احمد علي صابر جي ڪتاب "سورن سَلا نِسريا" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    فڪر جي طاقت اعتماد جي ڀاڪر ۾ آهي...!
    احمد علي صابر جي ڪتاب " سورن سَلا نِسريا" جو سرسري جائزو....!
    فقير محمد سنڌي
    سچو سمجهه پايا سجن مين سمايا،
    انگه دل لکا بادو ئي دفعہ جاتي.
    زندگيءَ جو عملي ثبوت اعتماد آهي، جن فردن وٽ اعتماد آهي انهن وٽ تاريخ، قوم ۽ لفظ سپاھ سالاري جي مورچيءَ تي هوندا آهن. وطن سان محبت جو اظهار لفظن مان ظاهر ٿيندو آهي. اهو ان صورت ۾ ٿيندو آهي، جڏهن فرد جو اعتماد سماج تي پختو هجي. احمد علي صابر چانڊيو به سنڌي ادب ۾ ان اعتماد جو راهي آهي جنھن کي اعتماديءَ جو روح تاريخي طور تي ورثي ۾ مليل آهي. ڪتاب " سورن سَلا نِسريا" به اها اعتماد جي جاکوڙ آهي جنھن ۾ احمد علي صابر پاڻ پسايو آهي. ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آهي. جنھن ۾ سچ، وقت، اعتماد ۽ حوصلو شامل آهن. اهڙو ئي حوصلو احمد علي صابر جي ارپنا ۾ ڏسڻ ۽ پڙهڻ وٺان آهي. "ارپنا پنھنجي جيون ساٿي غلام زهره جي نالي......
    جيون کل تماشو سائين،
    پاڻيءَ ۾ پتاشو سائين،
    جيون تي جنھن آهي ڀاڙيو،
    سج سفر ۾ تنهن ڄڻ لاڙيو،
    جيون واريءَ مٺ ڀريل آ،
    جيون گذريل خاشو سائين،
    پاڻيءَ ۾ ته پتاشو سائين..!!
    مضمونن ۽ مقالن جو هيءُ ڪتاب سورن سلا نسريا ڊسمبر 2018ع تي سمبارا پبليڪيشن شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل رضوان گل ٺاهيو آهي.
    ڪتاب جو ادارو ساجد سنڌي لکيو آهي. " احمد علي صابر سنڌ جي انهن عشاق ليکڪن جي قافلي جو ساٿي آهي، جيڪي بغير ڪنھن هلم جي ادب براءِ زندگيءَ جي راھ تي رمندي پنھنجي حصي جو ڪم سچائيءَ ۽ بردباري سان ڪندي به ٿڪاوٽ جي پاڇي کان ڪوهين ڏور بيٺل آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته کين اها مڃتا نه ملي سگهي آهي، جنھن جو هو حق لهڻين ٿا."ڪتاب جو باب پھريون" رڃ مان رڙ " جيڪو حصو تاريخ تي آڌاريل آهي. ان ۾ ڪميونيڪيشن جي جيتري رسد هئي ان کي احمد علي صابر پنھنجي ڪوشش سان پورو ڪيو آهي. سنڌ سڀيتا صدين کان آسودي رهي آهي. جنھن کي احمد علي صابر ساڻيھ سُڌِ ۾ هن ريت پيش ڪيو آهي." سنڌ جي محبت واري دل واديءَ مهراڻ معجزن آهي. گوڪِ معشوق جي وصال واعدي جي خوشيءَ جو منظر، مصر جي نيل ندي به هن اڳيان پتڪڙي آهي." سنڌو ندي کان سورنهن نديون ڊيگهاريون ضرور آهن پر وهڪري ۽ موج مستي ۾ سڀن کان ھيءَ سرسري آهي تن ۾ ميپسي ننڍي 4383ميل، آميزان ندي 4080ميل، ينگسٽي ڪئانگ 3500ميل ،نيل ندي 2500ميل، لينيسي ندي 3300ميل، آمورندي 2640ميل ،نائيجر ندي 2550ميل، ليناندي 2500ميل ،اوبي ندي 2500ميل ڪانگو ندي 2500ميل، هولنگر ندي 2480ميل، وولگاندي 2400ميل ،ميڪنزي ندي 2300ميل، سينٽ لاوينس ندي 2150ميل، مڊيلا ندي 2000ميل ۽سنڌو ندي 1800ميل ڊگھي جيڪا دنيا جي سڀني ندين ۾ ڊيگهه جي لحاظ کان سترهين نمبر تي اچي ٿي. جدت ۽ لڏپلاڻ ۾ فائدو ئي ٿيندو آهي، قومون هڪ ٻئي جا اثر قبول ڪنديون آهن. تڏهن خوشحالي ۽ ترقي جي راھ هموار ٿيندي آهي پر برصغير جي ورهاڳي کان پوءِ ٻولي، ثقافت ۽ سماجي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي جنھن ۾ پنجاب ۽ بنگال فائدو حاصل ڪيو. پر سنڌ ۾ ان لڏپلاڻ مورڳو ڌاريائپ محسوس ٿئي ٿي ڇو جو سنڌ جي مقامي ماڻهن تي اها پابندي هنئي وئي ته سنڌي هندن کان سنڌي مقامي ماڻهو ڪجهه به خريد نه ڪندا تنھن تي سنڌ ۾ رهندڙ کي تڪليف ٿي جيڪا سنڌ جو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي.
    پيش لفظ ۾ احمد علي صابر لکي ٿو ته :" هزارين ڪتابن ۽ ذهنن کي اٿلايو پٿلايو آهي پر پوءِ به ڏات جي ديوي جا رستا پختا ڪين ٿو ڀائنيا."
    ڪتاب جو باب ٻيون، سورن سلا نسريا( علم /آگاهي )هن باب ۾ احمد علي صابر جي من جي ڳالھ فطرتي طور تي سنڌ جي مسئلن کي پنھنجي ذهني طور تي قلم جي نوڪ سان تاريخ جي ورقن کي سڃاڻپ ڏني آهي ڇو جو جيستائين ليکڪ کي سماج جا سور نظر نه ايندا ته تيستائين هو هڪ حساس ليکڪ ٿي نه ٿو سگهي. جنهن ليکڪ جا جذبا سچا آهن اهو ٻين جي دلين کي فتح ڪري سگهي ٿو. ناليوارو شاعر، محقق ۽ ڪالمنگار پروفيسر مختيار سمون ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته : جيئن ته مضمون ۽ مقالن واري صنف غير افسانوي نثر واري دائري ۾ اچي ٿي تنھنڪري ضرور آهي ته غير افسانوي نثر جو مختصر مطالعو ڪندي "سورن سَلا نِسريا" ۾ ڇپيل احمد علي صابر جي مضمونن ۽ مقالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. "احمد علي صابر ڪائنات جي اندر پنھنجي سماج کي سمجهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ڪائنات يا فطرت جي باري ۾ ڪنھن جو قول آهي ته :" ڪائنات يا فطرت پنهنجي ارتقا جي ڪري رڳو مٽيءَ جو ڍير ۽ پٿرن پهاڙن جو مجموعو ناهي رشتن رابطن ۽ عملن توڙي ردِ عمل جو مجموعو آهي." ان لاءِ احمد علي صابر باب ٽين ۾ ماڻهو ملھ املھ کي شخصي خاڪي ۾ پيش ڪيو آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ فلسفي تي دل کولي لکيو آهي. هوشو شيدي جي بهادري کي نروار ڪيو ويو آهي سرڳواسي ڪشنچند بيوس کتري کي گيتن ۾ جهومايو آهي. علامه آءِ آءِ قاضي کي فڪر جي ڏات ۾ توريو آهي. هيمون ڪالاڻي کي حب الوطني جي جذبي سان پرکيو آهي. حضرت سچل سرمست کي انالحق جي سدا بلند ڪندي شاعريءَ ۾ پرکيو آهي. صوفي شاهه عنايت شھيد کي پيار ۽ پاٻوھ جي فڪر ۾ سچ چوندي محسوس ڪيو آهي. ان لاءِ ساجد چانڊيو لکي ٿو ته : "سنڌي سماج ۾ جڏهن انتهائي تيزيءَ سان سچائيءَ جو ساٿ ڇڏي رهيو آهي ۽ وقت جي حاڪمن هٿان ظالم جي تلوار سچائيءَ جا ڪنڌ ڪپي رهي آهي، اھڙي سماج اندر حق جي ڳالهه ڪري ۽ باطل خلاف ٿي بيهڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته سچائي احمد علي صابر جو آدرش آهي." تصوف جي پيروي ڪندڙ علامه تارڪ نجفي علوي ڪير سڏائي. نماڻو فقير، جنھن کي سرمستي جي چوٽ لڳي جنھن پنھنجو حسن جمال درازن ۾ فدا ڪيو. استاد پيرل قنبر جنھن ڪيترائي ستل ذهن هميشه لاءِ سجاڳ ڪيا جنھن جي ڏيئي جي لاٽ اڃا وسامي ڪونھي.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري شاعر، ليکڪ ۽ ڪمپيئر رضوان گل لکيو آهي، لکي ٿو ته :" احمد علي صابر هڪ برجستو ڪھاڻيڪار، پنھنجي انداز وارو يگانو شاعر، ناول نگار، مترجم ۽ محقق آهي. هن جي اندر ۾ مون هميشه جاکوڙي انسان محسوس ڪيو آهي جيڪو هر وقت کائنس ڪو عملي ادبي ڪم ڪرائيندو رهي ٿو. "
    آخر ۾ احمد علي صابر لاءِ هي سٽون ته :
    سچل ڳالھ عشق جي سچي، ٻيا پنڌ اجايا،
    سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، ڪيا جو چٽي ڏاڙهي..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو