بربلو سنڌي پکين جو سريلو بيجل.. آصف رضا موريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    بربلي جو هي ننڍڙو بچڙو جڏهن منهنجي فارم هائوس ۾ کجين جي وڏي چلهي وٽ مليو ته ان جي سڄي ٽنگ ڀگل هئي جو اهو يقينن ڪنهن سببان ۽ حادثاتي طور تي پنهنجي آکيري مان ڪريو هوندوجنهن ڪري شايد ڄنگهه به ضربجي هجي.
    بربلوسنڌ ۾ رهندڙ هڪ خوبصورت ۽ ٻوليندڙ پکي آهي جنهن جي ڊيگهه قريبن پندرهن کان ارڙهن سينٽي ميٽر ٿئي ٿي ۽ وزن ٽيهه گرامن جي ويجهو ٿئي ٿو. دنيا ڀر ۾ بربلن جون ڏيڍ سو کان مٿي قسمون ٻڌايون وڃن ٿيون جڏهن ته پاڪستان جي هر علائقي ۾ ان پکيءَ جون رڳو ڇهه جاتيون ملن ٿيون. بدقسمتي سان بربلن جي تيرنهن قسمن جا نالا ريڊلسٽ تي لکيا ويا آهن يعني انهن جي وجود کي سخت خطرا درپيش آهن جنهن ڪري جيڪڏهن انهن جي افزائشِ نسل تي ڌيان نه ڏنو ويو ته اهي ڪائنات جي سرشتي مان جلد ڪٽجي ختم ٿي ويندا.
    پڙهيو آهي ته مادي پنهنجي نر کي گهرائڻ يا دل وندرائڻ لاءِ مٺڙيون ٻوليون ٻوليندي آهي جڏهن ته ڪيئي جاين تي نر جي ڳائڻ جا مثال پڻ ملن ٿا جيڪي اهڙي ريت پنهنجي مادي جي سامهون پاڻ کي پرڪشش ثابت ڪرڻ لاءِ ڳائيندا آهن. ماهرن جو خيال آهي ته بربلن ۾ 180 ننڍا ننڍا گانا ڳائڻ جي صلاحيت هوندي آهي جڏهن ته هن جي ڳايل گيتن ۾ بڙبڙاهٽ جون 250 کان مٿي آوازون، آلاپ ۽ سيٽيون به شامل آهن.
    منهنجي فارم ۾ بربلن جي چڱيرڙي آبادي رهي ٿي جيڪي صبح سانجهي کان پنهنجي من موهيندڙ خوبصورت آواز ۾ لاتيون لوندا رهندا آهن ته سمورو ڏينهن هن وڻ کان هن وڻ تي ۽ وري ڪڏهن ڇٻر تي اڏامندا وتندا آهن ته گرمين جي موسم ۾ جون جولاءِ جي مهيني ۾ مختلف وڻن، گهاٽي ٻوٽن وغيره ۾ آکيرا ٺاهي ۾ ٻه کان ٽي گلابي رنگ جا آنا ڏيندا رهندا آهن جن جي مٿان ڳاڙها چٽ هوندا آهن. پندرهن سورنهن ڏينهن ۾ انهن آنن مان ٻچڙا تيار ٿي نڪري پوندا آهن جن مان ڪڏهن ڪڏهن ڪي ٻچڙا اڏامڪ ٿيڻ کان اڳ پنهنجي آکيري مان هيٺ ڪري به پوندا آهن.
    مون وٽ ڪم ڪندڙ الياس کوکر جيڪو پاڻ تترن جو ٺاهوڪو خفتي ۽ پکين سان پيار ڪندڙ آهي تنهن هن ننڍڙي بربلي جي ڀڳل ٽنگ کي ماچيس جي تيلين سان پلستر وانگي چوڌاري سهارو ڏئي ٻڌي ڇڏيو ۽ هفتي ڏيڍ ۾ ان جي ٽنگ ڄمي بيهجي وئي پر اڃان به کيس سور ٿيندو محسوس ٿئي ٿو جنهن لاءِ صبح شام سندس ٽنگ کي ڪاري بام جي مالش پڻ ڪندا آهيون. اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ اڏامڪ ٿي ويندو پر تيسيتائين يار جي ٽنڊوالي ڪرڻي پوي ٿي.
    جڏهن مان پنهنجي اوطاق ۾ ليپ ٽاپ تي ڪم ڪندو آهيان ته منهنجي ليپ ٽاپ تي اچي ويهي رهندو آهي خاص طور تي تڏهن جڏهن صفا موج ۾ هجي يا وري کيس اڃ ۽ بک ستايو هجي. جيڪڏهن مان ڪنهن ڪمين ڪارين مصروف هجان ته اوطاق ۾ ويٺو هوندوآهي يا وري الياس کيس کيسي ۾ کڻي ڪم ڪار ڪندو وتندو آهي ايتري تائين جو شهر گهمڻ وقت به بربلو سندس کيسي ۾ ويٺو هوندو آهي.
    ننڍي هوندي کان اسان ڳوٺاڻا ماڻهو سنڌ جي تمام پکين کان واقف آهيون تنهن ڪري جيتري عمر آهي تيتري کان جهرڪي جيتري هن سهڻي پکي سان ڏيٺ وائٺ پڻ آهي. بربلي جو آواز گهڻو خوبصورت، مڌر ۽ لڀائيندڙ ٿئي ٿو. ڪيڙا ماڪوڙا، وڻن ٻوٽن جا ڪچڙا گونچ، ٻج، ٻير، ڪتلون ۽ ٻيا ميوا کائيندڙ بربلي جون مختلف نسلون سموري دنيا جي شهرن توڙي جنگلن ۾ رهن ٿيون. ماهر هن پکيءَ کي لاڏائو سمجهن ٿا پر مان سمجهان ٿو سنڌ جو بربلو سنڌ اندر صدين کان رهندو اچي ٿو.
    بربلي جو نر توڙي مادي هڪ جهڙا ٿين ٿا ۽ ٻنهي ۾ فرق ڪرڻ گهڻو ڏکيو ٿئي ٿو سواءِ ان جي ته نر جو وزن مادي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه زبرو ٿئي ٿو. ان جو مٿو ۽ چهنب ڪاري، ڳل اڇا ۽ مٿي تي ڪار سرو هلڪو ڀورو تاج پڻ هوندو آهي. هن جي پٺ ۽ پرن جا پنک ڀورا ٿين ٿا، ڌڙ اڇو، پڇ ڪارو ۽ هلڪو ڀورو ٿئي ٿو. بربلي جي ڌڙ جو هيٺيون حصو۽ پڇ جو اندريون حصو بسنتي ٿئي ٿو جڏهن ته ان جا چنبا سرمائي رنگ جا ٿين ٿا.
    توڙي جو بربلو گهريلو پکي ڪونه آهي ۽ آساني سان پال پوس ۾ ڪونه اچي ٿو پر ان جي باوجود پاڪستان جي مختلف علائقن جا ماڻهو ان کي نه رڳوپاليندا آهن پر منهنجي معلومات مطابق ماڻهن سان گهڻو مانوس به ٿي وڃي ٿو خاص طور تي جيڪڏهن ان کي ننڍي عمر کان پاليو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي ٽي اين تي پکين سان پيار متعلق هڪ پروگرام هيو جنهن ۾ مون سان گڏ شاهدخاصخيلي به ماهرمهمان هيو جنهن پنهنجي گهر ۾ پڻ بربلا هيرايا آهن جيڪي سندس هٿ مان اناج کڻي کائيندا آهن. ان کان علاوه پاڪستان، افغانستان، چين ۽ ڀارت ۾ بربلن کي وڙهڻ پڻ سيکاريو ويندو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو