سجاد، شاعري، فن، فڪر ۽ فلسفو... ایڊووڪيٽ محمد يعقوب ڏاھري

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
    تعارفي مضمون - 132.
    سجاد، شاعري، فن، فڪر ۽ فلسفو.

    شاعري مختلف حوالن سان دل لڀائيندڙ ھڪ سندر تشريح آھي، جنھن جا گھڻا ئي خوبصورت پاسا آھن. اھا خبر صرف ھڪ شاعر کي ئي ھوندي آھي تہ ھن راھ جي مختلف فڪري گوشن ۾ ھُو ڪيستائين بي راھ رويءَ ۾ ڀٽڪندو، منزل جو متلاشي ھوندو آھي. شاعريءَ جو فلسفو ھڪ شاعر جي ذھن کي ڪيترين ئي ڪيفيتن ۾ مروڙيندو رھندو آھي. اھا سندس سطحي مرڪب مفيد ۽ مرڪب غير مفيد جي اجتماعي ولوڙ ھوندي آھي.
    ھڪ شاعر جي خيالي اڏار سدائين زمين، اُفق کان ويندي آسمانن جي بلندين کي ڇھاءُ ڏيندي آھي. شاعري ھڪ اھڙو سنگيت آھي، جنھن رڌم ۾ ھر خيال کي توري تڪي ۽ ماپي سگھجي ٿو.

    ڇولين سان ٻوليون پنهنجون ڪري،
    ڳالهين جا ڳاھَ ٻيهر ڳاهيون.
    (سجاد مھر).

    سنڌ ڌرتيءَ جا اھڙا کوڙ ڪلاسيڪي توڙي تخليقي جديد شاعر ڀاڳوند رھيا آھن. جن کي شاعراڻي روپ ۾ بھترين شارح، سڄاڻ ليکڪ ۽ دور انديش تنقيد نگار ملندا رھيا آھن، جن ۾ ھڪڙو وڏو نانءُ سجاد مھر جو پڻ آھي.
    سندس شاعراڻي تخيل ۾ اھا للڪار، اھو عزم، جوش ۽ ولولو آھي تہ نثري راين ۾ وري دور انديش تنقيد نگار نقاد لڪل آھي، جنھن جي ورڇ تمام گھٽ شاعرن جي حصي ۾ ايندي آھي. ۽ اھا ئي جرئت، بھادري، ارڏائي ۽ بي باڪي سندس شاعريءَ جو حسن آھي.

    من جا مندرَ ٽوڙنِ ٿا پِيا،
    دل جا ڪعبا ڀي ڊاهِن ٿا.

    جيئن استاد بخاريءَ پنھنجي ڪتاب ”گيت اسان جا، جيت اسان جي“ جي منڍ ۾ لکيو آھي تہ: ”شاعر اھو بہ آھي جو پنھنجي قوم، پنھنجي ملڪ بلڪہ سڄي انسان ذات جي زبان بڻجي، امن جو آواز اٿاري ۽ ظلم جي سان جنگ جوٽي“.
    سجاد مھر جي شاعري ڪونئري دل جيان ڪومل ۽ نرمل احساسن سان ڀرپور آھي نہ صرف ايترو پر سندس لکڻ جو ڏان بہ بيحد نرالو آھي.
    سجاد مھر جي غزلن جي بندن/شعرن ۾ اسلوب ۽ ھيئت جا ڪيترائي انوکا مثال ڏئي سگھجن ٿا يا سندس شاعريءَ ۾ فڪري، لوزماتي ۽ غنائيت واري پھلوءَ کي پڙھي ۽ پرکي سگھجي ٿو تہ ان ۾ ڪيڏي سادگي، تازگي ۽ فڪريت موجود آھي.

    ڪهڙي ٻوليءَ ۾ مان توکي سمجهايان؟
    سادا سودا ٻول تہ پنهنجا ٻاتا هن.

    سندس شاعريءَ کي آئون ڳچ وقت کان پڙھندو پيو اچان ۽ اھا بہ حقيقت آھي تہ سجاد جا شاعراڻا خيال سرور، لطف، لذت ۽ رقص سان سرشار آھن جن ۾ پر ڪيف سرور ۽ سڳنڌ ماڻي سگھجي ٿو.
    جيڪڏھن فلسفي جي مختصر وصف کي بيان ڪجي تہ: ”فلسفو شين جي اندر ۾ لڪل ڳجھن سببن جي ڳولا جو علم آھي. جنھن جو مطلب ۽ مقصد ھي آھي تہ اسان جي فڪر ۽ عمل ۾ ھڪڙو ڪامل ڳانڍاپو ۽ اتحاد پيدا ٿئي. فڪر ۽ عمل ۾ ھڪجھڙائيءَ مان مراد آھي تہ اسان جا خيال ۽ قول ھڪجھڙا ھجن ۽ انھن ۾ ڪو تضاد باقي نہ ھجي“.
    ھتي اگر اسان سجاد جي شاعريءَ جي رمزن کي فڪري ساھميءَ ۾ تورينداسين تہ اُھا بہ فلسفاتي وصف کان گھڻو مٽيل سٽيل تہ نہ ملندي بلڪہ ان فلسفاتي دائري جي وچ ۾ بيٺل نظر ايندي.

    * سجاد جي غزلن ۾ موسيقيت:
    1994 ۾ شايع ٿيل ادل سومري جي ڪتاب ”سمنڊ جاڳي ٿو“ جي مھاڳ ۾ شيخ اياز لکيو آھي تہ: ”جن ماڻھن جي ڏات جو ڏيئو ٻرندو آھي اھي ترقيءَ جي راھ ۾ ٿيڙ ۽ ٿاٻا گھٽ کائيندا آھن ۽ تمام تيزيءَ سان منزلون طئي ڪندا ويندا آھن“. ۽ ھت قاضي احمد سان تعلق رکندڙ موجوده دور جي بھترين شاعر ۽ نثر نگار ممتاز خادم ميمڻ جي راءَ کي بہ شامل ڪنداسين تہ: ”شاعريءَ ۾ موجود موسيقيت اصل ۾ وڏي اھميت جي حامل ھوندي آھي“.
    سجاد جي شاعريءَ منھنجي خيال ۾ ذھني ۽ فڪري اوسر سان گڏ شاعراڻي ارتقا مان گذرندي رھي آھي. جنھن جو بنيادي تعلق خيال، فڪر سان گڏ لوازمات ۽ وزن سان آھي. ۽ ان سموري شاعريءَ جي اصل ٿِيم ان ۾ موجود موسيقيت آھي. جنھن ڪري سندس شاعري دم بدم، روز بروز آسماني تھ طئي ڪندي رھي ٿي.

    پهريان ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ ماپي،
    ۽ پوءِ رَسي کي سانهِن ٿا.

    پوڙهي سان ئي پرڻائي هو،
    بارُ ڪلهن تان ڄَڻُ لاهِن ٿا.

    سجاد جي فڪري تخيل ۾ اھي سڀ شيون موجود آھن، جيڪي درحقيقت اسان جي سماج جون موجوده خاميون آھن. واضع ڳالھ آھي تہ اسان دنيا جي قديم ترين قوم ھوندي بہ ھينئر تائين بہ اَن ڪواليفائيڊ اينڊ بيڪ ورڊ ايرياز Unqualified & Backword Areas ۾ زندگي بسر ڪري رھيا آھيون، جٿي اھڙيون کوڙ ساريون نامراد شيون ۽ ڪڌيون رسمون ڏسندي ۽ سھندي درگذر ڪرڻيون پون ٿيون. جن جو زھر صدين کان سور بنجي سماج کي ڏنگي رھيو آھي.
    جيئن پنھنجي سموري گوناگونيءَ باوجود انساني سماج مجموعي طور ٻن قسمن جي رھڻي ڪھڻي گذاري آھي، ھڪ طبقاتي ۽ ٻي غير طڀقاتي.
    جڏھن اسان سجاد جي شاعريءَ سماجي قدرن ۽ واراتائن جي لھ وچڙ ڏسنداسين تہ ٻنھي پاسي جي ڀرپور عڪاسي ملندي. اھا ئي اصل ۾ اُھا شاعري ھوندي آھي، جيڪا قلم کي پاڻ ڏي ڇڪي ڪجھ لکرائيندي آھي.

    * سجاد جي شاعريءَ جا رنگ:
    جيئن راڳ روح جي غذا آھي، تيئن وري شاعري زندگيءَ جو ساز آھي. سجاد مھر سنڌ جو ٻھڳڻو شاعر آھي. جنھن جي ڪوتا ۾ ڪيئي درد، ڪرب، اذيتون ۽ اضطراب موجود آھن تہ ٻي پاسي وري سونھن ۽ سچ جا انڊلٺي سھڻا رنگ موجود آھن. سندس شاعري جيتوڻيڪ بيحد حَسين لفظن جي اجتماعيت سان ڀرپور موزونيت جو رنگين مثال آھي.
    سجاد جي شاعري چٽيل رنگن جو اھو ڪئنواس آھي، جنھن ۾ سندس مڙئي موضوع پنھنجي احاطي جو رنگ برنگي عڪس پيش ڪري رھيا آھن.

    (جنم ڏھاڙي جي مناسبت سان)

    محمد يعقوب ڏاھري.

    آچر جي ڏينھن،
    30 مئي منجھند جو،
    ساڍي ٽين بجي لکي
    پورو ڪيل.
    2021ع.
     
    مظھر علي ميربحر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو