سنڌ جو عاشق مزاج، ٻولڻو ۽ هاٿيلو پکي ڳيري.. آصف رضا موريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڳيرين جون آباديون سنڌ جون اصلوڪيون رهواسڻيون آهن جن کي مان ننڍي هوندي کان پنهنجي ڳوٺ سومر خان موريو جي باغن، رستن ۽ واهن جي ڪپن تي پاڻي پيئندي ڏسندو رهندو هيم. پکين جي دنيا ۾ هي رومانٽڪ ۽ سست پکي ڀانئيو وڃي ٿو جيڪو مينهن جو ڀاڙي آهي جنهن کي اسان مينهن جي موسم ۾ وڃي هٿ سان به پڪڙي وٺندا هياسين جو پاڻيءَ ۾ ڀڄڻ کان پوءِ اڏري نه سگهندو آهي البته ننڍڙو ڀرڪو ڏئي ڊوڙندو آهي جنهن ڪري پڪڙڻ ۾ سولو ٿيو پوي. ان دور ۾ اسان ۽ ڳوٺن جا ٻيا ظالم ٻار ڇرن جون بندوقون ۽ گليلون کڻي سڄو ڏينهن مختلف پکين لاءِ رڻ ٻاريون وتندا هياسين ته بندوقن وارا هٿ ڀرو توڙي ايس جي ڪارتوس کڻي معصوم جانورن جي گوشت کائڻ جي لالچ ۾ کين وتندا هيا شڪار ڪندا.
    ڳيري آزاد پکي هئڻ جي باوجود مون کي هڪ هاٿيلو پکي لڳندو آهي جنهن کي گهاٽن ٻيلن ۾ رهڻ پسند نه هئڻ ڪري اڪثر انساني آبادين ۾ يا انهن جي ڀرسان باغن ۽ زمينن ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو. مون پنهنجي ڳوٺ ۾ ڳيرن جون چار قسمون ڏٺيون جن مان هڪ اڇڙي رنگ جو ڳيرو، ٻيو سرمئي رنگ جو، ٽيون ٿورڙو تتر جهڙو ڏيک ڏيندڙ هيو. اڇڙو ڳيرو جيڪو گوگوگو جي آواز ڪڍنديو آهي سو ٻين ٽنهي قسمن کان زبرو ٿئي ٿو جنهن جي پڻ چڱي آبادي منهنجي فارم هائوس ۾ رهندي ۽ آکيرا ٺاهي آني لاهي بچا پڻ ڄڻيندي رهي ٿي. اهو ڳيرو ايترو ته برجستو ۽ بهاردر ٿئي جو مون انهن کي پنهنجي فارم ۾ ڪانون جهڙي ڏنگي پکين کي به اڏارون ڪندي ڀڄائيندي ڏسندو آهيان جيڪي انهن جي آنن يا ٻچن جي لونجهه تي سندن آکيرن مٿان لامارا ڏيندا رهندا آهن.
    ڳيرين جا مختلف قسم نه رڳو پاڪستان جي تمام علائقن ۾ پر سموري دنيا ۾ هن پکي جي مختلف قسمن جن تمام گهڻيون آباديون ملن ٿيون. ڳيرين جي نر ۽ مادي ۾ فرق ڪرڻ مشڪل هوندو آهي سواءِ رنگن جي معمولي تفريق جي جنهن کي پکين جو ڪو ماهر ئي سڃاڻي ۽ سمجهي سگهي ٿو. ڳيري تقريبن پنجهتر گرام وزن رکڻ وارو هڪ ننڍڙو، سنهڙو، سيپڪڙو ۽ معصوم پکي آهي جنهن جي جسامت قريبن ڇويهه سينٽي ميٽر، پڇ ڏهن کان ٻارنهن سينٽي ميٽر ڊگهيرڙو۽ ان جي پرن جي ڊيگهه به ٻارنهن کان تيرنهن سينٽي ميٽرن جيتري ٿئي ٿي. ڳيري جي ڳچيءَ ۾ ڪارڙي رنگ جي سنهڙن ٽپڪن سان هلڪڙا نارنگي داغ پڻ ٿين ٿا. سندس ڇاتي ناسي گلابي ارغواني رنگ جي ٿئي ٿي جڏهن ته ڳچي ۽ مٿي تي ارغواني عڪس سان گلابي آميزش رنگن جي خوبصورت آميزش اکين کي ڀلي لڳندي آهي. انهن جي پرن جو اندريون حصو رنگارنگي ۽ هيٺيون حصو ڀوراڻ مائل ناسي رنگ جو، ٻاهريون حصو نيرڙو سليٽي، پرن جا آخري پاسڙا ڪارا سرمائي، پيٽ اڇو ۽ پڇ جو اندريون پوش به اڇي رنگ جوٿئي ٿو.
    ڳيرين جي غذا ۾ هر قسم جو اناج، داڻا ۽ وڻ ٻوٽن جا گونچ پڻ اچي وڃن ٿا جڏهن ته مان پنهنجي فارم هائوس ۾ انهن کي ڪڏهن ڪڏهن وات جو ذائقو مٽائيندي جيت جڻيا، ڪيڙا ماڪوڙا ۽ ڇٻر جا گونچ پڻ کائيندي ڏٺو. ڳيريون منهنجي فارم هائوس ۾ جام رهن ٿيون جتي هر جاءِ سندن جي آهي جتي وتنديون آهن گهمنديون ڪڏهن ڇٻر تي واڪ ڪندي ته ڪڏهن مختلف وڻن جي ٽارين تي، ڪڏهن ڪنهن ڀت يا ڇت تي پڻ هي راڳ راڻي ڪو ڪو ڪڙڪڙڪڙڪڙڪڙ جهونگاريندي وتندي آهي. مان فارم هائوس ۾ مختلف جاين تي پاڻي ۽ اناج جا پاٽڙا وڻن ۾ ٽنگي ڇڏيا آهن جن مان هتي ايندڙ سمورا پکي کائي پيٽ ڀري مزو وٺي پنهنجون پنهنجون لاتيون لنوي دعا ڪندا رهندا آهن.
    ڳيريون سال جي پهرئين مهيني کان سيپٽمبر آڪٽوبر تائين آنا ڏين ٿيون ۽ ان عرصي ۾ ٽي چار تور ڄڻي وڃن ٿيون. ٻڌو آهي ته اهي وڻن جي ٽارين ۾ آکيرا ٺاهينديون آهن پر منهنجي فارم هائوس ۾ مختلف دورن ۾ انهن وڻن جي ٽارين سان گڏ، منهنجي اسٽورهائوس ۾، لائيبرري ۾، اوطاق جي بورچي خاني ۾، ايتري تائين جو منهنجي ڪاٺ جي ٺهيل ڪاٽيج جي هڪ ڪاٺي ۾ لڳل سولر جي ننڍڙي پکي جي مٿان پنجاهه سٺ تيليون، سڪل گاهه جا تيلا ۽ سنهڙيون ڪاٺيون رکي آکيرو ٺاهي گزريل اپريل 2021ع جي شروعات ۾ ٻه آنا لاٿا جتي مون ٻئي نر ماد واري واري سان آري تي ويهندي ڏٺا. انهن آنن مان اڙهن ويهن ڏينهن کان پوءِ ٻچا ٿيا ته تاتي پالي اڏاري آکيرو خالي ڪري ويون.
    جڏهن مان پهريون دفعو سولر جي پکي مٿان ڳيرين جو آکيرو ڏٺو ته ڪافي حيرت ٿي تنهن ڪري ويجهو ويم ته مون کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ڳيري ڀڙڪو ڏئي آکيري مان اڏڙي وئي جتي ڏٺم ته آکيري ۾ اڇي رنگ جا ٻه آنا پيا هيا. ان ئي ڏينهن مان آکيري ڀرسان اناج ۽ پاڻي جو پاٽڙو رکيو. پوءِ روز ويندو رهيم ته ڳيريون مون کي ڏسي اڏري وينديون هيون.
    مان به دل ۾ فيصلو ڪيو ته ”ڪيئن به ڪري انهن سان سنگت رکڻي آهي“. ان لاءِ صبح شام ويندو رهيم پاٽڙي مان پاڻي مٽائڻ لاءِ يا ان باجهري ختم ٿئي ته وري رکڻ لاءِ. ويندو به ڳيري پير هيم پر ڏهه پندرنهن ڏينهن تائين لفٽ ئي نه ڪراين ۽ وڃن اڏريو. پندرنهن سورنهن ڏينهن کان پوءِ هڪ آني مان ٻچڙو به نڪتو جنهن کي روز هٿ ۾ کڻي گهمائيندو هيم ته پري پري کان ڳيريون مون کي ڏسي کار کائينديون هيون. ٻين ڏينهن کان پوءِ ٻيو ٻچو به آني مان ڦٽي نڪتو. منهنجي ساڳي ڪرت جاري رهي ته هاڻي ڳيريون به سمجهي ويون ته ”هن همراهه کان ڀوءُ نه ڪرڻ کپي“ ان لاءِ هڪ ڏينهن جي شام ڌاري آکيري ڏانهن ويم ته اتي ويٺل هڪ ڳيري ڪونه اڏري ۽ شرمائيندي ويٺي هري مان هٿ وڌايم ته پر کنڊيڙي ٿورڙي ناراضگي جو اظهار ڪيائين پر جڏهن مان سندس پرن مٿان نرمي ۽ پيار سان هٿ لاتم ته هن به پر ويڙهي مون ڏي پيار سان ڏٺو ته دل ٺري پئي. مان کيس هٿن ۾ کڻي پيار ڪيو، ساڻس ڪجهه سيلفيون ڪڍرائي آکيري ۾ ڇڏيو ۽ پوءِ ڪڏهن به کيس تنگ نه ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو