سر سريراڳ داستان پهريون 1 جيڪي منجِھه جَهانَ، سو تارِيءَ تڳي تنهنجي، لُطف جي لَطيفُ چئي، تو وٽ ڪَمي ڪانَ، عَدُلَ ڇُٽان آن نَه، ڪو ڦيرو ڪَج فَضُلَ جو. 2 سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ ياد ڪيو، اُنِ جي عبداللطيفُ چئي، مِٽيءَ لڌو مانُ، ڪوڙين ڪَنِ سلامُ، آڳھِ اَچيو اُنِ جي. 3 سيوا ڪَرِ سمنڊَ جي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ، سَئين وهَن سِيرَ ۾، ماڻڪ، موتي، لالَ، جي ماسو جُڙيئي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿئين. 4 سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمُنڊ سيويو جَنِ، آندائُون عَمِيق مان، جُوتِي جَواهرنِ، لَڌائُون لطيفُ چئي، لالون مان لَهرنِ، ڪانهي قيمتَ تِنِ، مُلھه مَهانگو اُنِ جو. 5 سيويو جَنِ سُبحانَ، وِيرِ نه وِڙهي تن سين، توبَهَ جي تاثيرَ سين، تَرِي ويا طوفان، ڏيئي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرُ لَنگهِيا آسانُ، ڪامِلُ ڪِشتيِبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُن واهَرُو. 6 ساري رات سُڄاڻ، سودو ڪَن صاحبَ سين، ٻانهپَ ڀَري ٻيڙِيون، هليا جوپَ جوانَ، پاڻي پَهلوانَ، لَحظي مَنجِھه لَنگهي ويا. 7 ٻانهپَ جو ٻيڙِن ۾، وکرُ وِڌائون، موتِي معرفتَ جا، سچا سوديائون، التَّائِبُ مِنَ الذَّنۡبِ، اِيَ کَٽِ کَٽِيائون،، اُنِين جِيَ آئون، برڪتَ بارُ لنگهائيان! 8 جَنين سودي، سچَ جو، وکرُ وِهايو، بَخِرو لَھُمُ الۡبُشّريٰ جو، اُنِين لءِ آيو، اُنِ کي لالَنَ! لنگهايو، ساندارو سَمُونڊَ جو. 9 اِيَ گَتِ غواصَنِ، جئن سَمنڊُ سوجِهيائُون، پيهي مَنجھه پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون، آڻي ڏِنائُون، هيرو لال هَٿنِ سين. 10 آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏيا غَواصَنِ، جهريُون جهاڳي آئيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ، سمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا. 11 ويا جي عَميقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي، تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍيُون، پاتاران پيهي، پَسندا سيئي، اَمُلَ اَکَڙِينِ سين. 12 آڏو چِڪَڻُ چاڙ، مُنهنجي موجَ نه سهي مَڪُڙِي، مِيڙي مَٺايُن جو، بيحَد چاڙهيم بارُ، چَوَڻَ چارو ناهِ ڪو، بَديُون بيشمارُ، ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين. 13 وِيرَ مَ لاهي ويهُ، مٿي آرَ اوڙاهَ جي، پَسي پاڙي واريُون، ڪج اَنديشو اَيهُ، ويندو نه پَسِين ڏيهُ، پَتَڻِ هُن پارِ مَڻي؟ 14 اَٺَئِي پهر اوڙاه تي، منجِهه گُهرِءَ گهاري، وَسُ نه ويچاري، ته ڪا ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي. 15 هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي، صاحبُ سنوارَي دَنگِي هِنَ درياهَ مان، هلائي هاڪارَي، ترازو تارَي، سُتَڙِ سڀيئي ڪري. 16 هِڪي ٻانهي چِتَ ۾، ٻي سِٽي صاحِبُ، ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اي آگي جو عَجَبُ، اِيُ سائينءَ جو سَبَبُ، جِئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان. 17 هِڪي ٻانهو چِتِ ۾، ٻي جا ڪري اَللهُ، پاڻَهين وجهي ڪُنَ ۾، پاڻهِين اُڪاري اوڙاهُ، تنهن واحد کي واهُ، جو سُتَڙِ سڀيئي ڪري. 18 هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا الله ڪري پاڻهي وِجهي ڪُنَ ۾ پاڻهي ڪَنڌِيَ ني، سُتَڙِ سي ڍوئي، جي تڙَ توائِي مَڪُڙا، 19 هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻي ڪري جوڙ جبارُ، ڪَڍي اونهي ڪُنَ مان، اَيُ آگي جو آڌارُ، جَهازُ جوهَرِيَنِ جو، تنهن کي ڀَوءُ نه ڏي ڀَتارُ، ننڍا وڏا مَڪُڙا، سَڀِ پسندا پارُ جيڏاهن منهن مديني جو، سُڄي محمد موچارُ، سٻاجهو ستارُ، سُتَڙِ سڀيئي ڪَري. داستان 2 داستان 3 1 کُوها ڪالھ کڻِي، اُنِ وِڌا اُتر آسَري، اَلا جُهري مَ اُنِ جي، اولي جي اَڻِي، وَڻجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِيين. 2 وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پراڻو نه ٿئي، ويچِيندي وِلات ۾، ذَرو ٿِئي نه ضاءِ، سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَھ جَنهن جي اُبَهِين. 3 اورِيائين آڻِينِ، ميڙيو مُعلِمَ خبرُون، سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جتي وَهُ ويڌ ڪَري. 4 ٻيڙِي، تنهنجي ٻاجھ، وَکَرُ تنهن وِصال جو، کوها، اولا توڪِيا، سَڀِ سُونهارا ساجَ، اُتِ ڪا مُعۡلِمَنِ حاجَ، جِتِ پُورَڻَ وارو پاڻِهِين 5 ٻيڙي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ مَ وِتَرو، تَري ۾ تُنَ پيا، پاسَنِئُون پاڻي، هيءَ هَڏِ وِهاڻي، ڪَڙهُہ ڪالهوڻي ڏينهن کي. 6 تَري ۾ تُنَ پياسِ، پاسنئُون پاڻي وهي، کُوهو جُهر جُهنو ٿيو، لاڄُو سڀ لَڙياس، جيلاهِ سَڌَرُ سُکاڻِياسِ، وَهي تي وَهَ سامهون. 7 ويٺو تُن تُنِينسِ، مَکِ ڏيهاڻي مَڪُڙي، سَنباهي سَيدُ چئي، مٿي نينڊوءَ نِينسِ، وَٽائي وَڏاندَرا، لاڄُو، لَڳائينس، آخَرِ اُهرائيِنس، ته جوکو ٿِئي نه جهازَ کي. 8 تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻِي مَڪُڙِي، سانباهِي سَمُونڊَ جِي، مَنا مور مَ لاهِ، اَڄ ڪِي سَنجِھ صُباحِ، اُهِرَنِدي اُتانگَ تَڙين. 9 اَچي سو ڏٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين، سُتي لوڪ لَطيفُ چئي، ياد نه ذرو ڪيوءِ، غافِلُ ٿي غُراب کي، اوڙاهَ تي آندوءِ، سو ڇترُ ڇُوهي کان رَکيين! جو پِيو پُراڻو پوءِ، جهاز ُضَعيفَنِ جو، پاڻيءَ ۾ پَرِتوءِ! سَيدَ! ساٿُ سندوءِ، پُرِ بَندَرِ پَهچائيين! 10 جُتو وانءُ جَهازَ! گَڏيو غُرابَنِ سين، پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَر کڻج ساز، اَچنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سمونڊ جا. 11 دُنگي وِچ درياهَ، ڪي ٻُڏي ڪي اُپڙي، هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهَڻ سڀ سڙيا، مُعلم ماڳِ نه اڳِئين، ڦِلَنگي منجھ ڦِريا، مَلاحَ! تنهنجي مَڪُڙيءَ، اچي چور چڙهيا، جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تُنهنجي! 12 دُنگي ۾ داڻا، وَٺِي وِجُھ وَکَرَ جا، وِيرِ وِڙهنديءِ، ويسرا! وِيهُ مَ ويڳاڻا! هِيءَ نِنڊَ، نه ڄاڻان، ڪڏهن هَڻَندِيءِ تارَ ۾. 13 وَکَرُ، وَڻِجارا! پاڻَ پَرائو چاڙِهيو، اَچِي لَهِرِيُون لَڳيُون، ٻيڙِيءَ ٻِپارا، جاڳو جي، يارا! ته تَڙِ تَوائِي نه ٿئي. 14 ٻيڙِياتا! ٻئي، تو نہ ڦَٻَنديُون ڳالَهڙيُون، سَڄيُون راتِيُون سُمهيِن، ڀَرُ سُکاڻ ڏيئي، صُباح سَڀيئي، پارِ پُڇَندءِ خبرُون. 15 وَه تِکَ وَهَڪُرا، جت لنگَر نه ٺَهرَنِ، وڏاندَريُون وَهَ سامُهيُون، ججهي زورِ جُنبنِ، نيڍوءَ ۾ ناتارِيُون, وڻِجارا وِجهنِ، مُلاءَ مُعلمَنِ، مُون ڳري سُئي ڳالهڙي. 16 وَڻِجارا! ويٺي، تو نه سَرندي شاهَ ري، مَکِ پَنهنجي مَڪُڙي، چَڱِي ڪَر چيٺي، پاسا پاکَڙِينِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي، جي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وڙهنِدي تنِ سين. 17 ناکُئو نِگَهبَانُ، مُعلِمَ مُنجي خَبرُون، جن ساري کَنيو سَمُنڊُ تي، سَفَرَ جو سامانُ، لُطَفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي، تنِ لَنگهيو طُوفانُ، سَنڀاري سُبحانُ، وڃي عدَنِئوُن اُکَتَا. 18 بَندَرِ جان ڀَئي، ته سُکاڻِيا مَ سُمهو، ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽيَ منجھه مَهي، ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪجي، ناکُئا! 19 سُتا سَڀ پئي، سَندي مُعلِمَ آسري، آئيِن پڻ سُمهو، ناکُئا! بَندَرِ ناه ڀَئي، جن جِي سَيدَ لَڄَ کَنئي، سي سڀ لَنگهيندا لڪيُون. داستان 4 1 سَڀئِي سَئِينَ ڪَرين، ڪومَ مُنجهايين واٽِ! سُپيريان جي ساٿِ، لائو لڱو ميڙِيين! 2 سَڀيئي سُبحانَ جي، ڪَرِ حوالي ڪَمَ، ٿِيُ تَحقِيق تَسلِيم ۾، لاهي غم وَهَمَ، قَادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصل ڪري حاجَ تو. 3 چَڱنِ ساڻُ چَڱائيون، اِيئن سَڀَڪو هوءِ، تو جيئن ڪَري نه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائيون 4 چڱا ڪَنِ چَڱائيُون، مَٺائيُون مَٺَنِ، سو وَڙُ سيئي ڪَنِ، جو وَڙُ جُڙي جن سين. 5 مَيَنِ مٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ، ساٿُ نِباهيو نِينِ، اِي پَرِ سَندي سَڄَڻين. 6 وِتُ وِيمي جو جي لَهِين، ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرئين ڪا، سا پَروڙِج ڳالهڙي، وَڻِجارنِ وٽا، موتي جِن هٿا، آندَءِ گهڻي اَدَبَ سين. 7 اَمُلَ آڇ مَ اُنِ کي، جي نه پَروڙِين مَٺِ، جِتِ گڏِجيئي جوهَري، ماڻِڪُ تِتَهِين مَٽِ، جنيين سونَ سين سَٽِ، تِن هَڻِي رِيُ ردِ ڪيو. 8 سونا! وانءُ صَرافَ سينءَ، ڀَڃِي ڇَڏِ بازِي، چاندِي ڪيو چلائيين رُپو رَوازِي، جِتِ ٿيندو رَبُ قاضِي، اُتِ توريندا تَجِوِيزَ سين. 9 سونا! وانءُ صَرافَ سينءَ، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ، سودو سوئي ڇَڏِ، جَنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِي. 10 سونا! وانءُ صرافَ سينءَ، لڏو هَڏِ مَ لاهِ، آهي تَنِ اونداهِ، جَنِ جَواهِرَ ضايع ڪِيا. 11 جُہ صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پڻ لَڏجِ سونَ! قَدُر لَهَندُءِ ڪونَ، نيئي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين. 12 جي نَہ سُڃاڻَنِ سَچَ کي، ويهُہ مَ تِنِي وَٽِ، اَمُلَ کي اَڌ ڪري، پاڻان هَڻندا پَٽِ، وَڃِي مُهرَ تِنِي وَٽِ مَٽِ، جي پارکو پارِسَ جا. 13 قَدُرَ وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدارَ، پاڻِيَٺَ جي پَرَکَڻا، ويا سي وِنجهارَ، ڪَنۡيَرُ پائي اکِين، لَهَنِ سڀ ڪنهن سارَ، صرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿئي! 14 اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿي! پَلَءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران! 15 وَيا سي وِينجهارَ، هِيرو لال وِنِڌينِ جي، تِنين سَندا پويان، سِيهي لَهَنِ نه سارَ، ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻِيين. 16 وڃن مَ وِينجهارَ، پاڻِيٺَ جي پَرَکَڻا، ڪَنۡيَرُ پايو اَکئين، لَهَنِ سَڀَڪَنهِن سارَ، موتيءَ جي مِزاجَ جو، قَدرُ مَنجھِه ڪِنارَ، صَرافِنِئون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي! 17 ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِنِ جوهَرِي، ماڻِڪُ ڪري مُٺِ ۾، وانءُ وٺي وَٽِ تَنِ، سَندُسِ ئي سيد چئي، ڪهڙو قَدُرَ ڪنِ؟ پاڻِيَٺُ ئي پَرِکَنِ، ڪِ ڪَئِنچَلُ گَڏِنِ ڪَچَ سين؟ 18 اَمُلَ اَساري پَئِي، ڀورِي! ڀَڳُءِ جِتِ، ڪوھ نه ويئين تِتِ، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪري؟ 19 اَمُلَ اساري پئي، ڀورِي! ڀَڳُءِ جئين، وانءُ صرافَنِ سينءِ، ٻئي اڌ هَٿِ ڪري. 20 ماڻِڪُ مُنڌُ هَٿان، پيتيءَ ۾ پُرزا ٿيو، سَڄو تان سَيدُ چئي، لَهي لَکُ سوا، ڀَڳي پُڄاڻان، پَدَمان ئي پَري ٿيو. 21 جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو، سَنئُون تن سَڀاڳُ، اَمُلُ جن اوباهِيو. 22 چورُ اُڀو اِيئن چوءِ، ته آئُون اُهوئي آهيان، جي اَسي اَکِيُنِ هوءِ، ته لِڪي کي ڪونه لَهي. 23 جهنگُ کامِي پَٽُ ٿيو، لَٿِي چوران لِڪَ، وَئِي وُجُودان نِڪِرِي، جيڪا دَڙِي دِڪَ، هِڪُ سَڄَڻُ ٻي سِڪَ، ٻئي پَهڻا پاڻَ ۾. داستان پنجون 5 1 مون ٿي چيئي ڪاندَ! ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙِي، سِڙَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيون سَهِي لڳندِيون. 2 لَهِريُن ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا، آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا، اُٿي اَسارا! وِيرِ وِڙَهنديءِ ويسِرا! 3 وِيرِ وڙهنديءِ، ويسرا! اُٿي توهُ طلبِ، سائِرَ ڪنهن سببِ، ڪالَ نه وِڌِه ڪُنَ ۾. 4 ڪالھہ وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ، تُنهنجي اَڄُ تَراز، آهي آرَ اَکِيُنِ ۾. 5 آهي آرَ اَکِيُنِ ۾ ناکُئا! ڪِج نِگاهَ، وڏا ٻيڙا ٻوڙيا، سائِرَ ڏيئي ساهَ، مُلاحِظو، ملاحَ! ڪِج ڪو اِنَهِ ڪن جو. 6 ملاحِظو مَهراڻَ جو، مُورِ مَ لاه مَناءُ، سامُونڊي! سنڀالَ ڪِين، سُمهَڻَ آيءِ ساءُ، جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تارَي وانءُ تَرازَ کي. 7 تارَي وانءُ تَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ! دانهُون ڪَنِ درياهَ جيون، اُونهي جا آگاهَ، سُونهنِ جي صَلاحَ، وَٺُ تہ وِيرِ لَنگهي وَڃيِن. 8 سُونهان سُڌِيُون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جيون، ڪُوڙَ اوڏائي ڪِين ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ، عِجِزَ جو اَڌَ راتِ کي، وَکَرُ وِهائِينِ، ساٿُ نِڀاهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنهيءَ سِيرَ مان. 9 ثابِتُ لنگهيا سيرَ، لهرِن لوڏيا ڪِينَ ڪين، وڃي پَهُتا پارَ کي، نِرِتُون منجهان نِيرَ، ماءِ پَهُتا ميرَ، ٻارِ لنگهيائون ٻاجهہ سين. 10 تون ويسرو، ويرَ! ساٿِيَنِ سَنڀَتِ پنڌ جي، جوڙي جُنگَ جَهازَ کي، ڪوڏِ هڻائج ڪِيرَ، وَهِي وَڻِجارَنِ جي، بَندَرَ ڏانهن بَهيرَ، گَهرِ تَنين جي کِيرَ، جَنِ لاڳيدارَ لنگهائيا 11 قَر ڦُلَ، ڦوٽا، پارچا، پاڻيَٺ پاتائُون، ڪوٺيُون قيمَتَ سنديُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون، لاڄُنِ مَنجھ لطيفُ چئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون، نَذرُ نَبيءَ ڄامَ جو، چَڙهندي چيائُون، جي ڇُھَي ڇوڙيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجھ سين! 12 وِچينءَ جان ويهي، جَرَ پَلئو پائيان، ”تَڙِ ٻيڙا گَهرِ سُپِرين“ اُوسَھ اِي پيئي، جِئن وَڻِجارو سين وَکَرين، سَرَهَا سَڀيئي، حُرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُونگِيا نہ سيئي، پاڻِهِين اُوءِ پيهِي، کَنڊَ کيڙائو آئيا. داستان ڇهون 6 داستان ڇهون ويڊيو 1 تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پنهنجو تُرَهو، اونهي ۾ آڻي، ڪونَ ڏيندُءِ ڪو ٻيو! 2 ڪوڙين جي ڪائو ٿيي، سَمُنڊَ ڪِين نہ سِڪَنِ؟ پاڻيءَ سين پيکُ ڪِيو، تيلانهن وَڻِجهارَنِ، لالون سي لَهَنِ، جِنِي سودو سچَ سين. 3 تارُو تريو وَڃَنِ، ننڍا وڏا واهُڙا، هَيءِ! ٻَرِ! اَتارُنِ، جيئن ڳَرا مَٿِنِ مولھيا. 4 ڏورَي لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِهِين ويسِرو، هَڪِيو هوئج هوشيارُ، کِنوڻِ کِوَندِيءِ اوچتي. 5 سُتِه ڪِهَڙِيَ سارَ؟ وِڄُ کِوَندِيءِ ويسرا! تو جيڏا تو يارَ، لَهِرِنَ لَهِوارا ڪيا. 6 سُتِه سنجهيئي وِڄُ کِوَندِيءِ ويسرا! وِيرَ وَرِي ويئي، اَسارَنِ تان اوچتِي. 7 کِنوڻِ کِنوايو، آيَءِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي، جِنِين نه ڀَئو ڀانيو، ڪَري تَوائي تَنِ کي. 8 سامونڊي! ٿو سَنبَهين، ساڄو جَهل سُکاڻُ، لَڳي واءُ وَڏاندرو، مُنجهائي مَهراڻُ، جِنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري توائي تَنِ کي. 9 نَڪو سُک نَکَٽين، نہ ويساند نَئين، جيڪا اَچيئي سامُهِين، ڀانئِين سا سَنئين! مُوڙِي ڪوه مَئين؟ جِئن سَڄيُون راتِيُون سمهين! 10 اَوکِي راهَ اَللهَ جي، اَوکِي اَوکِيءَ ڀَتِ، هُوءِ جي ڏيهائي ڏيھَ جا، تَنِ پڻ مُوڙهي مَتِ، آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽي نينهن جيئن. 11 مَ ڪِين هيج، مَ هوج، تَرسُ مَ، تاڻِ جَهازَ کي، چَئو ڪَلِمون محمد تي، تہ اڳيان اچيئي اوڄ، سَوکِيَ ڀَتِ، سٻوجهہ! تُنهِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي. 12 تَنَ ۾ ترازَ توهَ جِي، گَهڻو لَھُ گهوري، اَدَبَ ۽ اِخِلاص جا، سِڙهَ ٻَڌجِ سوري، وَکَر وينَتيُن جو، تنهن ۾ پاءِ توري، ته عادنِئُون اوري، تُنهنجو تَوائي نہ ٿِئي. 13 توڻي توائي توءِ تنهنجو آسرو! سَڄَڻَ ڳَرِ لائي، کِيرُون ڏِينديسِ جيڏئين. سر سريراڳ سان وابسته مضمون 1)سر سريراڳ ۾ سدا سودو سچ جو