سر سامونڊي داستان پهريون 1 پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ! سامُونڊيَن جَي وِجهِي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃِنئي اوھَرِي. 2 پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ! سامُونڊيَن جي، مَنَ ۾ ٻارَي مَچُ، جِمَ وَڃَنئي اوھَرِي. 3 پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ! سامُونڊيَن جَي، تون ويسَرِي وِکَ کَڻِين، هو پُوريندا پَرَڏيھُ سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوهُ نه ويئِينءَ اُنِ سين؟ 4 جان اِندِه تان آءُ هَڻِي هَٿُ، پَڳَھَ ۾، لَڳي واءُ، سُواءُ، سِڙُه سانباهِي نہ سَهي. 5 نَنگَرَ جان نه کَڻنِ، وانءُ وَهِلِي نِڪرِي، مَڇُڻ ڏيھ وڃن، ناڙِيُون پُورَي ناکُئا. 6 نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کڻِي پنڌِ پيا، بَنَدَرَ بازاريون، سُڃا سامُونڊِيَنِ رَي. 7 نَنگَرَئوُن نيڻين، مَنُ اوليءَ نه اوهِري، سَٻاجهين سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳِهِيو هِنئون. 8 سيئي جوڀَنَ ڏِينهن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هليا! رُئان رَهَنِ نه ُسپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪيئن؟ مونکي چاڙهي چِيئن، ويو وڻِجارو اوھَرِي! 9 نہ سي تَڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جون! سَرتيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيمَ چاڪَ، مارِينِئون فِراقَ، پاڙيچيُون پِريِن جا. 10 وِيا اوھَرِي اوءِ، مونکي ڇڏي ماڳهَيِن، جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نہ موٽيو ڪوءِ! گُوندَرُ ماريندوءِ، ويچاري! وِينِ جو. 11 اونهي ۾ اوھَرِي، جڏهن جَي وِيا، سانداري سَمونڊَ جي، نِهوڙي نِيا! وڃي تِتِ پِيا، جت نهايتَ ناهِ ڪا 12 اونهي ۾ اوھَرِي، جڏهن ويا جَي، موٽِي ماڳِ نه آئيا، ماءِ! سامُونڊي سي، کارو تنين کي، جيڪُسِ وَهُ ورِي ويو! 13 اوڙاهِ وِيا نه وَرِيا، آئون تنهن مارِي ويڻَ، ڪَرَ ي سامونڊِي سيڻَ جُسَي جارُ پِرائيو! 14 جَي وِئَڙَمِ اَڄُ، سي ڪڏهن ايندا مان ڳَري؟ پريان جَي هُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَنڪِي ڌَڄُ. سامُونڊِيَ ڪو ڏَنجُهہ، ماءِ! مارِيندُمِ ڪڏهين! 15 اُهِرِيا جئائين، ڍُڪَنِ تِن تَڙائين! سامُونڊينِ سائِين!، واءُ سَڻائو وارِئين! 16 سامُونڊِي سارَي، مَٿي تَڙَ گُذاريان، مون کي ٿِي مارَي، اُنيِن سندِي ڳالهڙِي! 17 سامُونڊِي سارَي، ماءِ! منهنجو ڄِندَڙو، بَندَرِ ويچارَي، وَڃِي لايا ڏينهڙا. 18 سامُونڊِيڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون، انگُنِ چاڙهي اَڱُ، ويو وَڻِجارو اوھَرِي! 19 وڃيئي وِسري شال، جو تو سودو سِکِيو، اَڃا آئين ڪالَ، پُڻ ٿو سَفَرِ سَنبهِين! 20 ڳِريو جهَليو روءِ، مَٿي مُهرَي هَٿڙا، کوءِ سودو سَندوءِ، جو تو، ڍوليا! سِکِيو. 21 اُلوڙَڻَ نہ ڏِئي، وَرُ وِڌائين وَنجھَ کي، رَهُ اَڄوڪِي راتِڙي، لالَنَ! مُون لائي، وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپرِين! 22 جيڪُسِ نِٻَرُ نِينهن سَندومِ، جئن مون اُڀي هُن ٿيلِھيو، سعيو سامُونڊين سين، اَڳهِين تان نہ ڪَيومِ، وِجَهڻُ مَنجِھ هُئومِ، پاڻُ وراڪي رَسِ سين. 23 ٻيڙيءَ جي ڀُڻَنِ، نِينهُن نہ ڪَجي تن سين، اُڀيُون ڏَنَڀ ڏِسَنِ، جُہ سِڙُه ڏيئي سِير ٿيا. 24 هِنيئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏُتِڙِ پئي ڏينهن ٿيا! پُڇيو تان نه پِريان، ڪَرَلاهُو ٿي ڪڏهين. 25 تَنَ جَنِين جِي تانگَ، سي سَڄَڻَ سَفَرِ هَليا، لَئِج لات، لطيف چئي، ڪڏهن ايندم؟ ڪانگَ! ڪنهن سَٽاڻي سانگَ، پِرِين پَرَڏيهي ڪيا. 26 تان ڪِي لَئِج، ڪانگَ! ڪڏهن ايندا مان ڳَرِي؟ سيڻَنِ ڪارَڻِ سانگَ مون تان گَهڻئِي ڪيا. 27 سَرَ نِسَرِيا پاندَ، اُتَرَ لَڳا، آءُ پِرِين! مون تو ڪارَڻِ ڪانڌ! سَهِسين سُکائون ڪِيون. 28 سَرَ، لوهِيڙا ڳَڀيا، ڪُسَرَ نِسَريا، تو ڪيئن وسرِيا ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا؟ 29 جيڪر اَچي هاڻِ، ته ڪريان رُوح رُچَندِيُون، آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، هوندَ ڳَر لڳي ڳالهيُون ڪَريان. 30 آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، اَچي ته جهيڙِيان، لايَئي ڏِينهَن گهڻا، مون سين ڪَيَئي ٿورڙا. 31 ڍولِيو وِئَڙو ڏُورِ، تي ٿِي سِيءَ گُذاريان مادَرِ! مُون مَ چورِ، ناتَ پَڌَرِ پُندِي پرِينءَ ري. 32 لاهِيندا ئي ڪَنِ، ڳالهيُون هَلَڻَ سَنديُون، ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَهَ وِجهندا جِندڙو!. 33 مونکي جِياريو، پِرِيُنِ جي ڳالھ ڪري، ڊَٺو اَڄُ اَڏِيو، هِنئڙو ڪوٽَ بُرِجَ جئن. 34 وانءُ وڃي وانئُٺِ، هِيَنئڙا! ماڳُ پِرِيَنِ جو، چُميو، چُمُ چانئُٺِ، هوءِ جا سندِي سڄڻين. 35 آئون جَنِ آسارَي، مَٿي تَڙَ گُذاريان، مون کي وِسارَي، شالَ م َ وڃَنِ اوهَرِي! 36 سنهي لَڪِ، نَڪِ، سَئين، ڪَجَلَ ڀنَنِ نيڻَ، سامونڊِي! مون سيڻَ، ڪِ تو ڪالَ لنگهائيا؟ 37 هي سَڄَڻَ سيئي، جي مون ڪوڏِ نِهاريا، ايندمِ جان پيهي، ته سڀِ لاهيندمِ ڏُکڙا. 38 چِمڪِيون چَوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچنِ جُون، ماءِ! سامُونڊي آئيا، سَهسين ڪَري سِينگارَ، اُنِينَ جي پَچارَ، ڪالهونڪَرَ ڪانگُ ڪَري، داستان ٻيون سامونڊي 1 اَڄُ پُڻ وايون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جيون، اَٺَئِي پهرَ اَٿَنِ، سَعيو ڪنهن سفر جو. 2 اَڄُ پُڻ وايون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جِيون، مون اُڀيئي هليا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ، سَرتِيون! سُورَ سَندُنِ، مون ماريندو ڄِندَڙَي. 3 اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جِيون، هَلڻَ هارا سُپِرِين، رُئان تان نه رَهَنِ، آئُون جَهليندي ڪيترو، آيَلِ! سامُونڊينِ، پَڳھَ ڇوڙَي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾. 4 لاهِيان جَي نہ چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسران! مَڙِهيو منجهاران، جِيُ مُنهنجو جَنِ سين. 5 چتاءِ جي نہ چُرَنِ، الا! اُنِ مَ وِسران! مون مَنُ آهي تَنِ، مَڙِهيو مَنجهارا هيين. 6 تَڙينِ تَنوارِينِ، ماءِ! سامُونڊي آئيا، مونکي جيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جون. 7 اولا کڻي اُوءِ پَڳَھ ڇوڙي پَنڌِ ٿيا، آيَلِ! سامونڊِيَنِ جِي، آه اَڙانگي جوُءِ، ڪڏهن ڏِسَندِيَسِ روءِ، وَرِي هِن اکين سين؟ 8 لَڳي اُتَرَ هِير، سامُونڊِيَنِ سڙہ سنڀاھيا، ننگر کڻي ناکُئا ٿيا ساوا سِيرَ، ھينئڙي نت اُڪيرَ، کاري کيڙائن جي 9 لَڳي اُتَرَ اُهَرِيا، واهُندَي وَرَن، آئون گهڻو ئِي گهوريان، سودو سامُونڊين، اڱڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي، اُنِ کي. 10 اَڱڻِ آئيا جان تہ سَرَتيُون، مون سُکَ ٿيا، اَمُلَ پِريِنءَ مٿان، ٻُرِڪيو ٻين ڏيان. 11 آئِي اُتَرَ مُندَ، هيين اُڊَڪو نہ لَهي، وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مکِينِ ٻيڙِيون. 12 لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙَه اُپَٽِيا، ڪارَڻِ تَنِ پِرِيَنِ،ويٺِي واٽَ نهاريان. 13 سِڙه سُڃاڻيو چوءِ، ماءِ! سامونڊي آئيا، مانَ منهنجو هوءِ جانِي هِنَ جَهازَ ۾! 14 سِڙَهَ ٿي سِبيائُون، بَندرَ جَن تَڙن تي، سِڙَهَ سِبي ساڄا ڪري، کُوها کنيائُون، بيرَقُون بحرِن ۾، ڇوڙي ڇَڏِيائُون، لَهريُون لَنگهيائُون، لُطف ساڻ لَطيفُ چئي. 15 سِڙَهَ ٿي سِبيائُون، بَندرَ جَن تَڙنِ تي، مُلا مُعلِمَ خبرون، پُڇِي پُوِريائُون، سُتڙُ سوٺِيائُون، اَوَتَڙِ ڪنهن نہ اولِيا. 16 بَندَرَ ديسان ديسِ، اَمُلَ نہ مِلي وارِئين، فَقِيراڻي ويسِ، اَمُلَ ڏِينِ اَڻتوريا. 17 پَتَڻِ پوءِ پچارَ، آن ڪي سِڙَه وِيندا گَڏيا؟ اَڪُنڍَ مون اَپارَ، شالَ منهنجا موٽيا! 18 اُڀيُون تَڙَ پوڄِينِ، وَهُون وَڻِجارنِ جيون، آڻيو اکا ڏِينِ، کَٿوري سمُونڊ کي. 19 جَنِين ڪارَڻ مون، تَڙ پُوڄارا پوڄيا، پُنِيَمِ اُميدون، سيئي سڄڻَ آئيا. 20 وائُنِٽيون ٿِيون وَرَڪَنِ، اڃا سِڙَه نه پڌرا، سيئي ٿيون، مَرَڪَنِ، جَنِين سندا آئيا. 21 کُوهَنِ سِرِ وائُنٽِيون، وائُنٽِيُنِ سِرِ ڳَنڊَ، کيڙَي کيڙَي کنڊَ ماءِ! سامونڊي آئيا. 22 جَرَ تڙ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون، اَلا! ڪانڌُ اَچي، آسائتي آهيان! 23 جا جَر جاٽُون نہ ڏِئي، ڏِيا نہ موهي، سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پنهنجي ڪانڌَ جيون؟ داستان ٽيون سامونڊي 1 پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مون ڏُورِ ٿيا، نہ مُون هَڙَ نہ هَنجَ ڪِي، جو آئُون چَئي چَڙهان، اِيئن ڪَجِ پاتِڻي!، جنهن پرِ پرينءَ مِڙان، ڪارُون تي ڪَريان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا! 2 هَڙَ ۾ ڪيِنَ هُئوُنِ، هُنئين هُنِ نه چاڙهيا، سارو ڏينهن سمونڊَ تي، لهي سِجُ وِيونِ، جڏهن سائينءَ سبب ڪيونِ، تڏهن سُتَڙِ ٿيا سَيدُ چئي. 3 اسان اُڌارا، آڻَي آوَنگَ چاڙِهيا، مُنهُن ڏيئي مُون آئيا، سَمُهان سيارا، اُڀرَنِ سِيڪارا، پَسئو وَرَ ٻين جا. 4 مون اُڀي تَڙَ هيٺِ، پِرِيُنِ پَڳَھَ چوڙِيا، ڪا مُونهِين ۾ ڏيٺِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهڻو. 5 مون اُڀي تَڙَ وٽ، پَرِيَنِ پَڳَهَه ڇوڙِيا، ڪا مُنِهين ۾ گھٽ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهڻو. 6 مون اُڀي تَڙَ جھل، پَرِيَنِ پَڳَھ ڇوڙِيا، ڪا مُنِهين ۾ ال، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهڻو. 7 مون اُڀي تَڙَ پاسِ، پَرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِيا، هو اَلله هارَ اُهِرِيا، آئُون دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ، آهَ نه لاهِيندياسِ، موٽي ايندا مان ڳَرَي! 8 کيڙائِن کارو، سَنجهيئِي سارِيو، آيَلَ! اُمارو، آهِن پَرِيين پارَ جو. 9 کارَي کيڙائُو، مَٿي مِٺَي موٽيا، سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو، موتي جي مَهراڻَ جا، تنِ جا طاماعُو، سامُونڊي سائُو، لَنڪا لوپَي آئيا. 10 لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَئي لَنڪا جي اوهرِيا، سُڻي سُون لَنڪا جو، سُکُ نہ سامُونڊينِ، پِرِهَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کارَي کيڙائنِ، وَڏي ڀاڳ ڀِڙنِ، جي ڪَهيا ڪارُونڀار ڏي. 11 وَڻِجارنِ ورِي، پِرِهَ پَڳَھَ ڇوڙيا، اولِيُون پَسي اُنِ جون، پِيَڙَمِ ڳچ ڳَرِي، وِيندِيَسِ ماءِ! مَرِي، ساري سامُونڊينِ کي. 12 وَڻِجارَنِ وارَي، پِرِه پَڳَههَ ڇوڙِيا، کيڙائُو کارَي، سَنڀُوڙا، سَيَّدُ چئي. 13 وَڻجاري جِي ماءِ، وَڻجارو نہ پَلِئين؟ آيو ٻارهين ماهِ، پُڻِ ٿو سَفَرِ سَنبهَي! 14 وڻجاري ڪانڌاءُ، مُون وَرُ ويٺي گهارِيو! لڳي اُتر واءُ، ڍولِيو هَلڻَ جون ڪري. 15 جي تون وَڻجارو ڪانڌُ، ته مون هَڏِ مَ لائون لَڌيُون! پَرَڏيھَ مٿي سانگُ، اَٺئي پَهرَ جنهن ڪيو. 16 پَرَڏيههَ پُوريائون، سامُونڊِيَنِ سِڙَهَ سَنباهيا، مان تَنُ ماريائون، پاڻا وِجهي گُندَرين! 17 ڏِٺي ڏِياري، سامُونديُنِ سِڙهَ سنباهِيا، وِجهيو وَرُ ونجھ کي، روئي وَڻجارِي، مارِيندءِ مارِي!، پِرِهَ سُورَ پِرِينِ جا. 18 ڏِٺِي ڏِيارِي، سامُونڊِيَنِ سِڙهَ سنباهيا، اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئي، وَڻِجارَنِ وائي، آهي پَرَيين پارَ جِي. سرسامونڊي سان وابسته مضمون 1) ڀٽائي جي سُر سامونڊي ۾ وڻجارِِيءَ جو درد