ڊاڪٽرعبدالمجيد قريشي...آصف رضا موريو

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڊاڪٽرعبدالمجيد قريشي
    منهنجي زندگي جي پهريون سپر هيرو
    سائين عبدالمجيد قريشي جو جنم 25 اپريل 1944ع ڌاري سيوهڻ ويجهو واقع شهر بختيارپور ۾ ٿيو شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪئي. بعد ازان ريڊيالوجي ۾ ڊي ايم آر ڊي پڻ ڪيائون. جڏهن مان امبر ايڪسري تي نوڪري ڪندو هيس ته پاڻ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج هاسپيٽل ۾ ريڊيالوجي ڊيپارٽمنٽ ۾ پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊيپارٽمنت طورڪم ڪري رهيا هيا. ڪالهه 29 مئي 2021ع تي صبح جو پنهنجي سنگتي عبدالجبارڪنڀر جو موبائيل تي آيل ايس ايم ايس ته “سائين عبدالمجيد قريشي جن انتقال فرمائي ويا”، هنياءُ جهوري وڌو.
    مونکي پنهنجي ٻن وڏن ڀائرن ساجن موريو ۽ ڀائون محمدپريل موريو سوڌو بابي جن ڳوٺان پڙهڻ سانگي شهر موڪليو هيو جتان ويهڙ جي هاءِ اسڪول مان اٺين جماعت پاس ڪري مون کي ڀائو گورنمنٽ ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ نائين جماعت منجهه پنهنجي دوست ستار سانگي معرفت داخلا وٺرائي. هڪ ته ڳوٺاڻو ٻيو غريب ٻار ٽيون نه گهر نه گهاٽ ان ڪري شهر ۾ پنهنجي مهربان ڀيڻيوين ادا غلام الرسول ۽ ادا عبدالهادي جن جي گهرن ۾ واري وٽي سان رهندا هياسين. جيڪي حسبِ حال پرگهور پڻ لهندا هيا پر نه پڙهائي جو شوق هوندو هيو، نه اسڪول وڃڻ جا معمولات ۽ نه ئي درسي ڪتاب پڙهڻ جي اڪيرالبته ان دور ۾ به مان اردو انگريزي ناول، ڊائجسٽ ۽ دنيا ڀر جي شاعري جا ڪتاب گهڻا پڙهندو هيس. جهڙو تهڙو ڪري ڊي گريڊ ۾ ميٽرڪ پاس انٽر لاءِ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ڊاخل ورتي جتي جيئي سنڌ جي ڪامريڊي لڏي جو راڄ هوندو هيو پروفيسر، پرنسيپل ۽ انتظاميه سندن کيسي ۾ پيل هوندي هئي ان لاءِ پڙهائي جا معاملا ڪاليج ۾ نٻل ۽ نه هئڻ جي برابر رهيا پر ان جي باوجود جن کي پڙهائڻو هوندو هيو سي پڙهائيندا هيا ۽ جي پڙهڻ چاهيندا هيا سي پڻ پنهنجو پاڻ ملهائيندا هيا.
    غريبي جو لڏو هيو زمين ڪاروبار به ڪونه پرمالڪ جي سهاري ڪم ڪار هلندو رهيو. جڏهن ٽئي ڀائر شهر ۾ پڙهون پيا ۽ ڪم ڌنڌي جهڙا ٿياسي ته وڏي ڀاءِ محمد پريل موريو کي ريلوي ۾ اسسٽنٽ اسٽيشن ماسٽر جي نوڪري ملي ۽ اسان کي رهڻ لاءِ ادا عبدالهادي جي ڪوششن سان لاڙڪاڻو جي پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ ننڌڙو ڪوارٽر مليو جتي ڳوٺ ۾ رهندڙ امان ابي سوڌو گهر جا بيا ڀاتي به لاڙڪاڻو گهرائي ان ڪوارٽر ۾ رهڻ لڳاسين.
    مان ذاتي طور تي ڪو برو نوجوان ڪونه هوندو هيس جو ڪتابن سان ياري هئڻ سان گڏ اڳتي وڌڻ جي جستجو تمام گهڻي هوندي هئي ان لاءِ جام ننڍا ننڍا پورهيا ڪيم ايتري تائين جو پوليس هيڊ ڪوارٽر جي پارڪ ۾ ڳنڍو به کپايم. ان دوران وڏي ڀاءُ جي هڪ دوست مختيارعباسي (جيڪو هاڻي ڪراچي پي آئي اي ۾ سٺي عهدي تي ملازمت ڪندو آهي) جي ذريعي منهنجي ملاقات ڊاڪٽرعبدالمجيد قريشي سان امبر ايڪسري تي ٿي.
    سال ته ياد ڪونه آهي البته منهنجو خيال آهي ته1987ع يا 1988ع وارو دور هوندو جو منهنجي عمر مشڪل سان ارڙهن اڻويهه سال هئي. ادا مختيار مون کي ٽين چئين وڳي ڌاري امبر ايڪسري تي اچڻ جو چيو هيو تنهن ڪري مان ساڳي وقت وڃي ايڪسري جي دروازي جي0 ٻاهران رکيل لوهي بينچ تي ويهي رهيم. مريض، مريضن جا وارث ۽ اسٽاف وارا به شيشي جو دروازو کولي اندر ٻاهر اچي وڃي رهيا هيا پر مون ڳوٺاڻي ۽ سادي ٻار کي نه اها جرائت ٿي ته اندر وڃان نه ئي اهو ٿي سگهيو ته ڪنهن کان ادا مختيار جي پڇا ڪيان. ٻه اڍائي ڪلاڪ ويٺورهيم ته ادا مختيار پاڻ مرادي ڪنهن ڪم سانگي يا ٽنگون ساهڻ لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ مونکي ڏسي اندر ڊاڪٽرعبدالمجيدقريشي وٽ وٺي ويو.
    منهنجي زندگي جو اهو پهريون انٽرويو هيو. ان دور ۾ منهنجي اندر بيشمار سماجي ۽ ذاتي احساس ڪمتريون هونديون هيون جيڪي ان وقت به ڄڻ ته ڪر کنيون بيٺيون هيون جڏهن ادا مختيار مون کي سائين وٽ ڇڏي ڪنهن ڪم سانگي آفيس مان ٻاهر نڪري ويو ان لاءِ دل ۾ آيو ته نڪري ڀڄي وڃان. ڊاڪٽرصاحب جڏهن چيسٽ جي هڪ ايڪسري کي ديوارگير روشن سلائيڊ تي لڳائي بال پين سان رپورٽ لکي رهيو هيو ته مون کي اهو سوچي ننڍڙي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ به جسم پگهرندي محسوس پيو ٿئي ته مان هتي ڪم ڪري سگهندم به الائي نه.
    ڊگهي قد ڪاٺ ۽ ڀريل جسم واري ڊاڪٽر قريشي صاحب کي هلڪي خاڪي رنگ جو سفاري سوٽ پاتل هيو ۽ هو چاليهي پنجيتاليهي جي پيٽي ۾ پئي لڳو، ڪمال ڪٽ سنهڙيون مڇون، نڪ تي نفيس فريم وارو نظر جو چشمو ۽ وارن ۾ کٻي پاسي کان سينڌ ڏنل سان مجموعي طور تي هو هڪ پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل انسان پئي لڳو جڏهن ته مان سندس شخصيت جي الٽ باڊي بلڊر ٽائيپ، وڏا وار، وٽيل مڇون، ڪرڙيون نظرون، اداڪارن وارا اسٽائل رکندڙ هئڻ ڪري پويان تمام تاثر ڀلا ڇڏڻ جي باوجود منهنجو پهريون تاثر چڱو ڪونه هوندو هيو. ادا مختياربه واپس اچي منهنجي ڀرسان ويٺو هيو. سائين ايڪسري مان فارغ ٿي ادا ڏي نهاريندي پڇيو “ته هي جوان آهي”. شايد مون متعلق اڳ ۾ ڪچهري ٿي هوندن. ادا چيس ته “ها هي منهنجي دوست محمد پريل موريو جو ننڍڙو ڀاءُ آهي”. تنهن تي قريشي صاحب چيس “ٺيڪ آهي پر سمورو ڪم سمجهائڻ به تنهنجو ڪم آهي.”
    امبرايڪسري تي اها هئي منهنجي پهرين ملازمت جتي ٽيبل ورڪ ڪرڻو هوندو هيو ۽ مريضن جا نالا لکي ايڪسري ڪڍرائي رپورٽ ڪرائي انهن کي ڏيڻ منهنجي ذميدارين ۾ شامل هيو. امبر تي منهنجي پهرئين مهيني جي پگهار ساڍا ٽي سو روپيا هئي جيڪا بعد ۾ وڌندي رهي. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن ادا مختيارعباسي کي پي آئي اي ڪراچي ۾ نوڪري ملي ته سندس جاءِ تي مان ٽائپسٽ واري سيٽ سنڀالي ۽ منهنجي جاءِ تي عبدالهادي کهاوڙ آيو. ان دور ۾ ئي مان پنهنجي گهاٽي دوست عبدالطيف شيخ کي ٽيبل تي ملازمت تي رکرايو. ان دور ۾ امبر ايڪسري اسان جي اوطاق جيان هوندي هئي جو شام جو سموري سنگت به ڪٺي ٿيندي هئي خاص طور تي شبيرعباسي جنهن سان لطيف ۽ منهنجو جوڙ هوندو هيو. اسد جمالي، شوڪت عباسي، حزب الله ڪيهر به جام ايندا هيا.
    امبر ايڪسري تي اڳ ۾ منهنجا سينيئر دوست عثمان شيخ، ارشاد شيخ، اعجازجوکيو، عبدالهادي ڀٽو، ديدارسانگي وغيره ڪم ڪندا هيا جڏهن ته مون کان بعد مون واري دور ۾ جيڪي به دوست آيا انهن ۾ گهڻا تڻا منهنجا ئي رکيل، رکرايل يا سفارشي هيا جن ۾ عبدالجبار ڪنڀر، عبدالطيف شيخ، منهنجا ڀاڻجا طارق حسين کجڙ، افتخار علي موريو، اختيارعلي موريو جڏهن ته عبدالهادي کهاوڙ، عبدالفتاح پنو ۽ صابرلاڙڪ مون واري دور ۾ امبر ايڪسري تي آيا. افتخارموريو ۽ اختيارموريو به اتان ئي تيار ٿيا هن وقت فتخارعلي هوميو ڊاڪٽر آهي ۽ اختيار عسڪري بينڪ ۾ مينيجر آهي. ان پسمنظر ۾ امبر ايڪسري هڪ اهڙو ادارو هيو جتي ڪم ڪندڙن جي هتي تعليمي، تهذيبي ۽ اخلاقي تربيت ٿيندي هئي.
    حيرت انگيز طور تي ڏهاڪي جي نوڪري کان پوءِ واري ساري عمر ۾ به مون سائين عبدالمجيد قريشي جا عقيدتمند ته کوڙ ڏٺا پر سندس ڪو دوست ڪونه ڏٺو البته ڪڏهن ڪڏهن امبر ايڪسري جي ڀر ۾ واقع مهراڻ ليباريٽري جا ڊاڪٽر پي آر کتري، ڊاڪٽر مهاديو ۽ ڊاڪٽر شنڪرلال پنج ڏهه منٽ ڪچهري ڪرڻ ايندا رهندا هيا پر تن سان به سائين جي سنگت ڪونه هئي. پاڻ طبيعت ۽ مزاج جو صفا صوفي هيو جو نه سگريٽ جو شوقين نه شراب، پان ٻيڙي جو بس ڏينهن ۾ هڪ اڌ چانهن ضرور پيئندو هيو. پرفيومن، واسڪوٽين ۽ بوٽن جو شوقين هوندو هيو ته سدائين هڪ ننڍڙي ڦڻي به واسڪوٽي جي کيسي ۾ هوندي هين جنهن سان گهران يا آفيس مان نڪرڻ وقت پنهنجا وار ٺاهيندو هيو.
    سندس مرتئي تي پنهنجي ڀاڻجي طارق حسين کجڙ جي لکيل ڪيڏاري به روئاري وڌو جيڪو پڻ قريشي وٽ ڪيترا سال سندس رهنمائي ۾ ڪم ڪندي اتان مهذب ماڻهو ٿي ڪاميابين ڪامرانين جا سلسلا جوڙيندو اڳتي وڌندو رهيو. مون کي فخر آهي طارق سائين جو تو پنهنجي محسن کي لفظن جون اهڙيون خوبصورت مالائون پارائيندي سندس محبتن کي ياد ڪندي مان ڏنو جو مان به اهڙو لکي ڪونه سگهان پر ان جي باوجود مون کي پنهنجي حصي جو ڪم ته ڪرڻو آهي نه تنهن ڪري قلم ڪشائي ڪيان ٿو. تاريخي، تهذيبي ۽ مذهبي ڪتابن ۾ پنهنجي محسنن کي ياد ڪرڻ واري مانجهين کي نه رڳو مانائتو سڏيو ويو آهي پر خداتعالا پنهنجي تمام قابل روحاني سلسلن کي سندن تحفظ واسطي حصار جيان چوڌاري قائم رکندو آهي.
    مان امبر ايڪسري ۾ نه رڳو قريبن ڏهاڪو سالن تائين ڊاڪٽرعبدالمجيد قريشي جو ملازم رهيم پر دل سان چوان ٿو ته مان نفسياتي طور تي ڪڏهن به پاڻ کي سندن نوڪري مان آجو ڪونه سجهيو آهي جو نه باظابطه طور تي قريشي صاحب مون کي نوڪري تان ڪڍيو هيو ۽ نه ئي مان نوڪري ڇڏي هئي پر پنهنجي ڀاڻجي طارق حسين کجڙ کي پنهنجي سيٽ تي ڇڏي پاڻ پنهنجي مستقبل جا سانگا سهيڙڻ ڪجهه نئين دنيائن پٺيان لڳي پيو هيم.
    امبر ايڪسري ۽ سائين عبدالمجيد قريشي نه رڳو منهنجي زندگي ۾ گهري ڇاپ ڇڏي پر گهاٽي بڙ جهڙي انسان جي منهنجي زندگي، خاندان ۽ نفسيات مٿان ڇانو سموري ڄمار قائم رهندي آهي جو نه رڳو امبر ايڪسري تي سائين جي مهربان طبيعتي، شفقت، بزرگي ۽ نوازشن سبب پگهار سٺي ملڻ ڪري گهر سنگت جا معاملا بهترين هلڻ لڳا، اتي ئي سائين جي ايئرڪنڊيشنڊ آفيس ۾ مون سي ايس ايس جون شروعاتي تياريون ڪيون، مون جيڪا ڪار گاڏي پهريون ڀيرو هلائي سان سائين جي هئي جا سندس ڊرائيور محبوب مون کي سيڪاري ۽ زندگي جا بهترين دوست مون کي امبرايڪسري تي مليا.
    سائين ايترو ته مهربان هوندو هيو جو مون کي ياد آهي ته مان ڪافي ڀرم باز ۽ غير حجتي قسم جو حضورشرم ماڻهو آهيان پر سائين عبدالمجيد قريشي کان هر قسمن جو حجتون ڪري نه رڳو پنهنجا انگل پورا ڪندا هياسين پر گهر ذميدارين سان گڏ ڏکيا وقت ٽارڻ ۾ به ان دور ۾ ٻيو ڪو سهارو ڪونه هوندو هيو. ان دور ۾ سائين لاڙڪاڻو شهر ۾ موجود ٻين ايڪسري جي ملازمن کان پنهنجي ملازمن نه رڳو ٻيڻي ۽ ٽيڻي پگهار ڏيندو هيو پر جنهن ڏينهن ايڪسري تي ڪمائي معمول کان گهڻي ٿيندي هئي ته نه رڳو سڀني کي خرچي ڏيندو هيو پر سڀني ملازمن کي مختلف هوٽلن ۾ دعوت پڻ کارائيندو هيو جنهن ۾ پاڻ به شريڪ ٿيندو هيو.
    ان دور ۾ ڪنهن کي ڪيتري رعايت ڪرڻي آهي ڪنهن جو ايڪسري فري ڪرڻو آهي ڪنهن کي ايڪسري تي چانهن ڪنهن کي بوتل پيارڻي آهي يا ڪنهن کي ماني کارائڻي آهي اهو سڀ اسان جي وس هوندو هيو. ايماندار ايترو هيو جو ان دور ۾ اسان مريضن جا نالا به ڪونه لکندا هياسين رڳو شام جو ٻڌائيندا هياسين ته سائين هيترا پيسا ٿيا، هيترا، کاڌي تي، هيترا چانهن تي ۽ هيترا ٻين شين تي خرچ ٿي ويا. شام جو چانهن وارو مامو پريل مهمانن کي پياريل چانهن جون پرچيون جهول ۾ کڻي ايندو هيو جيڪي پڻ ايڪسري جي کاتي ۾ پيئندا ۽ پياريندا هياسين. ايڪسري تي ڪم ڪرڻ وارا سڀ غريب مولائي مڙس هوندا هيا جن جو اي ٽي ايم سائين عبدالمجيد قريشي هوندو هيو جو هن کان جنهن وقت به ضرورت وقت جيترا پيسا گهرندا هياسين ڪڍي ڏيندو هيو جن مان ڪن کان واپس وٺندو هيو ته ڪن کي معاف ڪري ڇڏيندو هيو. مون کي ته ياد ڪونه آهي جو سائين ڪڏهن مون کي ڏنل پيسا واپس ورتا هجن.
    ان جو سبب شايد اهو هجي ته مون ۽ شايد منهنجي ٻين ساٿين به سائين جي اسان تي ڀروسي، محبت ۽ شفقت سبب جيترو ايمانداري سان ايڪسري تي ڪم ڪيو ايترو هن وقت تائين ٻيو ڪٿي به ڪونه ڪيو ۽ اها ڳالهه يقينن سائين جهڙو ڏاهو ماڻهو به سمجهندو هيو. ان مشترڪه ٽيم ورڪ جي ڪري ئي امبرايڪسري جو نالو ان دنيا ۾ ڊرامائي حد تائين مقبول معروف ۽ قابل ترين بڻجي ويو. ان دور ۾ ڀته گيري ۽ داداگيري جو رواج به گهڻو هوندو هيو جنهن کي گهڻو تڻو مان ئي منهن ڏيندو هيم جو فيس ويليو رکڻ سان گڏ هڏ ڪاٺ ۾ پهلوان، برجستو ۽ پاڻ داداگيرلڳندو هيم ان لاءِ ايڪسري تي ڪنهن به قسم جي داداگيري ٿيڻ ڪونه ڏيندو هيم. ان سان گڏ ڪم ڪار ۾ به تيز، ڳالهائڻ جو سريلو ۽ پراون کي پنهنجو ڪرڻ جو هنر ڄاڻندو هيم ان لاءِ سائين عبدالمجيد قريشي جو گهڻو مان هوندو هيو.
    توڙي جو ان دور ۾ ٽيلي فون لاءِ پڙي هئڻ ڪري بل به ڳرا ايندا هيا ۽ گهڻو شرارتي پڻ هوندو هيم پر اسان جو حرڪتون سائين پنهنجي اولاد جيان درگزرڪندو رهندو هيو. مون کي ياد آهي ته پوليس هيڊ ڪوارٽر واري گهر ۾ جيڪا ٽيبل کڻي ويو هيم سان سائين عبدالمجيد قريشي ڏني هئي ۽ ڪافي ٻيون شيون پڻ جيڪي پراڻيون ٿينديون هيون ته حجت ڪري مان ايڪسري تي ٻين کان سائين کي گهڻو ويجهو هئڻ ڪري گهر کڻي ويندو هيس. ريٽائرمنٽ کان ڪجهه سال پوءِ کان ننڍڙي سونهاري به ڇڏي ڏني هيائون.
    مان به سندس گهر هفتي ٻئي حاضري ڀريندو رهندو هيم جتي ساڻس ڀٽائي سرڪار، سنڌي ادب متعلق به ڪچهريون رهنديون هيون. اڪثر سندس پسنديده ٽي وي پروگرامن متعلق ڊسڪس ڪندو رهندو هيو. کيس “حسبِ حال” پروگرام تمام گهڻو وڻندو هيو جنهن لاءِ مون کي به تاڪيد ڪندو هيو ته “ڏسندو ڪر”. عزلن جو دلدائو هن سخنور جي دل ۾ هڪ نفيس شاعر پڻ رهندو هيو. اسان جڏهن به سندس چيمبر ۾ ويندا هياسين هلڪي آواز ۾ جگجيت سنگهه، عابده پروين، مني بيگم، پٺاڻي خان، گل بهار بانو، ملڪه پکراج، فريده خانم وغيره جا گيت ديوارون گنگنائينديون رهنديون هيون. باقي صديقي جي لکيل ۽ اقبال بانو جي ڳايل گيت “داغ دل همڪو ياد آني لگي . لوگ اپني دئي بجهاني لگي” جو ته سائين ديوانو هوندو هيو جيڪو ڏينهن ۾ هڪ دفعو ضرور ٻڌندو هيو.
    هڪ ڀيري جبارکي چيائين ته “آصف لاءِ معني وارو قرآن شريف رکيو آهي چئجانس ته کڻي وڃي”. ڪنهن واري سندس حاضري ڀري ته چانهن پياريائين ۽ شڪايت ڪندي پڇيائين ته “ٻڌو آهي ته گهر ڏاڍو سهڻو اٿئي ڪڏهن گهماءِ نه”. مون شرمندگي محسوس ڪندي کيس عرض رکيو “سائين جڏهن وڻيو هليا اچو پنهنجو گهر اٿو” تنهن تي پنهنجي ڊرائيور روشن کي گهرائي ڇيائين “سڀاڻي صبح جو ياد ڏيارجانءِ ته آصف جي گهر هلنداسين”. ۽ خير سان ٻئي ڏينهن منهنجي گهر کي روشني بخشيائون جتي پارڪ ۾ ويهي مون کان وڌيڪ منهنجي گهر واري سان ڪچهري ڪيائون ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ منهنجي ڪچي ڪيائون ته “تووارو مڙس ٽيلي فون جي ٿنڀن تي مٿي چڙهي وڃي ڳالهائيندو هيو”. پر منهنجي کنگهڻ کڙڪڻ تي سائين پاڻ سنڀاليندي چيو ته “ويچارو منهنجي ٽيلي فون خراب ٿي ويندي هئي ته پولن تي چڙهي پاڻ ٺاهيندو هيو”. الله سائين ڇا ته انسان هيو.منهنجي گهرواري جنهن کي هن نياڻي بڻايو هيو تنهن جي به ساڻس گهڻي لڳندي هئي سا اڪثر سائين لاءِ دال روٽي ٺاهي سندس سچل ڪالوني واري گهر کڻي هلندي هئي جتي ساڻس ڪچهريون ڪري موٽي ايندا هياسين.
    هيترو عرصو گڏ رهڻ ڪري مان سائين جن جو نوڪر سان گڏ دوست ۽ رازدار جي درجي تي پهچي چڪو هيم ان لاءِ مونسان دل جون ڳالهيون به اوريندا رهندا هيا. مون کي ياد آهي ته شروعات کان کيس هڪ ڊائري ۾ خرچ پکو لکڻ سان گڏ هر مهيني جن ماڻهن ڏي خرچ جا پيسا موڪليندو هيو سي پڻ لکندو رهندو هيو ته “بختيارپور جي مسجد پيش امام ڏي هيترو، فلاڻي بيوهه مائي ڏي هيترو وغيره وغيره. مان جڏهن به ساڻس ملڻ ويندو هيم ته اوڀاريون لنهواريون ڳالهيون ڪندي ٻڌائيندو هيو ته اڃان به فلاڻن فلاڻن ڏي پيسا موڪليندو آهيان ايتري تائين جو ڪمائيندڙ پٽن ڏي به پيسا موڪليندو رهندو هيو.
    آخري ڪجهه سالن ۾ خاص طور تي سندس گهرواري جي وفات کان پوءِ مون کي محسوس ٿيندو هيو ته سائين پاڻ نه رڳو ڪمزور ٿي چڪو هيو پر پاڻ کي اڪيلو به محسوس ڪري ٿو جو ماشاءَ الله ٻار بچا سٺا پڙهايا هئائين جيڪي پنهنجي پنهنجي ڌنڌي ڌاڙين ۽ نوڪرين چاڪرين سبب ڪجهه شهر کان ته ڪجهه ملڪ کان ٻاهر رهندا هيا جڏهن ته لاڙڪاڻو ۾ سندس پٽ آفتاب قريشي گڏ رهندا هيس. سندس مٽ ڀائر، احباب پڻ گهڻو تڻو حيدرآباد، ڪراچي، سيوهڻ ۽ ڳوٺ رهندا هيا. اڪثر پنهنجي شاگردن جا نالا وٺي هلڪي شڪايت به ڪندو هيو ته رهن به ساڳي ڪالوني ۾ ٿا پر سال ٻئي به ملڻ ڪونه ٿا اچن. عمر جا آخري ڪجهه سال هلڻ ڪرڻ گهمڻ گهتڻ کان به لاچار ويل چيئر تي نوڪرن جي آسري تي زندگي گذاريندي پنهنجي اڪيلائي کي مذهبي ڪتابن، قرآن شريف وغيره جي مطالعي ۾ ريجهائيندو رهندو هيو. هڪ ٻه ڀيرا دل جو حملو به ٿين پر ان مان مالڪ جي مهرباني سان سنڀلجي ويا.
    بحرحال موت زندگيءَ جيان برحق آهي جنهن جو آڌرڀاءُ ڪندي هي خوبصورت انسان پنهنجي پاڪيزه روح جي سموري ثمر ۽ سامان سميت دارلبقا طرف روان ٿيو جنهن لاءِ سندس پونئيرن سان دلي تعزيت ڪيان ٿو. مان مڃيندو آهيان ته سائين عبدالمجيد جهڙا عظيم انسان نه پيدا ٿيندا آهن ۽ نه ئي مرندا آهن جو هو خداتعالا جي ڌرتي جو دور ڪري واپس پنهنجي ماڳ ورندا آهن پر ڌرتي تي موجود انسانن مٿان ڪيل احسانمندين سبب هزارين دلين ۾ سدائين آباد رهندي ياد ڪيا ويندا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو