ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ....آصف رضا موريو

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڊاڪٽر درمحمد پٺان جي علمي ۽ ادبي شخصيت بيشمار حوالن سان اسان لاءِ انمول ۽ ناياب آهي جو هو تعليم جو ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ هڪ معتبر استاد، شاندار لکاري، تنقيد نگار، مورخ، ڪالمنگار، شاعر، ڪهاڻيڪار، علم و ادب دوست انسان آهي جنهن جون تاريخ، تهذيب، علم الانسان، لوڪ ادب، ٻارڙن جي ادب، سوانح عمري ۽ ڪجهه ٻين موضوعن تي سورنهن کان مٿي ڪتابون ڇپجي چڪيون آهن. سندس لکيل هزارين مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن جي سونهن بڻجي چڪا آهن جن ۾ هر نئين ڏينهن نئون اضافوٿيندي ڏٺو ويو آهي. اهي تمام قابلِ فخر حاصلاتِ زندگي پنهنجي جاءِ تي معتبر ۽ قابلِ قدر سهي پر ڊاڪٽر صاحب جي شهرت جو خاص سبب “گل حيات اسٽيٽيوٽ” جهڙي باوقار تحقيقي اداري جو ٻوٽو ٻاري ان کي وشال وڻ بڻائڻ آهي.
    ڊاڪٽرصاحب جو خاندان قريبن ڏيڍ صدي ڌاري کان خيرمحمد آريجو شهر ۾ آباد آهي. سندس ڪڙنب جا اڪثر مرد ماڻهو ڌنڌي ڌاڙي متعلق ٽي ڪم ڪندا رهيا آهن جن مان هڪ لوهارڪو ڪم، ٻيو استاد جي نوڪري ۽ ٽيون جانورن جي حڪمت. هنن ۾ دعا تعويذ لکڻ جو رواج به ڪيئي پيڙهين کان عام آهي. ڊاڪٽر صاحب جو تڙ ڏاڏو، پڙ ڏاڏو، والد ۽ چاچا به سموري ڄمار انهن ڪمن سان منسلڪ رهندا آيا پر هڪ دور اهڙو به آيو جو لوهارڪو ڪم سندن خانداني سڃاڻپ بڻجي ويو. آريجا جي هن پٺاڻ خاندان نه ڪا دولت ميڙي ۽ نه ئي زمين جائداد ٺاهي پر عزتِ نفس سان رُکي سُکي کائي پنهنجي اولاد کي علم ۽ هنر جي دولت سان سدائين مالامال ضرور ڪندا رهيا.
    ڊاڪٽر صاحب جا وڏڙا اصل ۾ لاڙڪاڻو ضلعي جي اتر اولهه ۾ واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڦيڙها آريجا جا رهواسي هيا جيڪي بعد ۾ اتان هجرت ڪري مختلف ڳوٺاڻيون وستيون وسائيندا ڪوٺي ڪلهوڙا نالي واهڻ ۾ آباد ٿيا پر ڪجهه عرصو اتي رهڻ کان پوءِ اتان به لڏي باقراڻي شهر ۾ وڃي رهڻ لڳا جتي پڻ زندگي جا معاملا سودمند نه ڏسي ڪجهه ڪلوميٽر پرڀرو آباد ڳوٺاڻي شهر خيرمحمدآريجا ۾ اچي آباد ٿيا جتي هن قابلِ فخر هنرمند ۽ معلم خاندان جي موجوده نسل اڃان تائين آباد آهي.
    ڊاڪٽر صاحب جي پڙڏاڏو حاجي خدابخش پٺاڻ کي نورمحمد، درمحمد، حبيب الله ۽ گل محمد نالي چئن پٽن جي اولاد هئي جن مان گل محمد ڊاڪٽرصاحب جو والد هيو جنهن پنهنجي وڏي ڀاءٌ درمحمد جي جواني ۾ ٿيندڙ وفات کان پوءِ پنهنجي ٽئين پٽ تي ان جو نالو رکيو. ڊاڪٽر صاحب جا ٽئي چاچا حڪمت جو ڪم ڪندا هيا جڏهن ته حبيب الله تعليم کاتي ۾ استاد به هيو. ڊاڪٽر صاحب جو والد لوهارڪي ڌنڌي سان گڏ حڪمت جو ڪم پڻ ڪندو هيو پر هن پنهنجي چئني پٽن شفيع محمد، شيرمحمد، درمحمد ۽ اميربخش کي حسبِ حال تعليم جي زيور سان سينگاريو ۽ چارئي تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيا پر انهن مان ڊاڪٽر درمحمد پنهنجي ذوق وشوق ۽ ترقي پسند سوچ سبب گهڻو اڳتي وڌي ويو.
    ڊاڪٽر صاحب جو جنم 25 مئي 1945ع ڌاري خيرمحمد آريجا ڳوٺ ۾ ٿيو. هن پنجين جماعت 1953ع ۾ گرلس پرائمري اسڪول آريجا مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ گورنمنٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان حاصل ڪرڻ کان پوءَ هن باقي سڀئي امتحان ايڪسٽرنل شاگرد طور خانگي ڏنا. هن فرسٽ ييئر ۽ انٽر جو امتحان سکر جي هڪ سينٽر ۾ ڏنو جو ان دور ۾ لاڙڪاڻو ۾ خانگي امتحاني سينٽر ڪونه هوندا هيا. 1969ع ۾ هن گريجويشن ڪئي. ان دور ۾ مڊل اسڪول ڪونه هوندا هيا پر ميٽرڪ پاس ڪرڻ واري شاگردن کي اي بي ڪلاسن تحت پرائمري اسڪولن ۾ انگريزي استاد مقرر ڪيو ويندو هيو.
    1971ع ۾ هن بي ايڊ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. توڙي جو ان دور ۾ تعليمي پاليسين جي قانون موجب ايڪسٽرنل شاگرد بي ايڊ ڪرڻ جا مجاز ڪونه هوندا هيا پر ان وقت جو سيڪريٽري تعليم عيساڻي صاحب ڀلوڙ انسان هيو جنهن هڪ جنرل حڪنامو ڪڍيو جنهن تحت ايڪسٽرنل شاگرد به ريگيولر شاگردن جيان بي ايڊ ڪري پيا سگهن. ڊاڪٽر صاحب 1972ع ۾ايم اي جو امتحان ڏنو جنهن ۾ هن فرسٽ ڪلاس ٽين پوزيشن کنئي جڏهن ته 1979ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ”ڪراچي جي ادبي تاريخ“ جي عنوان سان سنڌي ادب ۾ پي ايڃ ڊي ڪئي جنهن ۾ سندن سپروائيزر سنڌ جو لائق سپوت غلام علي الانا هيو.
    ڊاڪٽرپٺاڻ کي 1964ع ۾ انگريزي استاد جي نوڪري ملي جڏهن ته سندس پهرين پوسٽنگ اعتبار چانڊيو پرائمري اسڪول ۾ ٿي هئي. 1973ع ۾ کيس ليڪچرر ڪيو ويو. 29 مئي 1985ع ۾ سندن اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ٿي جنهن کان ڏهه ڏينهن اڳ سندن تقرري انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالوجي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ٿي هئي جتي ڪجهه عرصي تائين پاڻ ڊائريڪٽر پڻ رهيا. نومبر 1991ع کان اپريل 1995ع تائين گورنمنٽ سائنس ڪاليج ڏوڪري ۾ پرنسيپل طور فرض سرانجام ڏيندا رهيا جتي پاڻ سنڌي جا ايسوسيئيٽ پروفيسر به رهيا. 14 آگسٽ 2001ع ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو مقرر ٿيا جتان بعد ۾ 20 گريڊ ۾ ترقي ٿيڻ تي 1 مارچ 2003ع ۾ کين گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. 2004ع ۾ کيس لٽرري اينڊ نان فارمل بيسڪ ايجوڪيشن سنڌ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو جنهن کان پوءِ گورنميٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ پرنسيپل ٿيا ۽ 24 مئي 2005ع ۾ ريٽائر ٿيڻ تائين ان مقام تي فائز رهيا۔
    ڊاڪٽر صاحب سدا بهار، همت ور ۽ محنت ڪش انسان آهي جو رٽائرمنٽ به سندن شگفتگي، جهدِ مسلسل ۽ باعمل جستجو جا رستا روڪيندي ڪونه ڏٺي وئي. اهو ئي سبب آهي ته سرڪاري نوڪري ختم ٿيڻ کان پوءِ به علم جي هن درياهه مان ڪافي تعليمي ادارا فيضياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. پاڻ سيٽمبر 2005ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾وائيس پرنسيپل رهيا جتي آڪٽوبر 2006ع تائين فرضن کي نڀائيندا رهيا ته فيبرري 2009ع کان فيبرري 2011ع تائين زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻو۾ پڻ پرنسيپل به رهيا.
    ڊاڪٽرصاحب مختلف يونيورسٽين ۽ بورڊز ۾ انٽرميڊئيٽ، بي اي ۽ ايم اي جا سنڌي پيپر تيار ڪرڻ واري ٽيمن جا ممبر رهندا اچن ٿا. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، قائدِ اعظم يونيورسٽي اسلام آباد، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو ۽ ٻين ڪافي تعليمي ادارن ۾ پاڪستان اسٽڊي، تاريخ، ڪلچر، تعليم، سنڌي وغيره ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن لاءِ سند يافته گائيڊ آهن جنهن هن وقت تائين بيشمار شاگردن کي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي آهي.
    ڊاڪٽر صاحب کي سندن علمي قابليت جي موٽ ۾ ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ بورڊ آف گورنر جي اعزازي ميمبر هئڻ جو شرف حاصل رهيو آهي جن مان خاص مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي اڪيڊمڪ ڪائونسل لاڙڪاڻو، بلاول ريسرچ انسٽيٽيوٽ نواب شاهه، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، بورڊ آف اسٽڊيز شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، بزمِ طالب المولا وغيره خاص آهن.
    ڊاڪٽر صاحب گهڻو تڻو سنڌي زبان ۾ ڪتابون لکيون آهن جن جي ترتيب هن ريت آهي موتي مور ملوڪ جا (1981ع)، اسان جا اديب (1983ع)، جو ڪيو مطالعو مون (1983ع)، آئينو ۽ اولڙو (1984ع)، ذهني آزمائش (1984ع)، سياسي چرپر (1985ع)، ڇيلڙي وارو شهزادو (1985ع)، مولانا عبيدالله سنڌي (1985ع)، آدرش رنگ (1986ع)، ادب ۽ ماحول (1987ع)، سنڌيالوجي سووينيئر (1987ع)، جهڙا گل گلاب جا (1988ع)، موتين مٺ ملوڪ جي (1991ع)، لاتيون سڻ لقمان جون (1995ع). هنن 2002ع ۾ انگريزي زبان ۾ به ڪتاب لکي هئي جنهن جو نالو Luminaries of Larkano آهي.
    سموري ڄمار سنڌي ادبي، تدريسي، انتظامي ۽ تحقيقي دنيائن جي خدمتن موٽ ۾ ڊاڪٽرصاحب تمام گهڻي عزت، تڪريم ۽ مقام ڪمايو آهي جيڪو سندس حق به آهي ته حاصلِ محنت به. سندس محنت جي مڃتا ۾ کيس بيشمار ايوارڊ ۽ اعزازات پڻ ملندا رهيا آهن جن مان خاص اديون ايوارڊ (1884ع)، سنڌ مدرسو سلور ايوارڊ (1985ع)، وائس چانسلر ايوارڊ (1987ع)، پاڪستان اسٽڊي شيلڊ (1989ع)، هوش محمد شيدي شيلڊ (1991ع)، سنڌ گريجويٽ ايسوسيئيشن گولڊ ميڊل (1992ع)، ڏيپلائي ايوارڊ (1992)، طالب المولا ايوارڊ (1993)، ڪيڊٽ ڪاليج شيلڊ (1994ع)، شيرل باڊاهي ايوارڊ (1995ع)، شهدادپور ايجوڪيشنل شيلڊ (1995ع)، لاڙڪاڻو ريسرچ ايوارڊ (2001ع)، مادرِ وطن ايوارڊ (2002ع)، لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ (2005ع قلندرشهباز ميلا ڪميٽي) وغيره. ان کان علاوه امريڪن بائيوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ طرفان ڊاڪٽرصاحب کي بين الاقوامي سطح جي ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جي صلي ۾ THE 2000 MILLENNIUM MEDAL OF HONOR ڏنو ويو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالوجي طرفان پنهنجي تحقيقي لائيبرري ۾ “ڊاڪٽر درمحمد پٺان ڪارنر” پڻ رکيو ويو آهي.
    گل حيات انسٽيٽيوٽ جو قيام
    تاريخ عالم جي ايجاداتي دنيا ۾ ليئو پائڻ سان البرٽ پائيڪ جو قول سامهون اچي ٿو ته ”دنيا ۾ قريبن تمام عمده شيون غريب ماڻهن، غريب دانشورن، غريب محنت ڪشن، غريب مزدورن ۽ هنرمندن، غريب فلسفين، غريب شاعرن ۽ عقلمند غريبن تخليق ڪيون آهن“. اسان جي سنڌ ۾ علمي دنيا سان متعلق عمده شين مان هڪ ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ پڻ آهي جنهن جي ايجاد جو سهرو به اسان جي هڪ غريب استاد جي سر آهي جنهن وٽ علم سان گڏ ان کان به طاقتور شي مشعلِ راهه رهي آهي جنهن کي تخيل چوندا آهن. انساني ذهن سان متعلق علم محدود ٿئي ٿو جڏهن ته تخيل پنهنجي اندر سموري ڪائنات سمائڻ جي لامحدود صلاحيت رکي ٿو.
    ڊاڪٽر صاحب جڏهن سنڌيالوجي ڇڏي ڳوٺ آيو ته هو پٺيان ڪيترن ڏهاڪن جي متحرڪ دنيا ڇڏي آيو هيو ان لاءِ ڳوٺ جي واندڪائي هن مشقتي انسان جو محنتي دل و دماغ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو ان لاءِ ڪجهه عرصو سوچ ويچار کان پوءِ هي کوجي انسان خاڪ مان خزانو تلاش ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي تيار ٿيو. ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين منتظم آهي جنهن بيشمار ادبي، سماجي ۽ تاريخي انجمنون ۽ ادارا جوڙيا هيا جن مان خاص سنڌ هسٽوريڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻو هسٽوريڪل سوسائٽي، سنڌ سگهڙ سنگت، شهيد هوش محمد شيدي ويلفيئر آرگنائيزيشن، سنڌ رائيٽرز ويلفيئر گزٽ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو وغيره خاص آهن پر جنهن اداري شهرت جو سبب بڻجي سندس ذوق ۽ شوق جي آبياري ڪئي ۽ جنهن جي پرورش ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب پنهنجو وقت ۽ رت ست ڏنو سو گل حيات انسٽيٽيوٽ آهي جنهن جو قيام هن آگسٽ 1990ع پنهنجي ڳوٺ ۾ وڌو جنهن جو خاص مقصد ادبي تحقيق ۽ تدريس سان گڏ تعليمي ۽ تاريخي رهنمائي ۽ سماجي ڀلائي جي اصولن کي وڌائڻو ويجهائڻو آهي.
    ڊاڪٽر صاحب جي والد جو نالو گل محمد هيو جڏهن ته حيات خاتون سندس والده هئي جن جي نالن جا پهريان حرف کڻي هن اداري جي نالي کي مڪمل ڪيو جيڪو اڳتي هلي سندس لاءِ انتهائي مبارڪ ۽ متبرڪ ثابت ٿيو. سندس والد پاڻ ته هڪ گهٽ پڙهيل لوهار هيو جيڪو باقراڻي شهر ۾ موجود پنهنجي دوڪان تي هر قسم جولوهارڪوسامان ٺاهيندو رهندو هيو پر هن جيڪا سڀ کان اهم ڪاريگري ڪئي سا هئي پنهنجي اولاد کي ڏنل تعليم جو هٿيار هيو جنهن متعلق هن وڏڙن کان ٻڌو هو ته ”قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور ٿيندو آهي“. هن ڊاڪٽردرمحمد پٺاڻ جي جي صورت ۾ جيڪو فرهادي هٿيار بڻايو هيو سو اڄ به جهالت جي اونداهي کي علم جي روشني سان چيرڻ جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته سندس لڳايل ٻوٽو اسان جي ايندڙ ڪيئي نسلن لاءِ علمي ڇانوري جي ڪم ايندو.
    گل حيات جي قيام سان متعلق ڊاڪٽر صاحب جو شروعاتي نعرو هوندو هيو ته ”توهان مون کي ردي ڏيو ۽ مان توهان کي تاريخ ڏيان”. اڄ کان قريبن ٽيهه سال اڳ سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ اهڙو نعرو ڪنهن عجيب و غريب خيال هي اهڙي پوک هئي جنهن جي چئني پاسي وهمن، چرچن، ٺٺولن ۽ گمانن جا ٽولا ڦرندا رهندا هيا. رٽائر ماڻهو، رياستي بي قدري، قومي بي حسي، وسائلن جي اڻاٺ، وڏو اهل عيال، بيشمار ذميدارين جا ٿڪائيندڙ معاملا سامهون پر ڪجهه نه ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جنون ساڻن سدائين مشعلِ راهه رهيو. ان سلسلي ۾ شروعاتي دور جا ڏکيا ڏاڪا چڙهڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ننڍي ڀاءُ اميربخش مواد حاصل ڪرڻ، سانڍڻ ۽ سموهڻ ۾ سندس تمام گهڻو ساٿ ڏنو. سندس پٽن ممتازعلي ۽ ذاهد علي پڻ پنهنجو قيمتي وقت ڏئي سندس همنوائي ڪئي ته سندس پوٽو محسن علي پڻ هٿ ۽ هڏ ونڊائيندو رهيو.
    ڊاڪٽر پٺاڻ هي ادارو قائم ڪري نه رڳو پنهنجي والدين جو نالوروشن ڪيو پر پاڻ کي مصروف رکڻ سان گڏ پنهنجي اولاد کي به زندگي گذارڻ جي هڪ احسن رستي تي لاڙي وڌو آهي. علم سان اهڙي محبت ۽ عقيدت سبب سندن نالو سنڌي ادبي تاريخ ۽ تحقيق جي دنيا ۾ وهائو تاري وانگرچمڪندي زندگي ۾ ئي کيس هڪ نظرياتي ليجنڊ جي مرتبي تائين پهچائي چڪو آهي. پر اهو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي زندگي جا بيشمار قيمتي مهينا، سال، راتيون ۽ ڏينهن گل حيات جي ترتيب، تاليف ۽ ترڪيب تي قربان ڪيا.
    ڊاڪٽر پٺاڻ جي معتبر نالو ۽ ادارو نه رڳو هر دور جي مصنفن، محققن ۽ مورخن لاءِ دلچسپي جو حامل رهيو آهي پر تحقيقي ڪم سان جڙيل بيشمار ادارا ۽ شخص سندس محنت مان فيضياب ٿيندا رهندا آهن جن کي ڊاڪٽر صاحب کان هر قسم جو تعاون ملندو رهندو آهي جن مان سنڌيالوجي، سنڌ مدرسته الاسلام، لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، نينشنل بڪ ڪائونسل آف پاڪستان، گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڪراچي، بيورو آف ڪيوريڪيوليئم ڄامشورو، سچل چيئر ڪراچي يونيورسٽي،پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز، ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو. خيرپور ميرس، پاڪستان نيشنل سينٽر ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو وغيره خاص آهن .
    گل حيات ۾ هزارين ناياب ڪتابي نسخن ۽ اخباري تراشن متعلق بيشمار تحقيقي دنيائون آباد آهن جن مان هر دنيا جي پٺيان وري الگ الگ دنيائن جو هڪ وسيع وعريض سلسلوجڙيل آهي. ڊاڪٽرصاحب 1843ع کان وٺي اڄ تائين هر قسم جومواد ڪٺو ڪيوآهي جنهن کي پڙهندڙن جي سولائي لاءِ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي طريقي سان موضوع جو حساب رکي ويهه مختلف ڪارنز يا چيئرز مين ونڊيو ورهايو ويوآهي جيڪو تمام محنت طلب جوکو آهي ۽ مون کي حيرت آهي ته هن پوڙهي شينهن اڪيلي سر اهو ڪيئن ڪيو هوندو.
    ڊاڪٽر صاحب گل حيات جي خزاني کي ڇڙو عمارت تائين محدود ڪونه رکيو آهي پر ان کي جديد ترين سائيبر دنيا، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ پڻ احسن طريقي سان متعارف ڪرائيندو رهيو آهي ته جيئن دنيا ڀر ۾ پکڙيل محقق سندس محنت مان فائدو وٺي سگهن. نئين شاگردن کي به ڊاڪٽر پٺان فون، خطن ۽ اي ميل ذريعي تحقيقي ۽ تدريسي امداد ڪري سندن منزل جي تعين ۾ مدد ڪندو رهندو آهي. گل حيات جي ويب سائيٽ تي به محققن لاءِ تمام گهڻو مواد رکيو ويو آهي ته جيئن ضرورت مندن کي اهو علمي ڀنڊار هر وقت موجود رهي ۽ اسان جون موجوده ۽ ايندڙ نسلون صدين تائين پنهنجي شاندار ماضي سان متعلق ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجي خطي جي تاريخ سان دلچسپي جي بنياد تي وابستگيون قائم ڪري سگهن. دنيا ڀر ۾ هر طبيعت ۽ فڪري لاڙن جون شخصيتون گل حيات ۾ جمع خزاني کي ڏسڻ ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ اينديون رهنديون آهن جن لاءِ گل حيات جو هڪ اڌ ڪمرو ڪڏهن ڪڏهن گيسٽ هائوس جو ڪم پڻ ڏيندو آهي. هتي هڪ بورچي خانوپڻ آهي جتي اڪثر اوقات ڊاڪٽر صاحب پاڻ مهمانن جي خدمت ڪندو آهي ته ڪڏهن ڪو مهمان به سندن هٿ ونڊائيندو آهي.
    حضورصلعم جو قول آهي ته “محقق جي قلم جي مس شهيد جي خون کان وڌيڪ مقدس ٿيندي آهي“. شايد ان لاءِ ئي اقوامِ عالم پنهنجي انهن دانشورن کي خزانن سان ڀيٽائينديون آهن جن وٽ زندگي ۾ ئي عمده ڪردار، عقلمندي ۽ عظيم روح هوندو آهي جي هر قسم جي ڪاڙهي، ڪوجهي ۽ ڪوڙي حالات ۾ به همٿ سان جيئندا،سوچيندا ۽ عمل ڪندا آهن. دانشور ڄاڻندا آهن ته خوابن جي تعبير جادو ٽوڻي سان حاصل نه ٿي ڪري سگهجي بلڪه ان لاءِ سچ ۽ سلوڪ جي رت ست سان ڏيئا ٻاري منزل جو تعين ڪري دل، دماغ ۽ عمدي اعصابن سان سخت جستجو ڪرڻي پوندي آهي. ڊاڪٽر صاحب جي سموري زندگي اهڙي ئي جهدِ مسلسل جي عمده مثال آهي جنهن ۾ هن سکڻ ۽ سيکارڻ عضوو بڻائي ڇڏي آهي.
    پنهنجوقيمتي وقت، اوجاڳا، اکين جو نور، پنهنجي پيارن کي ڏيڻ واري وقت مان ڪٽوتي ڪري، ڪروڙين لمحا پنهنجوپاڻ کان ئي چورائي اخبارن ۽ رسالن جي ردي مان اسان جو اتهاس جوڙڻ واري هن ادبي پيغمبر جيڪا محنت ڪئي آهي اهڙي مشقتن لاءِ ئي محنت ۾ عظمت جون ڳالهيون هر دور ۽ هر قوم جي وڏڙن جوڙيون آهن. اهڙن جوکن لاءِ ڪيترن ادارن ۽ ڄمارن جو هجڻ به ناڪافي آهي پر هي دنيا اچرج گهر آهي جتي اسان جهڙي سهلِ طلب قوم ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر درمحمدپٺان جهڙا کاهوڙي ڪردار ملي ويندا آهن جيڪي اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريندا آهن جيڪو ڪري ته ڇا پر سوچڻ سان به اسان جهڙا ماڻهو ڪيٻائيندا آهن. سندس محنت ڏسي مون کي ته سمجهه ۾ ڪونه ايندو آهي ته هن انسان کي اسان جي قوم ۽ دور ۾ ڪٿي ويهاريو وڃي ۽ سندس حاصلِ محنت کي ڪهڙو مقام ڏنو وڃي. سچ ڳالهه اها آهي ته مان پڻ پنهنجي دنيا ۾ تحقيقي لکڻ لکائڻ متعلق ديو مڃيو ويندو آهياڻ پر ڊاڪٽر صاحب جي محنت ڏسي مون کي لڳندو آهي ڄڻ ته مون جهڙا ماڻهو هن پهاڙ جي سامهون زمين تي ريڙهيون پائيندڙ ڪيڙن ماڪوڙن کان وڌيڪ اهميت ڪونه ٿا رکن.
    ڊاڪٽر صاحب 1843ع کان وٺي اڄ تائين سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن مان هزارين موضوعن جون ڪٽنگس، ايڊيٽوريئل، واقعات، معاملات ۽ سانحات جي تراشن کان علاوه پريس ڪلپس، سوين خط، هر پارٽي جا پوسٽر، اسٽيڪر، ٽوپيون، شرٽيون، هر ننڍي وڏي رهنما ۽ اين جي اوز جا پروفائيل، ڊاڪو چورن، اغوا ٿيندڙن، اغوا ڪندڙن، آزاد ٿيڻ وارن، مرڻ وارن سان متعلق مواد، پريس ڪانفرنسن جا پمفليٽ، هينڊ بلز، نيوزايٽمز، بڪ ليٽس وغيره جو هڪ تمام وڏو ذخيرو جمع ڪيو آهي. اهڙي ريت هتي سياست، اسلاميات، اقتصاديات، تنظيمن، سياسي ۽ سماجي پارٽين، عالمي مذهبن، تاريخ، قديم ماڳن، آزادي واري هلچل، سياسي ادب، صحافين، پيرن، خليفن، اديبن، تازه حالتن جا مامره، شخصيتن ۽ انهن جي پيدائش توڙي وفات کان وٺي زندگي ۽ جدوجهد جي مختلف واقعن ۽ حادثن جا سوين فائيل ملندا. جيڪڏهن رڳو انهن موضوعن جا نالا ئي لکيا وڃن ته ان لاءِ سوين ورق کپندا. توهان ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته صرف ايم آر ڊي جي پسمنظر ۾ جمع ٿيل مواد جا پنج سو کان مٿي بائينڊيد فائيل گل حيات ۾ موجود آهن.
    ان کان علاوه گل حيات ۾ ناياب ڪتابي خزاني سان گڏ تاريخ سان سلهاڙيل ڪمياب ترين تصويرن جي صورت ۾ جمع ڪيل تاريخ جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي جنهن کي ڏسي سندس کوجي خالق جي همٿ، محنت، شوق ۽ عظمت جو دل جي گهرائي سان قائل ٿيڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر صاحب وٽ ادبي امداد جي تدوين ۽ ترسيل لاءِ ڪڏهن نهڪر ڪونه ٻڌي ۽ ڏٺي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر اڃارو ڪردار پوءِ اهو ادارو هجي يا شخص هتان سيراب ٿيندو رهندو آهي. اسان جي قوم سان متعلق هڪ عجيب و غريب حقيقت اها آهي ته جنهن قوم اجتماعي ۽ انفرادي طور تي سدائين تاريخ جهڙي سبجيڪٽ جي اهميت سان نهڪر واري پٺي ڏني ان قوم مان هڪ ماڻهوڦٽي ڪيل ردي جي ٽڪرن مان اسان جي ۽ اسان جي خطي جي تاريخ جوڙي اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو هن وقت تائين ڪنهن اداري ڪونه ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب علم، ادب ۽ تاريخ جي حوالي سان هر ان شي کي اهميت ۽ پيار ڏئي ان جي پرورش ڪئي آهي جنهن کي اسان اجتماعي طور تي سدائين ٻوجهه ۽ نفي جو سامان سمجهي ڌڪاريو آهي.
    ڊاڪٽرصاحب وٽ جمع ٿيل سوين موضوعن منجهان صرف هڪ موضوع جي عنوانن سان توهان کي سندس محنت جو اندازو ٿيندو. مثال طور اسان انگريز دور کان هن وقت تائين جيتريون ڀي سياسي پارٽيون جڙيون، اڀريون ۽ اسريون آهن انهن سڀني جا پروفائيل گل حيات ۾ موجود آهن. جهڙوڪ سنڌ سڀا، سنڌ هندو سڀا، سنڌ بمبئي صوبائي ڪانفرنس، برٽش ايمپائر ليگ، س پراونشل ڪانفرنس، هوم رول ليگ، سنڌ مسلم ليگ، ستيه گرهه سڀا، سيواديشي سڀا، جميعت العلما، خلافت ڪاميٽي، امن سڀا، انٽي نان ڪوآپريٽو سوسائٽي، دي نيشنل سروس ليگ، سوراج سڀا، سنڌ سوراج سوسائٽي، سنڌ زميندار ايسوسيئيشن، اپر سنڌ زميندار ايسوسيئيشن، نيشنل ڪنوينشن ڪلب، سنڌ زميندارز سڀا، هاري پارٽي، اينٽي سيپريشن ڪاميٽي، سنڌ آزاد ڪانفرنس، سنڌ پيپلز پارٽي، سنڌ آزاد پارٽي، انڊين نيشنل ليگ، سنڌ پروگريسو پارٽي، سنڌ پوليٽيڪل ڪلب، سنڌ پيپلز ڪانگريس ڪاميٽي، سول لائيبرٽيز يونين، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي، سنڌ ليبر پارٽي، سنڌ سوشلسٽ پارٽي، يونينسٽ پارٽي، خاڪسار تحريڪ، آل انڊيا مسلم ليگ، سنڌ ساگر پارٽي، مسلم نيشنلسٽس پارٽي، سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي، سياسي ادب، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ هاري پارٽي، جيئي سنڌ تحريڪ، ترقي پسند پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ جا سمورا گروپ، سنڌ نيشنل فرنٽ، عوامي تحريڪ، سنڌڊيموڪريٽڪ پارٽي وغيره جهڙي پارٽين جي سمورن اڳواڻن، عهديدارن، انهن جي بيانن، تقريرن، پريس ڪانفرنسن، پارٽين جي مختلف ونگن ۽ انهن جا ڏيڍ سوسالن کان مٿي واري ان عرصي دوران ٿيل هر قسم جي مشغلن، معاملن ۽ هلچل کي الڳ الڳ ٽاپڪن ۾ جمع ڪيو ويو آهي.
    ڊاڪٽر صاحب جو وڏو پٽ ممتازپٺاڻ آئي ڏينهن نهايت عرق ريزي سان گل حيات جي علمي ساگر ۾ ٽٻيون هڻي انتهائي انمول موتين جهڙي موضوعن سان اسان کي واقف ڪرائيندو رهندو آهي جن کي مان پنهنجي تمام مصروفيتن جي باوجود ضرور پڙهندو رهندو آهي جو اهي منهنجي لاءِ تمام گهڻيون ڪارائتيون هونديون آهن جو کيس تاريخي معامرن کي سموهي قلمبند ڪرڻ جي جادوگري سندس تحرير ۾ جام ملندي آهي جيڪا يقينن کيس سندس والد کان ورثي ۾ ملي آهي.
    هن دنيا ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجو پاڻ کي موڪلڻ جو مقصد ۽ خدا تعالا جو (پنهنجي متعلق) منصوبو ڄاڻي وٺندا آهن ۽ پنهنجي زندگي کي ڀوءَ ۽ انديشن ۾ اڇلڻ بجاءِ ان کي سمجهي پنهنجي منزل کوجڻ جي رستي تي لڳي پوندا آهن جنهن کي سندن حوصلا جلد يا دير ماڻي وٺندا آهن، ڊاڪٽر صاحب به اهڙي قسم جي مانجهين منجهان آهي جيڪي هن دنيا ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري چڪڻ کان پوءِ ڌرتي ۽ قوم ڏانهن پنهنجو فرض پڻ نڀائي ڇڏيندا آهن. ڊاڪٽر صاحب جو مڃڻ آهي ته ”ترقي يافته ملڪن ۾ قومن جون ٽي اکيون هونديون آهي جن مان هڪ سندس ماضي تي، ٻي هلندڙ وقت تي ۽ ٽين اک سندن مستقبل تي نظر رکڻ جي ڪم ايندي آهي. جڏهن ته اسان قوم جي پسمنظر ۾ ٽئي اکيون نه هئڻ جي برابر آهن ئي پر اسان جو حافظو به گهڻو ڪمزور آهي ان لاءِ ترقي يافته قومن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نه رڳو اسان جي ٽنهي اکين جي روشني سلامت هجڻ گهرجي پر اسان جو مستقبل تڏهن ئي مانائتو ۽ سڌريل ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان ماضي جي ناڪامين مان سبق پرائي پنهنجي حال کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪيون“. ڊاڪٽرصاحب پنهنجي ٽنهي اکين سان گڏ جي چوٿين علمي اک کي پڻ متحرڪ ۽ مرڪوز رکي گل حيات ۾ اسان جي قومي ورثن ادب، اخلاق، سماجيات، تهذيب ۽ تمدن جي عملن ۽ رد عملن جو هڪ مڪمل رڪارڊ جمع ڪيو آهي ته جيئن اسان جون ايندڙ پيڙهيون ان مان مستفيد ٿي منزلِ حيات و نجات جو تعين ڪري سگهن.
    حڪومتِ وقت کي گهرجي ته محبت سان ڪيل ان مزدوري کي ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجو ڪري لاڙڪاڻو ۾ ڪا عمارت ٺهرائي ڊاڪٽردرمحمدپٺاڻ جي نالي سان ڪو تحقيقي ادارو جوڙيو وڃي يا گل حيات جي موجوده عمارت کي نيشنلائيز ڪيو وڃي جو هاڻي ڳالهه صرف ڊاڪٽر پٺاڻ جي نه بلڪه اسان جي ملڪ جي هر سياسي، سماجي، ادبي، تهذيبي، تمدني ۽ تاريخي پسمنظر ۾ انتهائي عرق ريزي سان جمع ڪيل لکين ورقن جي ترتيب سان نه رڳو سوين تاريخي ڪتابون جڙي سگهجن ٿيون پر اسان جي ايندڙ نسل کي هڪ اهڙو طاقتور ۽ مدلل تحقيقي پليٽ فارم ملي سگهندو جيڪو صدين تائين علم جي اڃ اجهائڻ ۾ سائلن سان معاون ثابت ٿيندو.
    سرڪار سان گڏ اسان جي قوم کي پڻ گهرجي ته پنهنجو خون ۽ پگهر ڏئي اسان توهان لاءِ هن انمول محنت کي جمع ڪرڻ جي موٽ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيترو ٿي سگهي عزت و احترام ڏنو وڃي جو هن ناگوار دور ۾ جتي اسان سڀئي اجتماعي ۽ انفرادي طورتي پنهنجي پنهنجي خواهشن جا غلام بڻيا اجائي عياشين ۽ آواره گردين پٺيان ڊوڙيندي قوم، ملڪ، نسل، زمين ۽ رشتن ناطن وڪڻڻ واري رهزني ٽولن ۾ شامل ٿي هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ مصروف آهيون۽ جتي اسان غفلت جي ننڊ ۽ جهالت جي اوجاڳن ۾ هيڏي هوڏي ڀٽڪي رهيا آهيون اتي هڪ اڪيلو ماڻهو زمين اندر پاڙون کوڻڻ جي گڻن کي جنم ڏئي رهيو آهي. اسان جي بنجر سماجي ذهنن جي رت ريٽي کيڙين ۾ دعائن جو ٻيجارو ڪري رهيو آهي، پٿر دل انسانن ۾ مٽيءَ سان پيار ڪرڻ جا سليقا جوڙي رهيو آهي. هن لاڏي پنهنجي لاوارث تاريخ کي سيني لائي تهذيب جي رکوالي لاءِ ايترا ته اوجاڳا ڪيا آهن جو هاڻي سندس مور اکيون به سڄي پيون آهن. اسان لاءِ هن ايترو ته ڳالهايو آهي جو سندس نڙي ويهجي ويئي اٿس ۽ اسان لاءِ ايترو ته لکيو اٿائين جو هاڻي سندس مقدس هٿ به ٿڪجي پيا آهن پر ان جي باوجود پنهنجي وجود کي صدين جو ٿڪُ ويڙي هي اٽوٽ مانجهي انڌيرن سان مهاڏو اٽڪائيندي اسان لاءِ ڪيئي محاذن تان ويڙهاند ڪري رهيو آهي.
    هي سڀ ڪجهه هن ڪنهن لالچ، عهدي، مرياده يا پيسن ويسن جي چڪر ۾ نه ڪيوآهي پر پنهنجي سودائي دل سان سودو ڪري ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ اسان جي ايندڙ نسلن کي پنهنجو ٽائيم بينڪ ڏئي علمي، ادبي، تهذيبي ۽ تاريخي طور تي مقروض ڪرڻ جي مقدس ڪم کي سرانجام ڏئي رهيو آهي ته جيئن هو پنهنجي مٽيءَ جو قرض چڪائڻ ۽ قوم کي جهالت مان آزادي ڏيارڻ واري مهان انسانن ۾ شامل ٿي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو