندا هيا جيڪي هر سال اچي شهر ۾ موسيقي جو مانڊاڻ مچائيندا هيا. ان موقعي تي شهر ۾ چراغان ڪيو ويندو هيو، عطرسان رستا عبير ڪيا ويندا هئا، هر گهڻي هر رستو گلن جي خوشبو سان ٻهڪبو هيو، سرندي جي رون رون، سارنگي جا سر ڄڻ ته مٽي مان پيا نڪرندا هيا جن سان سمورو شهري ماحول سحرانگيز لڳندو هيو. اهڙي سمي ۾ هندو سيٺين جون سهڻيون ۽ سينگاريل وڪٽوريا بگهيون جن کي ٻه گهوڙا ڇڪيندا هيا جڏهن شهر جي ويڪرن رستن تي ٽاپ ٽاپ ڇڪبيون هيون ۽ گهوڙا خوشبو پسي هڻڪاريندا جڏهن لکي در رستو ڌڪيندا سيٺين جي باغن ڏانهن ويندا هيا ته نينهن جا نظارا من کي موهيندا هيا.
    حقيقت ۾ اهي هندو سيٺيا ۽ عام واڻيا ئي تاريخ ۾ شڪارپور جي سرزمين جا سچا ۽ سٻاجها وارث ليکيا وڃن ٿا جن هن ننڍڙي ڳوٺاڻي آبادي کي هڪ وسيع، خوشحال ۽ خوش مزاج شهر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن ئي فلاحي ادارن ۽ اسپتالن لاءِ عمارتون وقف ڪيون، باغن لاءِ زمينون، قبرستانن لاءِ پلاٽ ڏنا. انهن اجتماعي فلاح جي ڪمن لاءِ پاڻ ارپيو. انهن هتي ڪميونٽي نظام متعارف ڪرايو، سماجي ادارا جوڙيا، هلايا ۽ هلرايا، اسپتالون جوڙايون، اسڪول، خيراتي ادارا ۽ ڪاليج قائم ڪيا. باغات هڻايا، ٻيلن جو تحفظ ڪيو ۽ انهن جي دلئون ڪيل ڪوششن سبب ئي ڪنهن دور ۾ شڪارپور کي ايشيا جو پيرس سڏيو ويو.
    برطانيه جي آل انڊيا ڪمپني سنڌ کي 1843ع ۾ فتح ڪيو ۽ ان کي بمبئي پريزيڊنسي جو حصو بڻايو ويو. 1اپريل 1936ع ۾ وري سنڌ کي بمبئي پريزينڊنسي کان ڌار ڪري برٽش انڊيا جو صوبو بڻايو ويو. انگريزن پنهجي دور حڪومت ۾ سنڌ کي انتظامي طور تي ٽن صوبن ۾ ورهايو يعني شڪارپور، ڪراچي ۽ حيدرآباد. موجودهه لاڙڪاڻو ۽ سکر جو سمورو علائقو ان وقت انتظامي طور تي شڪارپور ضلعي ۾ ايندو هيو. هن ضلع ۾ 14 سب ڊويزنون اينديون هيون جن ۾ موجودهه ڪشمور شهر کان دادو ضلع تائين وارو سمورو علائقو اچي ويندو هيو يعني خيرپور رياست کي ڇڏي باقي سموري اتر سنڌ وارو علائقو. شڪارپور برطانوي دور ۾ تيسيتائين ضلعي هيڊڪوارٽر رهيو جڏهن 1901ع ۾ انهن سکر شهر ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر مقرر ڪيو. تنهن کان پوءِ شڪارپور سکر جو سب ڊويزنل هيڊڪوارٽر رهندو آيو هندستان جي ورهاڱي تائين.
    انگريزي دور حڪومت ۾ شڪارپور اندر جيڪب آباد ڏانهن ويندڙ رستي تي هڪ افغان قلعو هوندو هيو جنهن کي بعد ۾ قافلا سراءِ بڻايو ويو} هيو. ان قلعي کي چارمينار هوندا هيا جتي سال جي ڪجهه موسمن ۾ گهڻو ڪري گهوڙن جا واپاري اچي رهندا هيا. هر سال اتي ٽي سو کان مٿي گهوڙا وڪرو ٿيندا هيا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن هڪ هزار کان به مٿي کپي ويندا هيا. انگريزن جي دور ۾ شڪارپور ۾ موجود افغان دور جي جڙيل هڪ قلعي ۾ جيلخانو پڻ هوندو هيو جتي واهت ڪندڙ عملدارن کي فوجين جيان ڊرل ڪرائي ويندي هئي ۽ اهي جئڪب رائيلنس جي جوانن وانگي وردي به پهريندا هيا. ان جيل ۾ گهڻا تڻا قيدي جکراڻي ۽ ڊومبڪي ويڙهاڪ هوندا هيا. انگريزن جي دور ۾ شڪارپور شهر جي آبادي ۾ هندن جو تعداد ٻن حصن کان به مٿي هوندو هيو جڏهن ته مسلمانن جو تعداد آبادي جو ٽيون حصو هوندو هيو. انگريزي شڪارپور اندر هزار کن دوڪانن مان 900 کان مٿي دوڪان رڳو هنجو تاجرن جا هوندا هيا.
    انگريزن ئي پنهنجي دور حڪومت ۾ 1855ع ڌاري شڪارپور شهر ۾ ميونسپالٽي جو بڻياد وڌو جنهن کي ان دور ۾ ست تعلقا هوندا هيا ۽ اهو انتظامي طور تي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ضلعو هوندو هيو. هن شهر جي خوشحالي ۽ ڪاروباري ساک ٻاهرين سيڙپڪارن کي ان دور ۾ گھڻو ئي موهيندي ۽ پاڻ ڏي ڇڪيندي رهندي هئي جنهن ڪري پرڏيهي ڪاروباري انبوهه پنهنجي پنهنجي فائدن انوسار ڪاروباري قافله هيڏانهن ڪاهيندا رهندا هيا. سوين قسم جا ڪاروباري ڪاڄ، سياسي راڄ، ساروڻين جا سهسين ڪوڏيا شهر پسڻ، سونهن ڏسڻ، گوءِ کٽڻ، فلمون ڏسڻ، باغ گهمڻ، تجارت ڪرڻ شڪارپور ايندا رهندا هيا جنهنڪري ننڍڙو شڪارپور جلد ئي آباد، اڀرندڙ ۽ خوشحال شهر ٿي ويو. ان ئي دور ۾ 1855ع جي اڳ پٺ شهر وارن گڏجي سڏجي شهر کي نئين سر وڌائڻ ويجهائڻ شروع ڪيو. شغل، شادمانا، رنگ رليون، ناٽڪ رنگ، اسٽيج، پنگهٽ، دوڪانداريون، فلاحي ادارا ۽ تجارتي سهولتون وڌايون ويون ايتري تائين جو روزانو شهر جا رستا ۽ گهٽين کي ٻهاري صاف ڪري، ڇنڪار ڪري انهن تي ڏينهن ۾ ٻه اڍائي ڀيرا خوشبودار عطر اسپري ڪيو ويندو هيو جنهن سان سمورو شهر واسجي ٻهڪندو رهندو هيو.
    آزادي واري هلچل دوران شڪارپور ۾ مسلمان آبادي مسلم ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ جو ساٿ ڏنو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن شڪارپور جون هندو آباديون جن جي ابن ڏاڏن هن شهر کي هر دور ۾ من، ڌن، تن ۽ ڏن ڏئي پنهنجي رت سان ريچيو، وڌايو ۽ ويجهايوانهن جو وڏو انگ پنهنجا گهر گهاٽ، محل ماڙيون، خواب، سانڀيائون، گهٽ گهيڙ، باغ، بازارون، دوڪان، دوست، يار، مٽ مائٽ ڇڏيون سڏڪندي سهڪندي هي شهر ڇڏيندا رهيا تڏهن مون کي يقين آهي ته شڪارپور جو اصلوڪو روح به انهن سان گڏجي شهر مان جو نڪتو هوندو ته هن وقت تائين واپس ڪونه آيو ۽ انهن وارثن جي گهرن، گهٽين، دوڪانن، ۽ بازارن ۾ ڀٽائي سرڪار چواڻي ته انهن آکيرن تي آيا چٻ چڙهي. هندن جي خالي ڪيل گهر، محلن ۽ محلاتن تي مسلمان مهاجر ايندي آباد ٿيندا پر انهن کي جن محلاتن، دوڪانن ۽ باغن جهڙيون نعمتون مفت ۾ مليون تن جو انهن ڪڏهن به شڪارپور ته ڇا پر سنڌ يا پاڪستان جي ڪنهن به شهر ۾ قدر ڪونه ڪيو. ورهاڱي کان پوءِ 1 جولاءِ 1977ع ۾ شڪارپور سکر ڊويزن جو ضلع بڻيو. 1988ع ۾ لاڙڪاڻو جڏهن ڊويزن ٿيو ته شڪارپور کي پڻ ان جو ضلعي حصو بڻايو ويو.
    18 صدي عيسوي دوران ڪلهوڙا حڪمرانن جي دور ۾ شڪارپور يورپ ۽ وچ ايشيا جي امير ڪاروباري گادي جو هنڌ سڏبو هيو. هي شهر بريصغير جي ورهاڱي تائين ادب، تهذيب ۽ تجارت جو مرڪز رهيو جيڪو جست ۽ مختلف ڌاتن، قالينن، ڪپهه مان ٺهندڙ ڪپڙي، ڀرٿ، خوشبوئن، کٽان ۽ مٺائين لاءِ ملڪان ملڪ مشهور هوندو هيو. هن شهر ۾ ٺڪر جي ٿانون ٿپن جو وڏي بازار هوندي هئي. ساريون، ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه، جو وغيره هتان جا خاص فصل هوندا هيا. بيگاري ڪينال، رائيس ڪينال، هزاري ڪينال ۽ گليسپي ڪينال شهر ۽ ضلعي شڪارپور جي زراعت ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪندا هيا. ليفٽيننٽ پونسٽن 1841ع ۾ ايشئيٽڪ سوسائٽي آف بنگال جي هڪ جرنل ۾ لکي ٿو ته “سنڌ ملڪ جو تجارت، آبادي ۽ اثرورسوخ جي نسبت سان شڪارپور تمام اهم شهر آهي”. شڪارپور شهر پنهنجهي دور ۾ واپارين جي راڄڌاني هوندو هيو جتي واپاري مهڄڻ ۽ سڪن جي مٽا سٽا واراسيٺيا راڄ ڪندا هيا. ترڪي کان وٺيي چين تائين، استرخان کان وٺي راس ڪاموريءَ تائين ڪو اهڙو مارڪيٽ ڪو اهڙو دوڪان ڪونه هوندو هيو جتي شڪارپوري مهاڄڻ جو ڪپڙو نه کپندو هجي.
    شڪارپور واسين پنهنجي ڪاروباري تعلقات دنيا ڀر جي امير ملڪن سان سلهاڙيل هيا جهڙوڪ جنيوا، روم، ايران، عراق، سمرقند، سماترا، جاپان، برما، هونولولو وغيره. شڪارپور شهر جي بجاج گهڻي ۾ سينٽرل بينڪ آف انڊيا جي عمارت ۽ ٻيون کوڙ مختلف ملڪن جي نمائندا عمارتون اهڙي ڪاروباري تعلقات جي اڄ به ساک ڏين ٿيون. شڪارپور کي پنهنجي دور ۾ بولان لڪ ذريعي وچ ايشيا، اتر انڊيا ۽ افغانستان تائين تجارت جي هڪ تمام وڏي تاريخ موجود آهي جيڪڏهن ڪو مورخ اهو بيڙو کنڻي ته ايشيا جي تجارتي تاريخ جا بيشمار نوان رخ سامهون اچي سگهن ٿا. پنهنجي پاڙيسري ملڪن، رياستن ۽ قومن ۾ شڪارپوري ڪاروباري حلقن ۽ سيٺين کي تمام گهڻي ناماچاري هوندي هئي جو اهي ڏورانهين ديشن مان پيسو ڪمائي پنهنجي شهر جي فلاحي ادارن تي، شهر جي ترقي ۽ سونهن تي خرچ ڪندا هيا.
    ڪجهه صديون اڳ شڪارپور وارو علائقو دراصل وڏي پيماني تي جنگلن سان ڳهيل ۽ جنگلي زندگيءَ سان ڳتيل هئڻ سبب وقت جي شڪار جي شوقين حڪمرانن، شاهوڪارن ۽ بندوقچين لاءِ پسنديدهه علائقو هوندو هيو. پراڻو امير ۽ خوشحال شڪارپور موجودهه بيمار ۽ مقبوضه شهر کان تمام گهڻو الڳ ٿلڳ، شاندار ۽ جاندار هوندو هيو. پنهنجي جوڀن جي دور ۾ شڪارپور تهذيب، تمدن، تجارت ۽ ڪاروبار سان متعلق سنڌ جي گادي جو هنڌ رهيو جنهن ۾ گهڻو تڻو ڪاروبار هندو لوڪن جا هوندا هيا جن جي ڪاروبار جي بعد ازان ڪلهوڙي ۽ ٽالپر راجائن، وزيرن ،مشيرن، آفيسرن ۽ انهن جي چمچن جي غنڊا ٽيڪس چيلهه چٻي ڪري وڌي پر پوءِ به اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنهنجي ماتر ڀومي سان نينهن نڀائيندي تيسيتائين ڪم هلائيندا رهيا جيستائين انهن تي شخصي، سماجي ۽ نفسياتي ظلم ستم نه وڌي ويا. جڏهن عزت نفس سلامت نه رهي، جان جو امان نه رهيو، لوئين لڄن جي خوفن اچي ورايو ته اهي پراڻا شڪارپور واسي پنهنجي ئي شهر مان دل برداشته ٿي پيا ۽ هڙئون وڙئون لڏيندا آبادي جي ڪستي مان پنهنجي پنهنجي وجود جو ريجو کٽائيندا رهيا تان جو هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو ان ڀريل تريل کوهه مان ڪٽوريون خالي موٽنديون رهيون.
    شڪارپور ضلعو ورهاڱي کان اڳ تعليمي پسمنظر رکڻ لاءِ پوري بريصغير ۾ مشهور هوندو هيو. هندڪي دور ۾ هن شهر اندر بيشمار اسڪول، ڪاليج ۽ سکيا گهر هوندا هيا جيڪي پنهنجي شاندار تعليمات جي ڪري مشهور هيا. سنڌ جو پهريون سنڌي ڪاليج چيلارام ۽ سيتل داس (C & S) ڪاليج شڪارپور ۾ ٻن سنڌي هندو تاجرن کوليو جن هن جي عمارت لاءِ هڪ لک روپيا ۽ ٻئي پنجاهه هزار روپيا دان ڏنو هيو. اهو ڪاليج 1927ع کان 1932ع واري عرصي ۾ جڙي تيار ٿيو ۽ ان جو افتتاح ان دور جي بمبئي صوبي جي گورنر ڪيو هيو جو سنڌ ان دور ۾ بمبئي صوبي ۾ شامل هوندي هئي. سنڌ ۾ شڪارپور پهريون شهر هوندو هيو جنهن ۾ انٽرميڊئيٽ ڪاليج به هوندي هئي.
    اڄ شڪارپور ۾ بيشمار سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا موجودآهن جهڙوڪ 1229 پرائمري اسڪول، 66 مڊل اسڪول، 51 هاءِ اسڪول، 5 ڪاليج، 7 ٽيڪنيڪل تعليم جا ڪاليج، هڪ شاهه عبد الطيف يونيورسٽي خيرپور جو ڪيمپس، 5 ووڪيشنل انسٽيٽيوشن ۽ 2 ڪمرشيل انسٽيٽيوشن پر بدقسمتي سان شڪارپور ضلعي جو پڙهائي پد سنڌ ۾ تمام پوئتي آهي جنهن کي پراڻي شڪارپور واري تعليم سان ڀيٽائي نه ٿوسگهجي.
    2770ع ۽ 1842ع واري عرصي دوران پراڻي شڪارپور شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ 25 مختلف سرڪاري ۽ خانگي لائبرريون هونديون هيون جن ۾ هزارين مختلف موضوعن جا ڪتاب سينگاريل هوندا هيا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شڪارپور شهر ۾ گهمنددڙ ڦرندڙ لائيبرريون هونديون هيون. مختلف قسم جي گاڏن يا گاڏيئڙن تي سوين ڪتاب ۽ اخبارون رکي شهر مختلف حصن ۾ گهمايا ويندا هيا جن مان ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ پڻ ڏنا ويندا هيا.
    سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پڻ شڪارپور جو ڪردار اڳڀرو رهيو آهي جتي سوين معتبر لکارين، نقادن، اسڪالرن، شاعرن، تعليمدانن جنم ورتو. سنڌي ادب جي هماليائي ٽه مورتي واري عمارت يعني شاهه عبدالطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست ۽ ڀائي چين راءِ بچومل داتارامي ساميءَ (1743.1850) منجهان هڪ ٿنڀي ساميءَ جو ڄم پڻ شڪارپور ۾ ٿيو. ويدن جي هن پرچارڪ عمر خيام ۽ مولانا رومي جيان ڏاهپ جا گفتا پنهنجي سلوڪن ۾ اختيار ڪيا آهن. ساميءَ جا 2100 سلوڪ پهريون پبلش ٿيل هيا جڏهن ته بعد ۾ به سندس ڪجهه سو سلوڪ هٿ آيا جيڪي پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا ترتيب ڏئي ڇپرايا هيا. شڪارپور واسي لوڪي رام ڏوڏيجا نئين سر رامائڻ لکي. ان کان علاوه سنڌ جومهان قوي شيخ اياز پڻ شڪارپور ڄائو هيو جنهن جي ادبي قد ڪاٺ جو ٻيو ڪو مٽ ۽ ثاني ڪونهي. انهن کان علاوه گرڌاري لال ڏوڏيجا، آغا سليم، رام ڄيٺ ملاڻي، بيدم ناتوان، عبدالڪريم چشتي، مولانا دين محمد وفائي، آدرش، اعجاز منگي، نثار منصور، محمد قاسم ماڪا، لطف الله بدوي وغيره شامل آهن. سنڌ جي سريلي راڳي بيدل مسرور جي جنم ڀومي پڻ شڪارپور آهي.
    تهذيب جا ڪوڏيا شڪارپور واسي ڪلاسيقي موسيقي جا ڄاڻونگر ۽ شوقين هوندا هيا. هندڪي دور ۾ شڪارپور شهر اندر موسيقي ۽ رقص سکڻ جا ڪيترائي اسڪول هوندا هيا جتي ٻالڪ ۽ ٻالڪيون گيان سکندا هئا. ان دور ۾ موسيقي ۽ رقص تفريح، مستقبل، آرٽ، وندر، لاءِ سکيا ويندا هيا. 1897ع ۾ ٺاڪرداس ناگراڻي، آغا صوفي، مهاراج تيج ڀنداس ۽ ڪجهه ٻين دوستن گڏجي شڪارپور ۾ ڌرموپڪار اميچوئر سوسائٽي نالي پهرئين ڊراميٽڪ سوسائٽي ٺاهي. ان دور ۾ اسٽيج ڊراما ۽ سينيمائن جو اوج هوندو هيو.
    شهر ۾ بيگاري ڪينال جي ڪناري بيٺل پپر جي وڻن ڀرسان هڪ ناٽڪ سڀا ٿيٽر پڻ هوندو هيو جتي هولي تهوار جا ستئي ڏينهن شهر جا هندو گڏجي هولي جو هاندو منعقد ڪندا هيا. ان موقعي تي سنڌ ۽ انڊيا مان بهتري فنڪار جهڙوڪ خانصاحب بڙي غلام علي خان، وامن رائو، پٽورڌن، پنڊت وياس، اومڪارناٿ، خانصاحب مبارڪ علي خان، ڪجراري عنايت بائي، مختيار بيگم وغيره کي خاص طور تي گهرايوويندو هيو. تمام آيل مهمانن کي وڏي پاٻوهه سان هندو سيٺين جي بنگلن ۾ رهائش ڏني ويندي هئي جتي هنن کي مان مرياده سان گڏ محبت ۽ قيمتي تحائف پڻ ڏنا ويندا هيا. موسيقي جي اهڙي سالياني پروگرامن کي شڪارپور جي تاريخ ۾ تمام گهڻي اهميت مليل آهي.
    پنهنجي جوڀن جي دور ۾ شهر اندر 130 کان مٿي پاڻي پيئڻ وارا کوهه هئڻ سان گڏ آبادي جي ضرورتن پٽاندر شهر جي مختلف محلن ۾ پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا حوض ٺهرايل هوندا هيا. شهرن ۾ مسافرن لاءِ خاص مسافرخانا ٺهرايا ويندا هيا. ان دور ۾ شهر جي وڏن ماڻهن ۾ پنهنجي مهمانن کي گهمائڻ لاءِ ٽانگو پاڻ جوٽڻ ۽ هلائڻ جو رواج پڻ هوندو هيو.
    شڪارپور شهر جي تاريخ ۾ شاندار شهري منصوبه بندي، آرڪيٽيڪچر، جاين جي ٺاهڻ، بيهڪ بيهارڻ ۽ سينگارڻ، سرن جي بيمثال ترڪيبن جو مختلف استعمال، پهڻي هنرمنديون ۽ دلآويز ڪاٺڪي ترڪيبون، ترتيبون، هنرمنديون تمام گهڻي جڳهه والارين ٿيون جن کي مڪمل ٿيڻ ۾ يقينن ڪيترائي سال لڳي ويا هوندا. ڪاٺ جي مختلف سائيزن جا متاثر ڪندڙ بيشمار مجسما ۽ تزئين و آرائش جا نفيس نمونا پراڻي شڪارپور جي هر پراڻي محلي ۾ اڃان تائين ڏسي سگهجن ٿا. ان دور ۾ عمارت جون ڇتيون به گهڻو تڻو ڪاٺ جي پٽين سان ٺاهيون وينديون هيون. درين ۾ ڪٿي ڪٿي ڪاٺ جي چونڪ سان شيشا به ڪتب آندا ويندا هيا. پراڻي عمارتن جي دروازن، درين، ٺلهن، بالڪونين وغيره تي مختلف گلن جي انيڪ گلڪارين جو امتزاج انتهائي سهڻو ۽ سنجيدهه آهي جيڪو شڪارپور جي قديم شهرين جي ذوق ۽ شوق جي جيئرو جاڳندو ثبوت آهن جيڪي اڃان تائين انهن پراڻي، ٽٽندڙ ڀرندڙ عمارتن کي ماءُ جي تن جيان چنبڙيو پيو آهن. يهودين جي قبرستان ۾ به ڪنهن دور ڪجهه مجسما ڏٺا ويندا هيا جتان ماڻهو ڪتبا به چورائي ويا ۽ پوءِ ان جي زمين تي به شاهينگن قبضو ڪري ورتو. شهر ۾ هڪ تحخانو پڻ هوندو هيو جتي گرمي جي موسم ۾ دوستن يارن جا انبوهه اچي پناهه وٺندا هيا، جتي ڪچهريون لڳنديون هيون، تاس، لوڊو، نوٽڻ، شطرنج وغيره پڻ کيڏيون وينديون هيون.
    ورهاڱي کانپوءِ جيڪي هزارين مسلمان هندستان ڇڏي سنڌ ۾ ڪاهي آيا تن مان ڪيئي ڪٽڪ شڪارپور پڻ اچي لٿا جڏهن ته هتان جا اصل وارث هتان لوڌي ڪڍيا ويا جن جا خالي ٿيل شاندار گهر، بنگلا، محل ۽ ماڙيون انهن بي گهر مهاجرن کي ڪليم ۾ ڏنا ويا جن مان اڪثر آباديون ڪجهه سال هتي رهي پوءِ ڪراچي، حيدرآباد يا ڪنهن ٻئي شهر لاڏائو ٿيا ته انهن گهرن مان قيمتي سامان، گلڪاريون، سهڻا شيشا، بي مثال در، خوبصورت دريون، ڳالهائيندڙ مورتيون، مجسما ۽ پراڻي هنرن جا املهه نمونا وغيره اڊڙيندا پٽيون پاڻ سان گڏ کنيون وڃي گهڻن ته چور بازارن ۾ کپايا باقي رهيلن پنهنجي نون گهرن ۾ لڳايا. پاڪستان جي مختلف شهرن جي پراڻن محلن ۽ خاص طور تي ڪراچي جي پراڻن گهرن ۾ شڪارپور مان نڪتل بيشمار اهڙيون شيون هن وقت به ڏسي سگهجن ٿيون. اصل ۾ انڊيا مان آيل مهاجرن کي انهن پراڻي عمارتن يا شهر سان ذهني يا نفسياتي لڳائو ڪونه هيو.
    بيشمار تاريخي عمارتون اڃان به زنده آهن پر اصلوڪي شاندارحالت ۾ ڪونه آهن جو لاوارثي جي ور چڙهيل هئڻ ڪري انهن جو اوج ۽ جواني تباهه ٿي چڪو آهي، کوڙ ساريون اتهاسڪ عمارتون مري چڪيون آهن، ڪيتريون سڪرات جي عالم ۾ آهن، ڪجهه ڪوما جي حالت ۾ آهن نه زندن ۾ نه مردن ۾. انهن ۾ اهم ديوان بلڊنگ، شيخ ماڙي، پراڻي مختيارڪاري، سومرا محلي ۾ وحيد منزل، ست دري واري عمارت، اسلاميه هاءِ اسڪول بلڊنگ، حاجي فتح محمد ٽاور، ريلوي اسٽيشن پڻ تباهي طرف وڃي رهيون آهن پر انهن کي ڪو سنڀالڻ وارو، پرگهور لهڻ وارو ۽ انهن جي حالت سڌارڻ وارو ڪوبه نظر ڪونه اچي ٿو. ڪيترين ئي تاريخي عمارتن کي ڪاروباري بڻائي دوڪان ۽ سينٽر ٺهرايا وياآهن مون کي سمجه ۾ نه ٿو اچي ته تاريخي عمارتن ۾ ڪاروباري چر پر تي سرڪاري ادار ا ڇو خاموش آهن.
    اهو عمل هن وقت به جاري و ساري آهي اڳي جيڪو ڪم ڌارين ڪيو سو هاڻي شڪارپور ڄاوا ڪري رهيا آهن جو ڪجهه روپين جي ڪري پنهنجي ئي گهرن مان بچيل سچيل اهڙين هنرمندين جا تمام ڪارائتا ڪردار ڪپيندا، رهڙيندا، اکيڙيندا، ڪڍندا ڪراچي اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور وغيره جي انهن بازارو ڪاروباري چورن کي کپائيندا رهن ٿا جن جا دلال شڪارپور جي مختلف هنڌن تي دوڪان کوليون ويٺاآهن.
    اڃان به بيشمار اهڙيون عمارتون جيڪي پنهنجي هنج ۾ اسان جي ماضي جي عظيم هنرمندن، چترڪارن، فنڪارن ۽ آرٽسٽن جون هنرمنديون سنڀاليون انهن چورن کان لڪايون ويٺيون آهن پر انهن عظيم ورثن سان نه حڪومتي ڌڙن کي ڪا دلچسپي نظر اچي ٿي نه ئي انهن ماڻهن کي جن جي قبضي هيٺ شڪارپور جي شاندار ماضي جي گواهي ڏيندڙ اهي نشانيون آهن.
    ورهاڱي کان پوءِ هن وقت تائين بيشمار مشهور ماڻهن، سياستدانن ۽ زميندارن ۽ سردارن کي شڪارپور جي هن ڌرتي جنم ڏنو جن ۾ خاص الله بخش سومرو، سر غلام حسين هدايت الله، اي ڪي بروهي، سردار غوث بخش مهر، سردار واحد بخش ڀيو، اقبال ترين، سردار جهانگير خان ڪاڪيپوٽو، غلام مجتبي انصاري، احمد ميان سومرو، محمد ميان سومرو، امتياز شيخ، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، افتخار سومرو، آفتاب شعبان ميراڻي وغيره خاص سياسي شڪارپوري سمجهيا وڃن ٿا. بدقسمتي سان انهن سڀني مان ڪنهن هڪ به پنهنجي محبوب شهر جي بربادي، اجڙيل باغن، ڀرندڙ رستن، ڇڻندڙ بازارن، تباهي ڏانهن ويندڙ تعليمي ادارن، بيگاني اسپتالن، بي واهي جنگلن ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو آهي. جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ به شهر جي خسته حالي تي ڪڏهن پنهنجائپ واري نظر وجهي هاته شڪارپور جي اهڙي صورتحال ڪونه هجي اها. انهن ماڻهن ته پراڻي شهر جي دشا ۽ دشا ئي مٽائي ڇڏي آهي. ڪنهن دور ۾ جن تاريخي عمارتن جا اڱڻ اگر بتين جي ٿڌڙي خوشبوئن سان مهڪندا رهندا هيا انهن عمارتن جي وشال اڱڻن ۾ مون اڄ مينهن جا واڙا ڏٺا. ڪنهن دور ۾ جنهن شڪارپور جي شهري سماج ۾ نو رس ڪلائون ملنديون هيون. هاڻي سموري شهر ۾ ورلي ڪوٽڙيل گل ملي جو ورهاڱي کانپوءِ تعليم يافته ۽ ڪاروباري گل پوکيندڙ هندو طبقو شڪارپور مان هليو ويو ۽ مهاجر اتان هتي ڪهي آيا انهن مان ڪنهن کي پراڻي عمارتن يا شهر سان ذهني لڳائو ڪونه هيو.
    شهر ۽ ضلع جا گهڻا تڻا زميني، ماحولي، سياسي، سماجي ۽ انتظامي قبضه خور، ريپسٽ، اغوا جون وارداتون ڪندڙ، ڦورو طبقا، رولو بدمعاش بدقسمتي سان شهر جي ڀلو سڏائيندڙ طبقن جا ئي ڪارندا آهن. پوءِ جتي چڱا چور جا ڀاڱيوار هجن اتي ادارن، شهرن، روڊن، رستن، دوڪانن، دوڪاندارن جو اهڙو ئي برو حشر هوندو آهي جهڙو هن وقت شڪارپور جهڙي شاندار تاريخي شهر جي ڌرتي جو آهي جيڪا پنهنجي ئي دوستن، ساٿين، وارثن، اولادن، اڳواڻن، تاجرن، هارين، نارين هٿاران پنهنجو اوج وڃائيندي وڃائيندي تاريخ جي بد ترين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي. اجتمائي تهذيبن جو مالڪ هي بالغ شهر اڄڪلهه شديد هيڻائي ۽ مسڪيني واري زندگي گذاري رهيو آهي جو هن عظيم شهر جون جوانيون، جولانيون ۽ رونقون الائي جي ڪهڙو راڪاس ڳيت ڏئي ڳهي ويو.
    اڄ اسان وٽ هي شهر شڪارپور آهي جيڪو سرن، سروٽن، گند جي ڍيرن، ڪچري دانن، ناڪام اڳواڻي، تباهه انتظاميه، برباد شهريت، ڀڃ ڊاهه، سماجي بي راهه روي، انڪروچمينٽ، قبضه گيري، اغوا جي وارداتن، سماجي، سياسي ۽ عمارتي بيگانگي لاءِ دنيا ڀر ۾ مشهور آهي پر هاڻي هي شهر اهڙو ڪونه رهيو آهي جهڙو اسان تاريخ جي پنن ۽ تهذيب جي پس منظر ۾ پڙهندا رهندا آهيون ته شڪارپور ڪنهن دور ۾ سنڌ جو پيرس هوندو هيو. هاڻي لڳي ٿو ته ان شهر جا ماڻهو دلين ۾ ڪارو رنگ لڳائي گهرن کان نڪرندا آهن جو اهي سڀئي گڏجي 400 سال پراڻي اتهاس مٽائي رهيا آهن. هي ماڻهو تاريخ جو هي ننڍڙو سبق ياد رکڻ جهڙا به ڪونه رهيا آهن ته پنهنجي شهر، پنهنجي ماضي، پنهنجي ابن ڏاڏن جي نشانين، پنهنجي خوابن جو اتهاس وسارڻ وارن ماڻهن جو ڪوبه مستقبل ڪونه هوندو آهي.
    پراڻي شڪارپور ۾ وندر جا ميدان ۽ باغات تمام گهڻاهوندا هيا. شهر جي چوڌاري وڏا وڏا خوبصورت باغات، پارڪ، کيڏڻ جا ميدان، گلن ڦلن سان واسيل گهرن جا آڳر هوندا هيا. شڪارپور ۾ ان دور ۾ پاڻي به تمام گهڻو هوندو هيو. شڪارپور واسي گلن جا ايترا ته شوقين هوندا هيا جو شهر ۾ اندر رستن جي هڪ طرف ڳاڙهن گلن جو قطارون پوکيل هونديون هيون ته ٻئي طرف اڇن گلن جون. هي جو هاڻي ڪنهن بيوهه جي اجڙيل بانڪپن جهڙو شهر آهي ان جو سمورو ماحول سائو، سهڻو ۽ سڳنڌو هوندو هيو پر شاهي باغ جي ته ڳالهه ئي نرالي هوندي هئي جيڪو شهر جو بيگاري واهه اڪرجي سامهون پوندو هيو.
    شاهي باغ انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ 1871ع جوڙيو ويو جيڪو ان دور جو خوبصورت ترين باغ هوندو هيو جنهن ۾ سوين گلن، ٻوٽن، ولين ۽ وڻن جي آبادي باغ جي خوبصورتي جي ضامن هوندي هئي. باغ جي خوبصورتي وڌائڻ لاءِ اتي هڪ گوٿڪ اڏاوتي انداز جو خيمو ٺهيل هوندو هيو. پنهنجي دور ۾ هي باغ خوبصورت ٻوٽن ۽ ٻهڪندڙ گلن جي ڪري مشهور هوندو هيو. باغ جي اندر هڪ سٺو چڙيا گهر هوندو هيو جنهن جي اندر ڪنهن دور ۾ شينهن، رڇن، ڦاڙهن، گورخرن، هرڻن، باندرن، چيتن ۽ ٻين سوين جانورن ۽ پکين جي وڏي آبادي هوندي هئي جيڪا بعد ۾ ڪراچي منتقل ڪئي وئي. هن باغ ۾پيرسٽن ڦيل جو ڊيزائن ڪيل شاندار پورچ پڻ هوندو هيو جنهن کي سيپٽمبر 1871ع ۾ سرڊبليوميري ويڌر اڏرايو هيو.
    ڪنهن دور ۾ اها تفريح گاهه حيدرآباد ۽ ڪراچي واري تفريح گاهن کان پڻ ڀلي هوندي هئي پر اڄ هي باغ نه رڳو پنهنجي حيواني آبادي پر پنهنجي جواني، اوج، حيثيت ۽ اهميت پڻ وڃائي ويٺو آهي. ان لاءِ اڄ ماضي جو هي شاندار باغ گهڻو تڻو چورن، جيب ڪترن، چرسن، شهر جي لوفر طبقن لاءِ بهترين آماجگاهه بڻيل آهي جن مان باغ ۾ ڀلجي آيل ملاقاتي هر طرح سان پريشان ٿيندا رهندا آهن. اهڙن خوفائتن عنصرن سبب سال ٿيا آهن جو عام ملاقاتي، سير سياحت جا شوقين ماڻهو، مسافر يا ٽورست هيڏانهن جو رخ ئي ڪونه ٿا ڪن.
    شاهي باغ جي حالت ايتري ته مون کي ابتر لڳي جو مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا لکان. سچ ۾ شاهي باغ جي تاريخ ۽ ان جي شان شوڪت جي باري ۾ علم هئڻ سبب ان جي موجود حالت ڏسي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. سڀ کان پهريون ته ڏک باغ جي ڀڳل ٽٽل دروازي ۽ ان جي مٿان بيڪاري ۽ بيگاري ۾ جڙيل تاج ڏسي ٿيو تنهن کان پوءِ ان تي باغ تي لکيل نالو ڏسي ڪن ٺري ويا ته ”شهيد الله بخش ميونسپل شاهي باغ” جڏهن ته ڪنهن دور ۾ ان تي “شاهي باغ تعلقه ايڊمنسٽريشن شڪارپور” لکيل هوندو هيو. خير انٽري واري سموري تاج کي هيٺان کان مٿي تائين شهر جي سياسي ٺڳن جي لڳل پوسٽرن سان خراب ترين بڻائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    شڪارپور شهر کي پراڻي دور ۾ چوڌاري هڪ قديم ڪچي قلعه بندي ٿيل هوندي هئي جنهن جي ڊيگهه 3800 گز هوندي هئي. ان گول چوديواري ۾ اٺ وڏا ڦاٽڪ هوندا هيا جن ۾ ڏيهي ساخت جا ايترا ته ويڪرا در لڳل هوندا هيا جن مان هاٿي به آساني سان اچي وڃي سگهي. ان کان علاوه صديقي ماڙي نالي هڪ دري پڻ هوندي هئي. انهن درن جا نالا لکي در، هاٿي در، هزاري در، سيوي در، ڪارڻ در، ونگوڙو در، خانپور در ۽ نوشيرو در هوندا هيا. هن وقت به اتي موجود نئين آبادين تي ساڳا ئي نالا رکيل آهن. اهي تمام در ان پراڻي قلعه بندي جي يادگار آهن جي ڪنهن دور ۾ دائودپوٽن شهر جي حفاظت خاطر تعمير ڪرائي هئي جنهن جا آثار 1940ع تائين پنهنجي جاءِ تي نظر ايندا هئا. ان چوديواري جي چوڌاري پاڻي جو هڪ اونهو وهڪرو پڻ کوٽايو ويو هيو جنهن کي بعد ۾ برطانوي حڪومت بند ڪرائي ان مٿان گول روڊ ٺهرائي ڇڏيوهيو.
    انهن سڀني درن مان لکي در کي شهر جو مرڪزي حصو هئڻ ڪري تمام گهڻي حيثيت حاصل آهي. سانجهي ڌاري شهري لکي ڌر واري علائقي ۾ اچڻ شروع ٿيندا آهن جو اهو شهر جو ڪمرشيل حب پڻ آهي جتي موجود مختلف هوٽلن تي نه رڳو ماڻهو ويهي ڊاڙ ڊشون هڻنداآهن پر چانهه، ٿاڌل، کير، لسي، جو سان مزو پڻ وٺندا آهن ته ڪچهري، ڀوڳ ٺڪاو پڻ هڻندا آهن. قلفي فلودو پڻ لکي در جو خاص تحفو بانئيو ويندو آهي. شڪارپور گهمڻ وارن لاءِ لکيو ويندوآ ته جيڪڏهن انهن لکي در نه ڏٺوته پوءِ ڄڻ ته شڪاپور ئي ڪونه ڏٺو.
    هي بازار پراڻي شهر جي مرڪز ۾ واقع هوندي هئي جنهن جي ٻنهي پاسن کان دوڪان هوندا هيا. وچ واري رستي جي مٿان ڪاٺ جي وڏن ڪمانن، شهتيرن، پٽين ۽ پليٽن جي مظبوط ڇت ڏنل هوندي هئي جيڪا دوڪاندارن ۽ گيراهڪن کي گرمي ۾ اس جي شدت کان بچائيندي هئي ته سياري ۾ شديد سردي کان. ڍڪ بازارحقيقت ۾ عمارتي ڪاٺ جي اڏاوتي مهارت جو شاندار مثال هوندي هئي. اهڙي قسم جو ڍڪيل ڇتيون ان دور جي انوسار دنيا ڀر جي ترقي يافته شهرن جي بازارن کي ڏنل هونديون هيون.
    شهر جي هيءَ خاص بازار 800 گز ڊگهي هوندي هئي جنهن جو ڊگهو سوڙهو ۽ اونداهو رستو شهر کي ٻن حصن ۾ ورهائيندو هيو. بازار کي اس ۽ گرمي کان بچائڻ لاءِ ڪنڊين واري ڪامن سان ڍڪي تڏن سان ڇانئيو ويندو هيو. اوندهه جي بندوبست لاءِ ڇت ۾ ٿوري ٿوري فاصلي ٿي منگهه ۽ روشندان رکيا ويا هيا. اتي هٽ به ايترا ته ننڍڙا ۽ سوڙها هوندا هيا ڄڻ ته کي کليل صندوڪون هجن. بازار ۾ ماڻهن جي پيهه گپا گيهه لڳي پئي هوندي هئي، هڪڙا ماڻهو پيا ويندا هيا ته ٻيا پيا ايندا هيا. اهڙي ئي قسم جي بهاري شهر جي هوندي هئي جو هر مهل ڄڻ ته ميلي جي مهل هوندي هئي. بازار ۾ مختلف ملڪن جي سڪن جي مٽا سٽا وارو ڌنڌو 4 وڳي کان پوءِ شروع ٿيندو هيو. بازار جي ڇيڙي وٽ هڪ منارو هوندو هيو جهن ۾ روشني لاءِ رات جو بتي ٻاري رکي ويندي هئي.
    اڄ ڪلهه ڍڪ بازار جي اهڙي حالت آهي جو ڄڻ ڪنهن سو سال جي مردي جو لاش، جتان ڪٿان ڳريل، کاڌل، ڪپيل، ڳريل، ٽٽل، ويران، اجڙيل، بجلي جون اڍنگيون تارون ڄاري جيان سموري بازار کي وڪوڙيل، ڪوريئڙن جا ڍڳ ڄارا ڏسي ائين لڳي ٿو ڄڻ ته اهي ورهاڳي کان پوءِ سموري هندستان مان شڪارپور جي ڍڪ بازار ۾ اچي آباد ٿي پنهنجي ويڙهاوسائيندا رهيا آهن.
    سچ اهو به آهي ته هاڻي ڍڪ بازار ڍڪيل بازار ڪونه رهي آهي ڪٿي ڪٿي پراڻي ڪاٺ جا لڳل فريم اڃان بيٺا آهن پر ان جو تاڪيون گهڻو تڻو ختم ٿي ڇڻي ڀري ڪري غائب ٿي چڪيون آهن. جتان ڪٿان مٿئين ڍڪ مان سج جا ڪرڻا ليئا پائي رهيا هيا جن سان سدائين مٽي ۽ ڌوڙيل دز به ساٿاري هوندي آهي. بازار جي منڍ واري داخلي محراب مٿان پراڻي دور جي ڪاٺڪي فريم ۾ هڪ لائوڊ اسپيڪر به اڃان تائين لڳل آهي. بازار جي اندر به ڪٿي ڪٿي لائوڊ اسپيڪر ڇت جي ڀڳل ٽٽل ڪاٺن ۾ ٻڌل نظر آيا. منڍ کان وٺي سموري بازار ورو مٿيون ڍڪ ۽ ان سان سلهاڙيل ڪاٺ، پلر، دريون، ڪجهه تاڪيون مٽي دز سان ٻوڪيل آهن جيڪي اجهو ڪريون اجهوڪريون جو ورد ورجائي رهيون هيون آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو