• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان اڄ به سنڌ سڳوريءَ کي ست هزار سالن واري سولائيزڊ نيشن طرف موڙي سگھون ٿا.

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هزارن سالن تي مُحيط سولائيزڊ واديءَ مهراڻ

وقت اڃا به نه ويو آهي،اسان اڄ به سنڌ سڳوريءَ کي ست هزار سالن واري سولائيزڊ نيشن طرف موڙي سگھون ٿا.ان لاءِ اسان کي پنهنجي گھران ئي حق سچ جو جهاد شروع ڪرڻو پوندو. هي سنڌي قوم پرستن ۽ سنڌي سياسي ليڊرن، سنڌ ۽ سنڌين جو استحال ڪندڙ يرن،شاهن ،وڏيرن،جاگيردارن،راشي ڪامورن، ي امتحان جو پڻ وقت آهي جيڪي سنڌي ڪارڊ ته استعمال ڪن ٿا پر سنڌ ين کي صحيح رستو ڏيکارڻ بجاءِ پنهنجي غلاميءَ طرف راغب ڪن ٿا.

هي جيڪي پنهنجن جو قتل ڪندا وتن، قبيلائي جھيڙن جي نالي تي، اُهي جيڪي ڪمزور غورتن کي ماريندا وتن ڪارو ڪاريءَ جي نالي تي، اُهي جيڪي کُلا ڪتاب آهن پنهنجن جي عزت ۽ سامون لُٽڻ ۾ جن جي ڪري ڳوٺن جو شريف طبقو مجبورن لڏ پلاڻ ڪري شهرن ۾ ٻين دهشتگردن جي ور چڙهي ويو ۽ اُتي به خوف جي زندگي گُذاري پيو ۽ پاڻ سان سوال ڪريو ڃا اهو مُمڪن آهي. ڇا هي آزاد سنڌ جي هڪ ئي نالي ، منشور تي ، مُختلف پارٽين ۾ ڇڙ وڃڙ ۽ ٺلهن نعرن تي مجموعو گڏ ڪندڙ سنڌي ڪا پريڪٽيڪل جدو جهد ڪرڻ جي قابل آهن

ڇا اُهي ماڻهو، جن جي اڪثريت وڏيرن، پيرن، ميرن، شاهن، ڪامورين، سردارن جي پُڃ ۾ لٽڪي چند ٽڪن تي اُنهن لاءِ ڪوجھا ڪم ڪري ٿي ايڏو وڏو فيصلو وٺڻ جي قابل رهجي وئي آهي؟ پهرين گھران ته جهاد جو آغاز ڪن، پهرين ، مُفلس لاچار ۽ مجبور سنڌيءَ کي انهن پيرن، شاهن، ميرن، وڏيرن ۽ راشي ڪامورن کان آزادي ته ڏيارين، جنهن ۾ صرف انهن جي نافرماني ڪرڻي آهي، انهن جي اڳيان سر خم ناهي ڪرڻو، هلڪا عمل آهن، ڇا ممڪن آهي اُهي ايڏو وڏو قدم کڻڻ جي قابل آهن جي هُنن جي پٺيان ڪنهن وڏيري، شاه، پير، جاگيردار، ڪاموري جو هٿ نه هُجي.

پهرين اهي ڳوٺن جا اسڪول ته کولائين ۽ ڳوٺن جي ڊوميسائل تي شهرن ۾ نوڪري ڪندڙن کي ڳوٺن ۾ ڪم ڪرڻ تي پابند ته ڪرائين، انهن ڊاڪٽرن کي جنهن علائقي جو ڊوميسائل آهي اُتي جي اسپتالن ۾ ته رڪرائين، آُهي شهري سهولتون ڳوٺن ۾ ته پُهچرائين ته سنڌي به فيضياب ٿئي ۽ کيس دوا ۽ علم در تي نصيب ٿئي. مان سمجھهان ٿو ته اهوئي ڏُکئي ۾ ڏکيو ڪم آهي. هي قوم پرست ۽ سياسي سنڌي لي ڊر پهرين انهن راشي ڪامورن ۽ آفيسرن ۽ ڪلارڪن کي ته تنبيه ڪن ته رشوت ۽ پئسا وٺي ڌارين جا ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ نه ٺاهيندا. اُستاد پئسا وٺي ناپاس ٿيندڙن کي اي گريڊ نه ڏيندا جيئن سنڌ ۾ تعليم ۾ اڳتي اچي، وڏيرن کان اسڪول جيڪي اوطاقون ۽ واڙا ڍهيل آهن اُهي ته ڇڏائين. جيڪا قوم غلام ٿي چُڪي آهي اها گوريلا جنگ وڙهندي؟ حيرت آهي

پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪُهاڙي هڻندڙ، وڏيرن، پيرن، شاهن ، جاگيردارن ۽ راشي ڪامورن جي پُڇ ۾ لٽڪيل، ٽرڙا اجايا ٽهڪ، واندا ۽ ڪم چور، ۽ پنهنجن سان پاڻ ساڙندڙ ۽ تعصب رکندڙ سدائين سورن ۾ سڙيل سنڌي قوم کي التجا ته هوش ۾ اچو، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ بورڊ آفيسن ، شناختي ڪارڊ آفيسن ۽ ڊوميسائيل آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ رشوت وڄي غير سنڌين جا ڪم ڪندڙئو هوش ۾ اچو، سنڌ ۽ سنڌين سان ويسا گھاتيون بند ڪريو

هيئنر سنڌ سموري سورن ۾ به ان ڪري آهي جو ڪو به مٿيون سنڌي سنڌ ۽ سنڌين سان سچو ناهي سچو ناهي. ماڊريزنائزيشن جي نالي غير سنڌي عورتن سان شادي ڪري ، پنهنجي وُجودن کي وڪيو ڇڏين ، اولاد ، زالن ۽ ناناڻن جي اثر رُسوخ هيٺ رهي غير سنڌيين جي مدد ۽ اُنهن لاِ ڪم ڪن ٿا ۽ وڃي درن تي رسائي ڪن ٿا. ڪراچيءَ جي مڙني ادارن ۾ ڏسو سنڌي ٻين کان ته ڊڄن ٿا ۽ پنهنجي جو ڪنڌ ڪپ ڻ ۾ دير نٿا لڳائين، پنهنجن کي جيڪي ميرٽ تي آهن ،برداشت نٿا ڪن ۽ اُنهن سان ويسا گھاتيون ڪن ٿا. فيوڊل ازم غالب ٿي ويو آهي، غربت مجبورن وڪجي وئي آهي ۽ انهيءَ ايليٽ ڪلاس ۽ فيوڊلس جي ڇاڙتي طور ڪم ڪري ٿي. رهيل آهي ته اپر مڊل ڪلاس جو وائيٽ ڪالر مين. ڊڄي به ٿو پر جُرائت به نٿو ڪري. اچو ته هڻ قوم جي برين واشنگ ڪريون ۽ اُنهن جي غلط طور طريقن جي نشاندهي ڪري اجتمائي طور اُنهن کي رشوتي ٿيڻ کان، بدتهذيبي ڪمن کان مُقتي ڏياريو ۽ سوشل بائڪاٽ ڪري نفسياتي حربن سان سندن علاج ڪريون، نه ته اُهو وقت اچي چُڪو آهي جو سنڌ جي خوشحاليءَ جو راهون بلڪل رد ٿي چُڪيون آهن، لڳي ٿو ته اڃا هوش نه آيو ته سنڌ ۾ ئي ويڄي ويڄي انهيءَ جاگيرداري، و_يرپائي، شاه ۽ پيري پرستي نظام ڪري ڪتابن ۾ ئي قوم ليکبا سون
 
جواب: اسان اڄ به سنڌ سڳوريءَ کي ست هزار سالن واري سولائيزڊ نيشن طرف موڙي سگھون ٿا.

ادا عبدالرزاق اوهان تمام بهترين ڳالهه ڪئي آهي۔۔ تبديليءَ جي شروعات اسان کي پنهنجي پاڻ مان ئي ڪرڻ پوندي۔۔ باقي ادارن جي ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪيو۔۔؟
اسان جا ادارا اهڙو ڪم ٿا ڪن جو وڃي ٿيا خير۔۔ شل نه ڪنهن اٻوجهه سنڌيءَ‌جو ڪنهن اداري ۾ وڃي ڪم پوي ۽ اتي ويٺل سنڌي ڪامورا اسان سان اهڙي حالت ٿا ڪن جو غيرن جي ظلم جي ضرورت ئي نه آهي۔۔ ڪجهه وقت اڳ جڏهن مان اين آءِ‌ پي انٽرنشپ جي شروعات پئي ڪئي منهنجو نالو جنهن لسٽ ۾ لڳل هو اها ڊي سي او آفيس ڪوٽڙي ۾ هئي، اتي ويس ته اتان جي ڪلارڪ 100 رپيا وٺڻ کان بعد ئي منهنجي فارم جي انٽري ڪئي، ڏاڍا طريقا ڪيم ته اهي پئسا کيس نه ڏيان۔۔ پر سائين اسان وارا ڪلارڪ به ته سبحان الله۔۔۔۔
 
مست به ڪلارڪ کان 100 روپيا بچائي نه سگهيو، بس هاڻ پڪ سان قيامت اچڻ واري آهي :)):)):))۔۔۔ يارو! وارو ڪيو پنهنجا پنهنجا گناه بخش ڪرايو ۽ الله جي بارگاهه ۾ بخشش لئه ٻاڏايو ۔۔۔

ادي عبدالرزاق سان سئو سيڪڙو متفق ٿيندي چئبو ته “ ڪاتي ناهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾” پنهنجن جي ڪئي آهي ۔۔۔ پنجابي ۾ چوڻي آهي ته “ ڪتي چورن سان ملي وئي آهي” سو ادا هاڻ گهر جي ڪتي سنڀالجي يا چورن کي ڀڄائجي ۔۔۔ يا وري ٻنهي کي هڪ ئي وقت سنڀالڻ جا جتن ڪجن؟ اها ڳالهه سوچڻي آهي ۔۔۔؟؟؟
 
جواب: اسان اڄ به سنڌ سڳوريءَ کي ست هزار سالن واري سولائيزڊ نيشن طرف موڙي سگھون ٿا.

[/size][/color][/b]

بس ادا ڳالهه اهڙي آهي ته ٻڌائيندي به کل ٿي اچي۔۔۔ ڏاڍو ڊگهو قصو آهي۔ ڪنهن ٻئي موضوع ۾ پيش‌ڪبو۔۔۔
 
جواب: اسان اڄ به سنڌ سڳوريءَ کي ست هزار سالن واري سولائيزڊ نيشن طرف موڙي سگھون ٿا.

عبدلرزاق صاحب
قبيلائي جهڙن کي ڪئين روڪجي اسان جي گهوٽڪي ضلعي ۾ ته الائِي ڪيترا ننڊا وڏا جهڙا هلي رهيا آهن هت ته حڪومت نالي جي چيز ناهي پوليس وارن وٽ اهيا انگريزن جي زماني جي رائفل آهي هن وچاري کي خبر ناهي ته هڪ فائر کان پوءِ هلندي الاهي ڪون ڇا پوليس کي جديد اصلو فرهام ڪريِ قبيلائي جهڙن جو مسئلو حل ڪري سگهبو ڇا هي جهڙا سنڌ کي ورصي ۾ مليل آهن
ه
 
Back
Top