سڳداسي چانورن جي خوشبوءَ جهڙو ڪتاب "قدر منجھ ڪنار" جو مختصر جائزو......!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    سڳداسي چانورن جي خوشبوءَ جهڙو ڪتاب "قدر منجهہ ڪِنار" جو مختصر جائزو......!
    فقير محمد سنڌي.

    جوڳي آيو جوءِ ۾ مرڪڻو مڻيادار،
    مرليءَ مستانا ڪيا جنھنجي لک هزار،
    ڪاريھر ڪردار نيلا ناٿ نوايا.
    تاريخ جي باري ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو ذهني خاڪو آهي ته : " تاريخ کي زندھ رکڻ ڄڻ قوم جي حافظي کي زندھ رکڻ جي برابر آهي، جنھن قوم جي تاريخ جو گم ٿي وڃڻ ڄڻ ڪنھن شخص جو حافظو ختم ٿي وڃڻ برابر آهي." علي محمد درد سولنگي به سنڌ ۾ شعور رکندڙن جو حافظو ڪتاب "قدر منجه ڪنار" ۾ پروفائيل انٽرويوز ۾ محفوظ ڪيو آهي. ادب جو شاگرد جڏهن هنن 63 پروفائيل انٽرويوز کي پڙهندو ته تڏهن وڃي سڀني جي خيالات مان ڪجهه نه ڪجهه ضرور پرائيندو. قدر منجهہ ڪنار ڪتاب جي خوبي مون کي اها به محسوس ٿئي ٿي ته هيءُ ڪتاب ڪافي مضمونن ۾ حوالن طور به پيش ڪيو ويندو. گهڻا ادب دوست پنھنجي ٽهي جي ڪتابَ کي حوالي طور به پيش ڪرڻ کي به عيب سمجهندا آهن. ائين نه ڪرڻ گهرجي حقيقت کي تسليم ڪري پيش ڪرڻ گهرجي. علي محمد درد سولنگي 63 ادب دوستن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو آهي، ڪنھن کي هن دور ۾ قدر جي نگاهه سان ڏسڻ به انتھائي ڏکيو عمل آهي. مون کي اهو به محسوس ٿي رهيو آهي ته علي محمد درد سولنگي ڪيترين تڪليفن مان گذريو هوندو، ان لاءِ ته مون به اهڙي نوعيت جو ڪم سيلف انٽرويوز لاءِ ڪيو هو. ٻه ماهي قلمڪار لاڙڪاڻو جو ٻيو شمارو سنڌي ۽ اردو سيلف انٽرويو تي مشتمل هو ۽ اهڙي طرح ريڊيو اسڪرپٽ جو ڪتاب سونهن سمبارا ۾ به مون براڊ ڪاسٽرن جا سيلف انٽرويوز شامل ڪيا، اهي ڳالهيون ان لاءِ ٿو ڪيان ته اهو ڪم محنت طلب ۽ تڪليف ڏيندڙ دوستن جا رويا هوندا آهن. ادب دوستن جو مواد ڏئڻ وقت ذهني معيار گهڻن هنڌن تي اڻپورو محسوس ٿيندو آهي. هڪڙا فرد برداشت نه ڪري سگهندا آهن ۽ ٻيا طعنا پيا ڏيندا آهن. ان عمل مان درد سولنگي پار ٿيو آهي. ڪتاب "قدر منجهہ ڪنار" مرڪ پبليڪيشن ڪراچي شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي ارپنا ڏاڍي خوبصورت ٿيل آهي، جيڪولکيڪ پڙهي ائين محسوس ڪندو ته هن ڪتاب جي ارپنا مون کي ٿيل آهي. ارپنا جا جملا هن ريت آهن. "سنڌي ٻوليءَ جي سچن تخليقڪارن ۽ قلمڪارن جي نانءِ."
    ڪتاب قدر منجھ ڪنار انمول تاريخ آهي، حسين لمحن سان ڳالھ ٻولهه ٿيل آهي، حسن جي جهلڪ هڪ پل هڪ جملي ۾ پسي سگهجي ٿي ۽ حسن فطرتي طور تي تخليقڪارن جي ذهنن کي اڃا وڌيڪ معطر ڪري ٿو. حسن جي باري ۾ ڪجهه سٽون ذهن تي تري آيون آهن، ڪنهن ڪتاب جون پڙهيل آهن: انساني دل فطرتن حسن، خوبصورتي کي پسند ڪندي آهي، حسن کي ڏسي انسان لطف اندوز ٿيندو آهي. خوبصورت چهرو، دلربا ادائون، مَنَ موهيندڙ گفتگو، گل ٻوٽا ۽ جملا وغيره. "
    علي محمد درد سولنگي کي حسين ڪتاب جون مبارڪون ان لاءِ به ته هُن پاڻ مڃايو آهي، اهڙي مرحلي ۾ گهڻا ليکڪ هٿ کڻي ويندا آهن، هن ڪتاب ۾ ڪجهه ڪرڻ کان علي محمد درد سولنگي گھڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي.
    اداري پاران مرتضي لغاري لکي ٿو ته :" علي محمد درد سولنگيءَ جا هونئن ته ڪافي ڪتاب شايع ٿيل آهن پر ادبي شخصيتن تي خاڪن جو ڪتاب" قلم جنين جي هٿ ۾" ۽ نظمن جو ڪتاب" وڃائجي ويل رنگن جو احساس " ويجهڙ ۾ ڇپجي پڌرا ٿيل آهن سندس دوستن جو هلڪو وڏو آهي اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪتاب جلد ئي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچن ٿا ۽ پذيرائي به ماڻن ٿا. " اهو عشق ئي آهي جيڪو ڪشالا ڪرائي ٿو. عشق جي چوٽ جنهن کي لڳي.
    فقير غلام حيدر جون سٽون آهن ته :

    غلام حيدر گم حسن وچ، رمزان روز رلاويگا،
    اسان محبت تنھنجي منگي، تون بادشاھ آهين بي رنگي.
    ڪتاب قدر منجھ ڪنار ۾ شخصي تعارف، ڇپيل ڪتابن جو تعداد، جنم جو هنڌ، تاريخ۽ من جي ڳالھيون شامل آهن.
    اسپينوزا پنھنجي مشھور ڪتاب اخلاقيات ۾ لکي ٿو ته : " اسان سولائيءَ سان ان حقيقت تائين پهچي سگهون ٿا ته واضع ۽ صحيح علم ۽ خاص ڪري علم جو ٽيون قسم خدا جي ذات جي مشاهدي تي ٻڌل آهي.هڪ اهڙي قوت موجود آهي جيڪا جذبن کي اسان جي قابو ۾ آڻيندي آهي ته ان سان انهن جذبن جي هيجائي ڪيفيت هميشه ختم ٿي وڃي، پر جيڪڏهن اها بلڪل ختم نه به ٿي سگهي ته وري به ان کي انساني زندگيءَ ۾ هڪ ثانوي حيثيت ڏياريندي آهي. "
    شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ سماج سڌارڪ حميره نور ڪتاب تي پنھنجي خيالن جو اظهار هن ريت ڪري ٿي." سنڌي ٻوليءَ ۾، سنڌ ڌرتيءَ کي نَوَ ڪتاب لکي ڏيندڙ علي محمد درد سولنگي ادب جي اڀ تي پنھنجو نالو لکرائي چڪو آهي. وڏن چواڻي ته جيڪو ٻين کي مانُ ڏئي ٿو، اصل ۾ اهو پنھنجو پاڻ لاءِ مانُ ميڙي ۽ سھيڙي رهيو آهي، جيڪو نسلن تائين ڳائبو رهيو."
    ڪتاب قدر منجھ ڪنار ۾ عورت ليکڪائون به شامل آهن، اهڙي وک دل کي مطمئن ڪندڙ آهي ۽ ٻين ليکڪائن کي همٿائڻ جو وسيلو پڻ آهي.
    ڪتاب تي ٻئي راءِ ناليواري شاعره، ليکڪا ۽ سماج سڌارڪ خالدہ سحر جي آهي، لکي ٿي ته :" علي محمد درد سولنگي هيئنر به معاشري جي ڪارائتن ڪردارن سان ڪيل ڪچهريون ڪتابي صورت ۾ آڻي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي."
    آخر ۾ علي محمد درد سولنگي لاءِ هي سٽون ته :
    ڪي جو لکيائون پني منجهه پريت جو،
    اُهو پسي آئون، بيخود ٿيڙس سرتيون..
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو