قمبر علي خان

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    قدرتي، فطرتي ۽ معدني خزانن سان مالامال قمبرعلي خان
    سنڌ جي بهترين شهر جو بدترين مثال (پياري عرفان بلوچ لاءِ)

    آصف رضا موريو

    توڙي جو قمبر علي خان جي چوڌاري موجود علائقو هن جهوني ۽ جهرندڙ ڌرتي جو قديم ترين علائقو آهي جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ موجود پهاڙن، ندين ۽ فلڪ بوس چوٽين ۾ صدين جي تاريخن، تهذيبن، روايتن ۽ قديم آثارن جا پڙاڏا سڏڪا ڀري رهيا آهن پر بذاتِ خود قمبر شهر جي عمر اڍائي ٽي سو سال جي لڳ ڀڳ چئي سگهجي ٿي. هن شهر جو بڻياد سنڌ جي ڪلهوڙو حڪمرانن جي دور ۾ پيو هيو. قمبرعلي جي نالي واري ان همراهه جنهن هن شهر ۾ پهريان ڪک پکا اڏيا تنهن متعلق روايتون آهن ته اهو ذات جو گوپانگ هيو. ڪجهه مورخ هن شهر کي ڪلهوڙو حڪمرانن جي صوبيدار عيسي خان ڪلهوڙو جي ڀاءُ قمبر علي سان پڻ منسوب ڪن ٿا. انهن ٻنهي روايتن جا ڪيترائي ڪمزور تاريخي پهلو به آهن پر تيسيتائين انهن کي ئي درست مڃڻ مناسب ٿيندو جيسيتائين ڪو مورخ يا محقق انهن کان وڌيڪ ڪا سگهاري ڳالهه سامهون نه ٿو آڻي.
    عمر جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ته قمبر يقينن هڪ ننڍڙو ڳوٺ رهيو هوندو جيڪو وقت سان گڏ وڌندي وسندي وڌندو رهيو. 1961ع ۾ قمبر جي آبادي پندرهن سورنهن هزار ماڻهن تي مشتل هوندي هئي، 1974ع ۾ 34484 هزار هئي جيڪا 1976ع ۾ پنجويهه هزار ماڻهن کي وڃي پڳي. 1981ع ۾ ٿيندڙ مردم شماري مطابق هن شهر جي آبادي 45 هزار هئي. ڪنهن دور جي هي ننڍڙي وستي هاڻي ميلن تائين پکڙجي وئي آهي. پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ، قدرتي خوبصورتي ۽ فطري ماحول زندگي سان سازگار هئڻ سبب جلد ئي هي آبادي چڱيرڙي وشال شهر ۾ تبديل ٿيندي وئي.
    1 مئي 1862ع ڌاري انگريزن پنهنجي دور حڪومت ۾ قمبر کي شڪارپور ضلعي جو تعلقو بڻايو. 1901ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻو کي ضلعو بڻايو ويو ته قمبر کي شڪارپور مان ڪڍي لاڙڪاڻو ضلع ۾ شامل ڪيو ويو. 13 ڊسمبر 2004ع ۾ قمبر شهر کي ضلعو بڻايو ويو پر شهدادڪوٽ جي ڪجهه سياسي اڳواڻن ۽ عام ماڻهن طرفان احتجاج ڪرڻ سبب ۽ حڪومتِ وقت ۾ ان شهر جي طاقتور ماڻهن جي ڀوتاري هئڻ سبب ٻنهي پاڙيسري شهرن کي ملائي قمبر شهدادڪوٽ نالو رکي هڪ ضلعو ٺاهيو ويو ۽ تر جي وڏي زميندار نواب شبير احمد چانڊيو کي شهر جو ناظم بڻايو ويو. قمبر شهر ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جو گادي هئڻ سان گڏ تعلقو پڻ آهي جنهن جي پکيڙ هن وقت قريبن 2348 چورس ڪلوميٽر جي ويجهو آهي. هن تعلقي جون حدون اوڀر ۾ لاڙڪاڻو ضلع سان، اولهه ۾ بلوچستان صوبي سان، اتر ۾ ميروخان ۽ شهدادڪوٽ سان جڏهن ته ڏکڻ ۾ وارهه، ميهڙ، نصيرآباد ۽ خيرپورناٿن شاهه تعلقن سان ملن ٿيون.
    قمبر وارو علائقو اتر ليٽيٽيوڊ ۾ 27.330 ايف ۽ لانگيٽيوڊ ۾ 68.160 ايف ۾ جاءِ والاري ٿو. سنڌ جو هي شهر جيڪب آباد، نواب شاه ۽ لاڙڪاڻو کان پوءِ پاڪستان جو گرم ترين علائقو آهي جتي وڌ ۾ وڌ گرمي جو پد 124.880 جيڪو 2002ع جي اونهاري ۾ ريڪارڊ ڪيو ويو هيو جڏهن ته ان جي ابتڙ ساڳي سال جي سياري ۾ ٿڌ جو تناسب F 770 رپورٽ ٿيو هيو. هن علائقي ۾ گهم 60 کان 40 فيصد تائين ٿيندي رهندي آهي جڏهن ته برسات جو تناسب 100 کان 120 ملي ميٽرن تائين ريڪارڊ تي ملي ٿو.
    قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي واري زميني حصي مان 75 فيصد زراعت لاءِ مناسب آهي، 15 فيصد اولهندي پهاڙن تي مشتمل آهي جڏهن ته 10 فيصد حصو پهاڙن جي پاڙن وارو علائقو آهي. خاص قمبر شهر ۽ تعلقي جي زمين جو 35 فيصد حصو زراعت تي مشتمل آهي، 65 فيصد حصي تي ڍنڍون، ڍورا جهڙوڪ حمل ڍنڍ، ساروهه ڍنڍ، ڇڳڙو ڍنڍ، ڊرگهه ڍنڍ وغيره ۽ جابلو سلسلا آهن جن مان ڪتي جي قبر پڻ هڪ آهي. کيرٿر وارو جابلو سلسلو قمبر جي الهندي سرحد وٽان گذري ٿو. قمبر واري علائقي جي زمين ڪيلشم ڪاربونيٽ، سليڪون ڊاءِ آڪسائيڊ، ميگنيشم ۽ پوٽاشيم جي عنصرن جي ترڪيبن تي مشتمل آهي جن جي گهڻائي يا گهٽتائي زراعت لاءِ نقصانڪار ٻڌائي وڃي ٿو.
    اولهه ۾ کيرٿر جون جابلو چوٽيون هئڻ سبب اولاهيون هوائون قمبر شهر کي گهٽ نصيب ٿينديون آهن پر اوڀر ۽ ڏاکڻئين طرف کان ايندڙ زوردار ۽ گرم هوائون علائقي ۾ تڪڙيون پهچنديون آهن. عربي سمنڊ جون هوائون قمبر تائين صبح جو 9 وڳي تائين پهچي وينديون آهن پر راجستان، نارا ۽ ٿر صحرا واريون زميني هوائون مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ صبح جو سويري پهچي وينديون آهن.
    قمبر شهداد ڪوٽ وارو ڪوهستاني حصو 12 کان 13 ميل ويڪرو آهي جيڪو اتر کان ڏکڻ تائين قريبن 40 ميلن تائين هلندي وڃي ڏاکڻئين ضلعي دادو ۾ پوي ٿو. کيرٿر جا قمبر سان سلهاڙيل علائقا معدنيات سان ڀريل آهن جتان تيل، گيس، پيٽرول، لوهه ۽ ٻيون بيشمار معدنيات ملي رهيون آهن. هن ضلعي جي اولهه ۾ کيرٿر جي ڏاڙهياڙو شاخ جي پهاڙين جو ڊگهو سلسلو آهي جتان چوني ۽ سيمنٽ جو پٿر گهڻائي ۾ ملي ٿو جن جا ڪارخانا هتي لڳائي سگهجن ٿا پر هتان جا ڀوتار اهڙي عوامي چڱائي ڪرڻ جي خلاف آهن.
    معدنياتي، ماحولياتي، جاگرافيائي ۽ جيولوجي جي خوبصورت دنيائن سان مالامال هي هڪ اهڙو زميني خطو آهي جتي مالڪِ ڪائنات جون تمام فطرتي ۽ قدرتي سخاوتون پنهنجي مڪمل جولانين ۽ جوانين سان گڏ ڪثرت سان موجود آهن. ڪائنات جون سموريون موسمون، گرميون، سرديون، برف باريون، بهار،خزائون، بارشون ۽ سوڪهڙا سال جا ٻارنهن ئي مهينا هتي ساهه کڻندي ملن ٿا. هن تعلقي جي جاگرافيائي بيهڪ قدرتي طور تي ٽن علائقن ۾ تقسيم ٿيل ملي ٿي جهڙوڪ ڪوهستاني علائقي جو مرڪزي حصو يعني دشتِ باران يا ڪڇ وارو علائقو جنهن کي ڪاڇو سڏيو وڃي ٿو. ٻيو حصو آهي لٽاسو جنهن جي مٽي 15 سيڪڙو چيڪي، 20 سيڪڙو وارياسي ۽ 65 سيڪڙو بئراجي آهي. ٽيون حصو آهي چن، واري ۽ اڱري پٿرن سان مالامال ڪوهستاني حصو جنهن ۾ قمبر ضلعي جي ايراضي جو ٻه ڀاڱي پنجون حصو شامل آهي. جاگرافيائي اميرائپ سان مالامال قمبر جهڙو علائقو ۽ خوبصورت زميني سنگم اسان جي ملڪ ۾ ورلي ڪٿي ملندو پر جيڪڏهن ملندو به ته اهڙي فطري شاهوڪاري سان گڏ نه.
    افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته قمبر تعلقو پاڪستان جي بهترين علائقن جو بدترين مثال آهي جنهن جي اڻانگي پيچرن، مشڪل دنگن، اونچي ڏنگن ڏونگرن ۽ انگڻ ونگڻ لاهين چاڙهين آڌارت هزارن جي تعداد ۾ تفريحي مقام، نديون، فلڪ پوش چوٽيون، تاريخي تهذيبي ماڳ، قبل از تاريخ جي وسندين جا آثار، انساني ارتقا جون هزارين آکاڻيون، شروعاتي تهذيبن جا بيشمار اهڃاڻ سيني ۾ سانڍيل هئڻ سان گڏ هي علائقو گيس، پيٽرول، سنگ مرمر، چاڪ، چوني جي پٿر، جپسم، شيهي، لوڻ، ڪوئلي، گندرف جي خزانن سان ڳتيو ۽ قيمتي پٿرن جي پهاڙن سان سٿيو پيو آهي. ان کان علاوه ڍنڍن، ڍورن، تيرٿ آستانن، قديم دريائن جي ڦاٽن، حمل، ڊرگهه ۽ لنگهه جهڙي وشال قدرتي ڍنڍن سان سينگاريل آهي جن کي وسائڻ لاءِ دنيا ڀر جي سرد علائقن مان سياري جي موسم ۾ ڪروڙين پکي ڪهي ايندا آهن پر انهن مان ڪي خوشنصيب ئي هتان جي لوڀي سردارن، ڪمدارن، مارين ۽ شڪارين جي بندوقي چالبازين مان پاڻ بچائي واپس ماڳين ورندا هوندا.
    قمبر تعلقي جي پسگردائي ۾ موجود اهڙيون خوبصورتيون جيڪڏهن ساڃاهه وند ملڪن يا باشعور قومن وٽ هجن ها ته يقينن اهو ماڳ دنيا ڀر جي سياحن لاءِ ڌرتي تي جنت مثل بڻجي پوي ها جتان هن شهر کي ڪروڙين روپيا ملڻ گهرجن پر اسان جي بدعنوان سياستدانن، وڏيرن، سردارن جي ڀيانڪ ڪردارن ۽ روين سان گڏ اڻ پڙهيل عوام جي جهالت سبب هي جنت نظير علائقو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ نوگو ايريا بڻيل آهن. سرڪار، پوليس ۽ عدالت جو ته اهڙن علائقن ۾ تصور به ڪونه هوندو آهي بس هر علائقي جو چڱو مڙس، وڏيرو يا وڏيري جو ڪمي ڪمدار ئي اتي قانون ۽ سرڪار هوندو آهي. هنن علائقن جا چڱا مٺا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اڃان تائين پنهنجي ايندڙ نسلن کي نه پڙهائي جي ڪا خاص سهولت ڏئي سگهيا آهن، نه ئي اسپتالن، اسڪولن سان گڏ روڊن رستن کي پڪو ڪري سگهياآهن. افسوس آهي جو ايڪويهين صدي جي هن جهازي دور ۾ به کيرٿر واري علائقي جا مالوند ماڻهو قبل از تاريخ واري بي ڪس، بي وس، بيڪار ۽ اٻوجهه زندگي گزاري رهيا آهي.
    قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي ۾ گهڻي تڻي آبادي مگسين ۽ چانڊين جي آهي جن جي وچ ۾ صدين کان مختلف معاملن تي جهيڙا جهٽا جهڙپون هلنديون رهيون آهن جن کي سلجهائڻ لاءِ ڪڏهن به ڪوششون ڪونه ورتيون ويون سواءِ برطانوي حڪومت جي. انگريزن جي دور ۾ ٻنهي کي کير کنڊ ڪرڻ جون گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جا وڏيرا ته پري پر عام ماڻهو به پنهنجي علائقن ۾ سڪون، ڀائيچاري ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي ناماچاري ڪن جو اسان ڪيتري به قلمي لٻاڙ هڻون پر تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ اسان جي قوم ٻڌي ڪري ڪنهن به قومي، اقتصادي يا زميني مقصد لاءِ هڪ ٿيندي نظر ڪونه ٿي اچي سواءِ راجا ڏاهر جي دور جي.
    انگريزن جي دور ۾ ڪيترائي ڀيرا مگسي چانڊين ۾ جهيڙا جهڳڙا ۽ تڪرار ٿيندا رهندا هيا پر نبيرا نه. انهن خونريز معرڪن ۾ هزارين ماڻهو مئا، معصوم عورتون اغوا ٿيون انهن جون عزتون تاراج ٿينديون رهيون، ڦرلٽ جا بازار گرم رهيا. انگريز انهن کي مڃرائڻ جا سمورا جتن ڪيا پر اهي پاڙيسري پاڻ ۾ جهٽ ٿي ڪونه سگهيا جو آخري جرگي ۾ ته انگريزن امن امان قائم ڪرڻ لاءِ چانڊئي سردار غيبي خان کي جاني تنبيهه ڏئي سندس پنهنجي علائقي غيبي ديرو کان ٻاهر هر قسم جي سرگرمين جي پابندي مڙهي ۽ مگسين جي سردار قيصرخان کي علائقي مان کڻي ملتان ۾ وڃي قيد ڪيو جتي اهو همراهه قيدي جي حيثيت ۾ ئي گذاري ويو.
    قمبر جي ڊيگهه ۽ ويڪر واري علائقي جا طاقتور قبيلا جيڪي تاريخي، ذاتي، جاگرافيائي ۽ زميني حيثيتن ۽ حقيقتن آڌارت سنڌي آهن پر ٽالپر بلوچ حڪمرانن جي دور ۾ مراعات حاصل ڪرڻ لاءِ بلوچ بڻيل سي ان سموري علائقي مان قدرتي، زميني، آبي ۽ معدني خزانا هٿيائڻ لاءِ پنهنجي ڏاڍ ۽ ڏمر جي آڌار آهستي آهستي اتان صديون پراڻيون، آباديون ۽ وستيون خالي ڪرائي رهيا آهن. هتي انگريز سرڪار ته آهي ڪونه جو ڪو ظالم ڪنهن کان ڊڄن. قاضي به سندن چوڻ تي رکجي ٿو ته وڪيل، صوبيدار، مختيارڪار، ڊي سي ۽ ڪمشنر به صبح جو آفيس وڃڻ کان اڳ انهن جي در جي سلامي ڏيندو آهي ته پوءِ مظلوم ماڻهو تدارڪ لاءِ ڪنهن ڏي وڃن. پوءِ جتي زبان رکندڙ انسانذات لاءِ هنن علائقن ۾ ڪو انصاف، ڪورٽ يا ڪو ٻيو دانهن فرياد ورنائڻ وارو ادارو ڪونه آهي ته اتي بي زبان پکين جانورن جيتن يا تاريخي ماڳن مڪانن جي ڪهڙي صورتحال هوندي جيڪي قمبر جهڙن علائقن ۾ صدين کان ايس او ايس جا سگنل ڏيندي ڏيندي ڀڄي، ڀري ۽ ڪري پنهنجو وجود وڃائي مري رهيا آهن.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    قمبر بابت اڃا تائين ٺوس کوجنا نه ٿي سگهي آهي، هن شهر جو بڻ بڻياد ڪيئن پيو، قمبر لکت ۾ صحيح آهي يا قنبر، ٻنهي مان ڪهڙي لفظ جي چونڊ مناسب هوندي، هي بحث اڃا جاري آهي، هن شهر ۽ ڀرپاسي بابت هونءَ ته اڻ ڳڻيون روايتون موجود آهن پر اهي سائنسي اعتبار نه ٿيون رکن
    هن تحقيقي دستاويز جو اصل محَقق ڪير آهي، يعني ليکڪ ڪير آهي؟
    ان جو حوالو ڏيڻ ضروري آهي
     
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنگت مون کي شڪايت آهي
    24 سيپٽمبر 2021ع تي مٺي ڄاڻايل ڪجهه سوال ڪيا، جن جا جواب نه مليا
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڳولڻ سان خبر پئي ته هي ليک محترم آصف رضا موريو جو لکيل آهي..
    حوالو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو