الطاف پيرزادو..آصف رضا موريو

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    دوست الطاف پيرزادو فون ڪري ٻڌايو ته ”تنهنجي شهر ۾ آهيان“ ۽ حڪم ڪيائي ته ملاقات ڪرڻي آهي“. مان کيس بسم الله ڪندي ڀليڪار ڪئي ته ”هليو آ هاڻي ئي جو مان گهر ويٺو آهيان“، پر چيائين ”هاڻي نه جو هن وقت ريڊيو پاڪستان تي سائين عابدڪاظمي ۽ علي مراد ٽانوري سان ملڻ آيو آهيان، اتان ٿي پريس ڪلب ويندس، نثارکوکر ۽ ڪجهه ٻين دوستن سان به ملڻو آهي. اوکا پوکا لاهي پوءِ اچان ٿو تو وٽ“. سمورو ڏينهن انتظارڪيم ۽ يار ساڍي پنجين وڳي ڌاري منهنجي گهري آيو ته ساڻس کوڙ ساريون نيون پراڻيون ڪچهريون ٿيون.
    لاڙڪاڻو جي لکاري لڏي مان تمام گهڻو مطالعو ۽ سنڌ، پاڪستان توڙي بين الاقوامي سياسي، سماجي توڙي اقتصادي معاملن تي ڳوڙهو اڀياس رکي ٿو. سندس جنم ڊوڪري تعلقي جي ٻلهڙيجي (حاجي لال بخش شيخ ڳوٺ) ۾ 12 آڪٽوبر 1972ع ڌاري ٿيو. سندس والد ڪچي جو چڱيرڙو زميندار هوندو هيو ۽ سندس گهراڻو ڳوٺاڻي حساب ڪتاب سان مڇي ماني جي لائق هوندو هيو پرکين رهڻ لاءِ ڳوٺ ۾ هڪ ڇاپرو (مننهن) هوندو هيو هين تنهن جي باوجود هي خاندان راضي پاضي زندگي گذاريندو هيو بدقسمتي سان جنرل محمد ضياءُ الحق جي دورِ ۾ ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۾ جو اچي ساٽو پيو ته ڪچي ۾ زمين کيڙيندڙ هاري ناري به پنهنجي جان ۽ عزت بچائيندي جنهن کي جاڏي وڻيو ٿري ڏاند وانگي لڏي ويا ته ڪچي جي زميندار جي گهر ۾ بک ڦٽڻ لڳي ته جنهن گهر ۾ جوئر، مڪئي، سارين، ڪڻڪ جون گنديون ڀريون پيون هونديون هيون ۽ ٽئي ويلا جنڊ تي پيسائي به هلندي هئي سي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ ڪيترن سالن تائين الله نانوءَ جي ماني وٺي جيئندان پاليندا رهيا.
    هي اهو دور هيو جو ڪچي ۾ آبادي ڪندڙ زميندار توڙي هاري پڪي تي زمين وٺڻ کي به چڱو ڪونه ڀائيندا هيا ته ”ڪلر ڪير وٺي“، جو کين يقين هوندو هيو ته ”ٻڏيءَ جا ٻيڻان“ پر ڪنهن کي خبر هئي ته ڪچو ڪمائڻ ڇڏي ڏيندو ۽ کين ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا ته زندگي جي گذران لاءِ الطاف جا ڀائر به محنت مزدوري ڪرڻ لڳا پر کيس من ۾ پڙهڻ جي اڻ تڻ هوندي هئي جو کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هوندو هيو ان لاءِ ٽي چار ڏينهن ته اسڪول پڙهڻ ويندو هيو ته باقي ڏينهن ڳوٺ ۾ ٺهندڙ جاين تي تغاري کڻندو هيو.
    الطاف پيرزادو پڙهاڪو شاگرد هوندو هيو. ان دور ۾ پري انٽري ٽيسٽ ڪونه هوندي هئي جنهن شاگرد جو اي يا اي ون گريڊ اچي تي ان جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سليڪشن پڪي ٿي ويندي هئي جڏهن فرسٽ ييئر ۾ سندس 401 مارڪون آيون ته ايندڙ سال هو پڪو ڊاڪٽر آهي پر بدقسمتي سان اڳئين سال ڪنهن سبب ڪري سندس بي گريڊ اچڻ ڪري ڊاڪٽر ڪونه ٿي سگهيو پر سندس ڳوٺائي گهاٽا يار ۽ گڏ پڙهندڙ هاڻي به کيس ڊاڪٽر ڪري ڪوٺيندا آهن.
    پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، ميٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري مان، بي اي سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻو مان (پرائيويٽ)، ۽ ايم اي صحافت ۾ (2006ع) ڪئي اٿائون.
    ٻلهڙيجي ۾ مدرسن واري ديني تعليم سان گڏ سرڪاري اسڪول پڻ هوندا هيا پر جيڪا جديد ٻلهڙيجي کاٻي ڌر جي سياست، سماجي بيداري. وڏيري جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ واري نهڪاري روايتن جوبنياد انورپيرزادي ۽ ان جي ساٿين جهڙوڪ لطف پيرزادو، قربان پيرزادو، محب پيرزادو وغيره جي مرهونِ منت آهي جن ڌاڙيلن خلاف به محاذ ڪٺاڪيا ته ڪارو ڪاري جهڙي مڪروهه رسم جو پاڙون پٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، نياڻين جي تعليم جي فروغ لاءِ به وڙهيا. وقت سان گڏ انورپيرزادو هر مثبت تبديلي متعلق پنهنجي علائقي جي نوجوانن ۾ هڪ ”ٿاٽ“ بڻجي ويو جنهن جي مزاج ۽ طبيعت ۾ ڪميونزم ۽ کاٻي ڌر وارا ڀلائين جا ڀال پڻ ڪامريڊ سوڀوگيان چنداڻي جي صحبت سبب جڙيا ۽ جنميا.
    سنڌ جي ان روايتي ڳوٺ کي جتي نه بجلي جي سهولت هجي نه تعليم جي، نه گيس جي، نه روڊ نه ٽرانسپورٽ جي مٿان وري ڪچي جي ڪپ تي اڏيل ۽ ٻيلي جي پاڙيسري ڳوٺ هئڻ ڪري ان شهر ۾ چور به هجن ته ڌاڙيل ۽ ساڌ به تنهن ٻلهڙيجي کي نه رڳو انور پيرزادو ڏيهان ڏيهه لٽل ماسڪو طور مشهور ڪرايو پر اتان جي نوجوان ٽهي کي به پڙهائي، عملي سياست، ڀٽائيات، ڪتابيات ۽ علم دوستي سان روشناس ڪرايو جن مان الطاف پيرزادو پڻ هڪ آهي.
    الطاف پيرزادو انٽر ڪري فقيرمحمد لاشاري جي دور ۾ 1993ع ڌاري روزاني سنڌي اخبارجاڳو ۾ پروف ريڊر نوڪري ڪئي جتي ڪجهه مهينا ڪم ڪيو جنهن کان پوءِ 1993ع ۾ ئي روزاني سنڌي اخبار عوامي آواز ۾ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جتي ٽرانسليٽر، سب ايڊيٽر ۽ ايڊيٽوريئل جو هڪ سلسلو پڻ سنڀاليندو هيو. 1995ع ۾ حيدرآباد بابن شاهه ڪالوني مان نڪرندڙ سنڌي اخبار ”سنڌ“ نڪتي جتي عوامي آواز جي اڌ کان وڌيڪ ٽيم هتي هلي آئي جن ۾ اعجاز منگي، ارشاد گلاباڻي، سهيل پيرزادو، ارشاد کوکر سان گڏ الطاف پيرزادو به 5 نومبر 1995ع کان سيپٽمبر 1996ع تائين هيڊ آفيس ۾ سب ايڊيٽر طورڪم ڪيو. 20 سيپٽمبر 1996ع ۾ اخبار مالڪان کيس مرتضي ڪلهوڙو ۽ فياض منگي جي جاءِ تي لاڙڪاڻو ۾ بيورو چيف ڪري موڪليو جنهن جي آفيس الرحيم هوٽل جي 2 فلور تي هوندي هئي. لاڙڪاڻو ڊويزن جي بيوروچيف هوندي الطاف پيرزادو ڪاوش ڪچهري جي ڪائونٽر ۾ سنڌ عدالت جي نالي تي لاڙڪاڻو جي مختلف شهرن جهڙوڪ ڊکڻ، مديجي، شهدادڪوٽ، قمبر، جيڪب آباد وغيره ۾ عوامي ڪچهريون ڪرائيندو هيو جتي شهر جي ڪامورن کي به سامهون گهرايون ويندو هيو جيڪي عوام کي درپيش مسئلن جا جواب ڏيندا هيا.
    الطاف پيرزادو سان لاڙڪاڻو واري اخباري دور ۾ هر ٻئي ڏينهن ساڻس منهنجون ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون ڪڏهن ڪڏهن مهراڻ هوٽل تي، ڪڏهن منهنجي گهر ته ڪڏهن سندس گجڻ پور واري گهر ۾. اسان نه رڳو ڏوڪري ۾ تر جا هياسين پر الطاف کرو، سچو ۽ برجستو صحافي هئڻ ناطي مون وڻندو هيو. منهنجي ئي اسرار تي منهنجي ئي پاڙي ۾ ايئرپورٽ روڊ تي گهر لاءِ پلاٽ پڻ ورتائين جيڪو بعدازان ڪراچي بدلي ٿيڻ کان پوءِ اتي گهر وٺن سبب کپائي ڇڏيائين.
    الطاف پيرزادو جي سموري زندگي اخباري دنيائن جون ياترائون ڪندي گذري. 1998ع ۾ الطاف تعميرِ سنڌ ۾ نوڪري ڪئي جيڪا مرحوم شاهه محمد سکر ۽ ڪراچيءَ مان ڪڍندو هيو. اهڙي طرح آڪٽوبر 2001ع ۾ روزاني ڪاوش اخبار حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو جتي اپريل 2002ع ۾ ايڊيٽر نياز پنهور سان اڻ بڻت سبب پرويز مشرف جي حڪومت ۾ نثار ميمڻ طرفان شروع ڪرايل APP جي سنڌي سروس ۾ اسپيشل ايڊيٽر مقرر ٿيو.
    2010ع واري ٻوڏ دوران شاندار رپورٽنگ سبب سال جي بهترين رپورٽر جو ايوارڊ ڏيڻ سان گڏ کيس ريڊيو پاڪستان طرفان چين جي شهر شنگهائي ۾ صحافين لاءِ13 کان27 سيپٽمبر 2010ع تائين رکيل ڪورس ۾ شرڪت لاءِ موڪليو ويو. الطاف پيرزادو بهترين ايڊيٽر، ڪالم نگار ۽ تجزيه نگار آهي سندس ڪالم آئي ڏينهن ملڪ جي بهترين اخبارن جي زينت بڻبا رهندا آهن. پاڻ سماجي، سياسي، فلاحي ۽ بين الاقوامي مسئلن تي نه رڳو سٺي دسترس رکي ٿو پر سٺو ڳالهائڻ سان گڏ بهترين ڊاڪيومينٽريون پڻ ٺاهيندو رهندو آهي.
    7 سيپٽمبر 2006ع ۾ الطاف پيرزادو ريڊيو پاڪستان ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو سندس پهرين پوسٽنگ خيرپور ۾ ٿي، جڏهن ته هاڻي ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ نيوز ايڊيٽر طور ارڙهين گريڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته اڻويهين گريڊ جي ڊپٽي ڪنٽرولر طور سندس ترقي جو فائيل تيارآهي. ان سان گڏ الطاف پيرزادو ڪراچي مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ”لاڙڪاڻو ٽائيمز“ ۽ ”عوامي فورم“ سان پڻ سلهاڙيل آهي جن جا هو ايڊيٽوريل لکندو آهي.
    الطاف پيرزادو زنده دل، کلڻو ملڻو ۽ بهادر قلمڪار آهي جيڪو پنهنجي خوابن جي آبياري لاءِ بهادري ۽ محنت سان زندگي سان ٻکين ۽ ڪکئين واري صورتحال ۾ سدائين جهيڙيندو رهيو آهي. ڪجهه سال ڪراچي ۾ رهائش پذير ٿيڻ کان پوءِ الطاف پيرزادو لاڙڪاڻو ۾ موجود پنهنجو پلاٽ کپائي ڪجهه پگهارون ڪڍرائي ڪراچي ڀٽائي آباد ۾ زرداري چوڪ وٽ پنهنجو گهر به ورتو هيو جتي هاڻي پنهنجي خوبصورت ڪڙنب سان گڏ رهي ٿو. سندس وڏو پٽڙو شرجيل پيرزادو ماشاءَ الله جوان ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي نائين جماعت ۾ پڙهي رهيو آهي. ٻيو پٽ مبشرپيرزادو ستين ڪلاس ۾ جڏهن ته ٽيون پٽ ابصار ڇوٿين ڪلاس ۾ ۽ نياڻي سُندس ٽين جماعت ۾ پڙهي پئي جن جي بهتر تعليم ۽ سماجي تربيت تي سندن قابلِ فخر والد هڙان وڙان جدوجهد جا انيڪ سلسلا جوڙيندو رهي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو