واديءَ سنڌ جو عظيم سرجڻهار: ايوب گاد... آصف رضا موريو

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ايوب گاد منهن جو گهڻ گهرو، گهڻ رخو ۽ گهڻ پاسائي دوست آهي جنهن جي وجود جا سمورا پاسا ۽ وهڪرا ادبي ۽ تهذيبي هنرمندين سان ڀرجهلا آهن. ايوب گاد ولد غلام حيدر گاد سندس پيدائش 2 آڪٽوبر 1960ع ڌاري لاڙڪاڻي جي زرخيز مٽي منجهان غلام حيدر گاد جي گهر ۾ ٿي. کيس ٻه ڪامياب شاديون، ٻه پٽ چار نياڻيون آهن. محمد ايوب گاد شروعاتي تعليم رواجي طور تي حاصل ڪئي، نفسيات ۾ بي اي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ هن ڊرائنگ جي امتحادن (اي ٽي سي) ۾ امتيازي حيثيت ماڻي ۽ ڊرائنگ جي استاد طور سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڀرتي ٿيو، ايوب جي آرٽسٽ آڱرين کوڙ ساري فنن، ڌنڌن ۽ استادين تي دسترس رکي آهي، جن ۾ اهم ڪهاڻي، اداڪاري، هدايتڪاري، مصوري ۽ شاعري آهن.
    فن مصوريءَ ۾ هي صاحب فتاح ماليپوٽو ۽ محمد علي ڀٽي کان متاثر آهي، جڏهن ته ايوب سکر جي عظيم چترڪار استاد عاشق حسين مهر وٽان هن فن جي شروعاتي سکيا حاصل ڪئي، ان کان علاوه ماضي ۾ جهاتيون پائيندي ايوب پنهنجي مامي امداد عليءَ کي به پنهنجو استاد مڃي ٿو، جنهن جون ٺاهيل تصويرون ڏسي ايوب جي دل ۾ هن اٿاهه فن سان اتساهه جي پهرين آرس جنم ورتو.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان روحاني محبتون هئڻ سبب ڪلامِ لطيف ۾ موجود سورمين جون پڻ تصويرون ٺاهيون، جن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، ان کان علاوه هن جو ڀٽائيءَ جي ڪلام جي پسمنظر ۾ ٺهيل هڪ قسط وار پروگرام “راڻل جي رهاڻ” به ڪي ٽي اين تي هليو جنهن جو ميزبان شوڪت خاصخيلي هيو جيڪو عام پروگرامن کان منفرد هيو.
    مان ايوب گاد کان ملاقات جو وقت فون تي ورتو ۽ 23 ڊسمبر جي نهايت ٿڌي شام جو سندس گهر جي ڀرسان اوطاق ۾ حاضري ڏني، جتي فقير منش ايوب حسبِ عادت عاجزي نما محبت سان مليو، هي اوطاق به ايوب وانگر ئي ورسٽائل آهي، جيڪا سندس دوستن ۽ ساٿين فنڪارن جي بيـٺڪ هئڻ سان گڏوگڏ هڪ ئي وقت اسٽوڊيو، لائبرري، ڊبنگ ۽ مڪسنگ روم پڻ آهي، جنهن ۾ رکيل شوڪيسن اندر ڪتابون ۽ ايوارڊ سجيل آهن، جڏهن ته ڪمري جي ڀتين تي ايوب جون ٺهيل پينٽنگس آويزان نظر اچي رهيون هيون، جن ۾ ڪجهه سندس ٺاهيل ڊرامن ۽ فلمن جا پوسٽر پڻ هئا، منهنجي هُن وٽ اچڻ کان اڳ ۾ ايوب وٽ عثمان فليش، محمد علي شيخ ۽ صغير الاهي پڻ ويٺل هئا، ڪجهه جهٽ کان پوءِ فدا حسين ملاڻو به آيو، اتي ايوب گاد سان جيڪا ڪچهري ٿي سان پروفائيل جي صورت ۾ توهان جي سامهون آهي.
    منهنجي ڄاڻ ۾ هڪ شخص چارلي چپلن هوندو هيو، جنهن کي بقول صوفيه لورين هالي ووڊ ۾ ديوتا جو مقام حاصل هيو ڇو ته هو فلم ٺاهڻ واري هر شعبي ۾ ڌڻي مڃيو ويندو هيو، ان کان علاوه اسان جي پاڪستاني فلم انڊسٽري ۾ اهڙي طرح جي هر دلعزيز شخصيت هئي رنگيلي جي جيڪو پنهنجي فيلڊ ۾ سڀ ڪجهه هوندو هيو ۽ هاڻي چارلي ۽ رنگيلي جهڙي ٽين شخصيت جيڪا منهنجي علم ۾ آئي سا ايوب گاد جي آهي.
    ايوب جي عجوبا شخصيت جا سوين روپ آهن ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سندس هر روپ مڪمل خصوصيات رکي ٿو. سندس گهڻ رخي ذات جا جيترا به پردا ڪيرائبا ته اسان کي علمي، هنري ۽ ٽِڪنيڪي ڏسڻين جو هڪ نئون جهان نظر ايندو، سندس شخصيت جي ڳالهه ٿئي ٿي ته فنون لطيفه جون صنفون ڪر کڻي آرس ڀڃن ٿيون، ايوب شاعر، مصور، ڪيمرامين، صوفي استاد، فلم ايڊيٽر، وڊيوگرافر، پورٽريٽ ميڪر، فوٽو گرافر، اداڪار، هدايتڪار، ڪيلي گرافر، ڊبنگ مڪسنگ مين، ٻه عدد زالن جو مڙس وغيره وغيره آهي ۽ مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ڪا هنرمندي مون کان لکڻ وسري وئي آهي ته اها به هن ۾ ضرورهوندي.
    هن جون هيتريون ساريون خوبيون ڏسي مون جهڙو لکاري به منجهي پيو ته هو اصل ۾ آهي
    ڇا ۽ هن جي ڪهڙي ڪاريگري کي وڌيڪ لکان ۽ ڪنهن کي سراهيان ان لاءِ کائنس ئي هڪ ڏينهن پڇيم ته “توهان اصل ۾ آهيو ڇا؟ جنهن تي هن صوفين وارو جواب ڏنو ته “ڪجهه به نه” يعني لاشئي، مان ٻيو سوال ڪيو “ٺيڪ آ توهان ڪجهه نه هوندي به گهڻو ڪجهه آهيو ڀلا ڪو اهڙو ڪم جيڪو توهان نه ڪيو هجي؟
    جوابم سوچڻ ڏيو ۽ پوءِ کلندي چيائين.........ٽين شادي.........!!!!!
    پنهنجي فن جيان شڪل و صورت مان به ايوب جمالياتي عڪس ڏيندو آهي، چوڻ ۾ ته هي لالئه صحرا عمر جو اڌ کان ڳچ دريا پار ڪري چڪو آهي، وارن ۾ به سوجهرو ليئا پائي ٿو، ڪڻڪئي شراب جهڙي رنگ وارو ۽ پپر جي ڇانوءَ جهڙيون ڳالهيون ڪندڙ ايوب توڙي جو سدائين ماڻهن جي انبوهه ۾ هوندو آهي پر مون کي هو الائي ڇو جهنگل جي ڪنهن ويران رستي وانگر وانگر هيڪل وياڪل لڳندو آهي.
    گهڻن ماڻهن جا رڳو چپ کلندا آهن پر ايوب بي فڪري نوجوانن وانگر پنهنجي مڪمل وجود سان ايئن کلندو آهي جو سندس مسڪراهٽ روح جا دروازا کولي ڇڏيندي آهي، ڊرامن ۽ شآعري جيان هو پنهنجي ٺاهيل تصويرن ۾ به زندگيءَ جي ڪوڙي سچائين ۽ حسن جي ڪارنامن جي والار ڪندي نظر ايندو آهي جن کي ڏسي ڪڏهن دل اداس ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن اکيون آليون ٿي پونديون آهن.
    ايوب جي ٺهيل تصويرن جون کوڙ ڀيرا نمائشون پڻ ٿي چڪيون آهن، جيئن هڪ ڀيرو پريس ڪلب لاڙڪاڻي ۾، ٻيون دفعو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي هال ۾، ٽيون دفعو حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي هئي، سندس آخري نمائش جو انتظام سنڌ آرٽسٽ گلڊ وارن ڪيو هيو، انهن نمائشن ۾ ايوب جي ٺهيل شهپارن کي نه رڳو قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو پر تمام گهڻو سراهيو پڻ ڪيو ويو.
    موسيقي سان عشق هئڻ جي بدولت ايوب سال 1994ع ۾ ڪنول جي نالي سان آڊيو وڊيو پروڊڪشن ڪمپنيءَ جو بنياد رکي سنڌ جي نئين ۽ پراڻي شاعرن کان ڪلامن جي رياضت ڪرائي ڪافي گلوڪارن کي متعارف ڪرايو ۽ تمام خوبصورت گيت ڳائرايا، هن فنڪارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ موهن جو دڙو آرٽسٽ فورم جو پڻ بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان غريب ۽ ضرورتمند فنڪارن جي شخصي ۽ مالي سهائتا ڪئي ويندي هئي، ايوب نيلم جي نالي سان هڪ شوبز جو رسالو به ڪڍيو هيو. سندس پسنديده لکاري امر جليل ۽ آغا سليم آهن، جڏهن ته اداڪاريءَ ۾ کيس شفيع محمد شاهه سٺو لڳندو هيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنهنجا پراڻا ڊراما ڏيکاريندو آهي ته حيدر قادريءَ جي تعريف ڪرڻ سان گڏ بدر سومرو ۽ صغير الاهيءَ لاءِ چوندو آهي ته واهه جا اداڪار آهن.
    راهبن جي دلين ۾ دٻيل خواهش جهڙي ڏاڙهي رکندڙ ايوب گاد دل جي مندر ۾ بتن جي پوڄا جي نظام قائل آهي، ان لاءِ ئي سندس شاعريءَ ۾ ويڙهيل خيال اُس ۾ وهنتل فصلن جي رنگ جهڙا آبنوسي هوندا آهن، خوبصورتي سندس ڪمزوري هئڻ جي باوجود منهنجي يادداشت ۾ هي پهريون ماڻهو آهي جيڪو خواب ڏسڻ کان انڪاري آهي.
    منافقتن جي هن دنيا ۾ توڙي جو پاسباني ڪرڻ آسان ڪم ڪو نه آهي پر ايوب جهڙن ماڻهن ئي پنهنجي لڳاتار جدوجهد جو رت پياري وفا جي گونچن کي ٽڙائي رکڻ جو وچن ڪري رکيو آهي، جيئن ته ايوب پاڻ به دردمند ۽ جمال پسند آهي ان لاءِ پنهنجي دل جي واردات، تاثرات ۽ احساسات کي هر صنف ۾ اجاگر ڪرڻ جي فن مان به خوب واقف آهي، تخليقي صلاحيتون رکڻ واري ڪنهن به شخص لاءِ اها راءِ گهڻي حيرت انگيز ڪو نه آهي ته هو هڪ کان وڌيڪ صنفن کي اظهار جو وسيلو بڻائي پر گهڻن صنفن ۾ ڪامياب ٿي ڏيکارڻ هڪ الڳ مقامِ فن آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ايوب جي حصي ۾ ضرور آيو آهي، جيئن هن ڪمال ڪاريگري سان کوڙ ساري محنتن کي هڪ جاءِ تي ڳنڍي رکيو آهي، تنهن سان سندس اسلوب ۽ اظهار ۾ تمام گهڻي ويڪرائپ ۽ گنجائش به پيدا ٿي وئي آهي.
    ٻه عدد شاديون ڪرڻ جي باوجود ايوب چوي ٿو ته شادي اندر جي اساٽ کي ختم نه ٿي ڪري سگهي، اها اڻ تڻ اڃا ڪا ٻي “شيءِ” آهي، جنهن جي ڪري منهنجي شاعريءَ ۾ اڃائپ ڀري کوٽ نظر ايندي آهي، مان پڇيم ته ڀلا ڇا ٽين شاديءَ جو ارادو آهي ڇا ته ڪنن کي هٿ لڳائي جواب ڏنائين ته “ نه بابا نه!!! شآدين ئي ته شاعري ڇڏائي ڇڏي.”
    سوال: ته ڇا عشق هلندو؟
    جواب: ها هلندو ته ڇا ڊوڙندو، اڙي بابا اسين ته آهيون ئي عشق جا پيغامبر.
    سوال: ڀلا شادين شاعري ڪيئن ڇڏائي؟
    ج: اصل ۾ شاعري ڪيفتن جو نالو هوندو آهي، بقول شاعر “اسان تي لٿيون آهن عشق جون آيتون”، مان هاڻي ان ڳالهه جو قائل ٿي چڪو آهيان ته عشق ۽ خوف جون ڪيفيتون انساني ذهن ۽ ان جي حس لطيفه کي حرڪت ۾ رکنديون آهن، جڏهن ته شاديءَ کانپوءِ يوٽلٽي بل، زال ۽ ٻارن جا مسئلا، کير ۽ دوڪان وارن جا حساب ڪتاب وڌيڪ ضروري ٿي ويندا آهنئ
    سوال: ٻه شاديون آزار ناهن؟
    ج: سچ اهو آهي ته شاديءَ کانپوءِ ماڻهو پنهنجو پاڻ کان جوابده ٿي وڃي ٿو، باقي آزار ئي زندگيءَ جو حصو آهي.
    سوال: ڇا ٻن شادين ۾ مرد انصاف ڪري سگهي ٿو؟
    ج: ها مرد ته انصاف ڪري سگهي ٿو پر عورتون ئي انصاف ڪرڻ ڪو نه ڏينديون آهن.
    س: ته پوءِ توهان جي زندگي ڪيئن پئي گذري؟
    ج: يار! جيڪڏهن مان فنڪار ۽ ڊائريڪٽر نه هجان ها ته صبح شام زالن کان مار کاوان ها پر هاڻي فنڪاريءَ سان ٻول ٻچن ڏئي کين راضي ڪندو آهيان اها ته هئي مذاق پر حقيقت اها آهي ته مان اصل ۾ ٻئي جي ڪيفيت کي سمجهي پوءِ ڳالهائيندو آهيان ڇو ته منهنجي B.A نفسيات ۾ ٿيل آهي.
    حسن ايوب جي ڪمزوري آهي چاهي اهو قدرت جي ڪنهن به روپ ۾ هجي پر هن جي ويجهو فطرت جو سڀ کان وڌيڪ خوبصورت مظهر انسان آهي، سندس چواڻي خوبصورتي مون کي به سٺي لڳندي آهي پر مان پنهنجي ڪم ۾ حسن کي نظرانداز ڪري ڪم کي ترجيح ڏيڻ جو قائل آهيان.
    ايوب هڪ پختو ۽ پراثر شآعر آهي جنهن جي چوڻ آهي ته لفظ ۽ خيال روح ۽ جسم جي رشتي جيان هوندا آهن، سندس شاعري نرم جذبن جي آئيني دار ۽ زندگيءَ جي تلخين سان ڀريل آهي، جنهن ۾ سماج جو ڌڙڪنون پنهنجي پوري حسنِ و جمال سان جلوه گر نظر اينديون آهن، سندس ڪلام ۾ محبوب جو دلداريون، شڪوه، غمزه، زلفن جا ور وڪڙ، ناز انداز، عشق جي سادگي، حسن جي سرشاري آلي مٽي، ندين جي رواني، برسات، گهٽيون، چنڊ ۽ فصلن جهڙا ڪردار ملندا آهن، هن مٽيءَ جو ماڌو جهڙي فرهاد جو تيشو سندس قلم آهي، جنهن جي مدد سان شعرن ۽ نظمن جي صورت ۾ڪٿي هو پنهنجي محبوب خاطر سماجي رسم و رواج جا ڪارا ڪوهه چيريندو نظر ايندو آهي ته ڪٿي مونا ليزائي مسڪراهٽون اُڻيندو ته ڪٿي وري انسانن جي روين، رجحانن ۽ حاصلات جو حساب، ڪتاب ڪندي ملندو آهي.
    ايوب جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جون تمام گهڻيون هيٺ مٿانهيون ملنديون آهن، تجربا ۽ مشاهدا سندس زندگيءَ جا مشغلا رهيا آهن، سنگيت سان عشق هئڻ جي بدولت کيس سُر ۽ ڌن جي ججهي سڃاڻپ آهي، ان لاءِ ئي سندس جملا يا مصرعا بيلينسڊ هوندا آهن، شاعريءَ ۾ ايوب غزل جو دادلو آهي پر نظم ۽ ڪافيءَ ۾ به پنهنجي دل جي واردات جي ڀرپور عڪاسي ڪندو آهي، هن پنهنجي ڪلام کي جيڪي احساسن جا گونگهٽ پارايا آهن، انهن کي هٽائجي ته ايوب جون سوچون ڪاغذ تي شرم ٻوٽيءَ جيان شرمائيندي ملنديون، آزاد پوپٽن جون عڪس ڏينديون آهن ته خوشبوئن جي سڳنڌ به. مجموعي طور تي ايوب جي شاعري دل جي جذبن جي اها ڪومل ڪيفيت آهي، جيڪا ڏک ۽ پيڙا جي شخصيت ۾ سمائڻ بعد حاصل ٿيندي آهي.
    ايوب گاد سان متعلق جيڪڏهن ڳالهه فني جوالن ۽ ڊرامن جي ڪئي وڃي ته معاملو ڊگهو ٿي ويندو، پر اهم ڳالهين جو تَتُ اهو آحي ته هن عيوضو جي نالي سان سنڌيءَ زبان جي پهرين ڊراما سيريل ٺاهي جيڪا ايس ٽي اين تان نشر ڪئي وئي، پاڪستان ٽيليويزن تان ڪيئي ناٽڪ رنگ پيش ڪيا، پي ٽي وي تي 13 قسطن جي صوفي ازم ۽ رومانس جي پس منظر ۾ لکيل سيريل “مون ۾ تون موجود” لکي جنهن کي سميع بلوچ ڊائريڪٽ ڪيو، ڪي ٽي اين تان پهريون ڊرامه سيريل انتظار گاهه ۽ اوجاڳيل اکين جا خواب لکيو، جنهن کي پاڻ ڊائريڪٽ ڪيو، هر شخص ڪهاڻي آ جي عنوان سان ڪي ٽي اين تي سيريز ڪئي، جنهن ۾ سوين ماڻهن سان وابسته ناقابل فراموش، واقعن ۽ ڪهاڻين کي ڊرامائيز بڻايو، ٽيلي فلمون ٺاهيون، گانا پڪچرائيز ڪرايا.
    ايوب ابڙو پراڊڪشن جي بينر هيٺ زاهد ابڙو سان گڏ فلم مهربان ٺاهي جنهن کي شاليمار ريڪارڊنگ ڪمپني پوري ملڪ ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو، جنهن جي هن کي رائلٽي ڏهه فيصد ملي، ايوب ان کان علاوه به بيشمار فلمون ٺاهيون، جن ۾ اهم بيوس، دلاور خان، ناسور، مس 88 وغيره آهن.
    ڊرامه ڊائريڪشن جي حوالي سان ايوب پنهنجي حلقي ۾ گذريل ويهه سالن کان اسٽار ميڪر رهندو آيو آهي، پنهنجي ڊرامن ۾ هي صاحب انسانن جي آزاديءَ جو آرزومند نظر ايندو آهي، ته جيئن هو استحصالي قوتن خلاف ميدان ۾ ڄمي ويڙهاند ڪري سگهن، هو ڊرامي ۽ معاشري جي غلطن ڪارين، سماجي ۽ سياسي ناانصافين سان گڏ مذهبي براين ڀلاين کي پنهنجو ٿيم بڻائيندو آهي، سندس ڊرامن ۾ ڪردار ڪوئلين جيان ڪوڪندا آهن: عورت، گهونگهٽ، پينگهون، گهٽائون، باغ، چنڊ اڀرندڙ لهندڙ سج وغيره جڏهن ته پسنديده موضوع انسانيت، تصوف سسڪندڙ تهذيب ۽ سماجي قدرون آهن.
    ايوب فن ڊرامه نگاري جو اهڙو ماهر تيڪنيڪار آهي جو هن جي ڊرامي کي ڏسندڙ ڊرامي ۾ موجود تجسس ۽ دلچسپي جي بدولت پوري دورانئي مان ٻاهر ڪو نه نڪري سگهنداآهن. پنهنجي ڊرامن ۾ هو عمدي هنرمندي کي ڪتب آئيندي اسان جي ريتن، رسمن، رواجن، حالات ۽ معاملن جي تمام سهڻي طريقي سان ٺوس جوڙجڪ ڪندو آهي، جيڪا سندس تجربن جون ڀوڳنائن، مشاهدن جي اونهائي ۽ سوچ جي بلند رسائي جو ثبوت آهي، سندس ڊرامن ۾ قوتِ عمل، نتيجه خيزي ۽ انساني آزاديءَ جي ججهي پرچار ملندي آهي.
    ايوب هڪ ڪامياب تدوين ڪار آهي، جنهن جي ڊرامن مان فن جون بلنديون ليئا پائينديون آهن، سندس هر فريم، آرٽسٽڪ هوندو آهي، جنهن سان هو منظرن کان ڳالهرائڻ ۽ شاٽز مان تاثر پيدا ڪرڻ کان خوب واقف لڳندو آهي، سندس چواڻي آهي ته “ايڊيٽنگ جو مطلب آهي فن تسلسل.”
    پنهنجي خيال کي وڌيڪ واضح ڪندي ايوب مثال ڏنو ته سڀ فن هڪ ٻئي سان جڙيل هوندا آهن، جيئن سٺو فوٽوگرافر ٿيڻ لاءِ فريم ڪمپوزيشن جي ڄاڻ هئڻ ضروري هوندي آهي، اهڙي طرح سٺو وڊيو گرافر اهو ٿي سگهي ٿو، جنهن کي سٺي فوٽو گرافي ايندي ۽ تڏهن ئي هو سٺو ايڊيٽر ۽ ڊائريڪٽر به ٿي سگهي ٿو.
    ايوب پنهنجو پاڻ کي صوفين جو پيروڪار به سڏائيدو آهي، تصوف جو بنيادي فلسفو هي آهي ته انسان پنهنجي نفس سان انصاف ڪري کيس اهڙين شين کان بچائي جيڪي کيس روحاني ۽ جسماني هلاڪت ڏانهن وٺي وڃن ٿيون، صوفي طبحِ فڪر جو هي صاحب پنهنجي دنيا جو بادشاهه آهي، سندس مرشد حافظ محمد شفيع تمام وڏو بزرگ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو حافظ ۽ عاشق هيو، ايوب پاڻ به ڀٽائيات جو هڪ قابل طالب علم آهي.
    جيئن ته منهنجو ڪو به مرشد ڪو نه آهي ان لاءِ ايوب کان پڇيم ته مان ڪنهن کي پنهنجو مرشد بڻايان؟
    جواب ڏنائين جنهن تي تنهنجي دل راضي ٿئي، ان جو مريد ٿيءُ، اهو ئي فلسفو عشق، محبت ۽ عبادت تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿو، مرشد به محبوب ۽ خدا جيان مڃڻ واري معاملن جو حصو هوندو آهي، مرشد سان پيار ۽ ڀٽائي سرڪارسان عقيدت جو اظهار علمي طور تي ايوب جي لکيل ۽ ٺاهيل ڊرامن ۾ گهڻو محسوس ڪيو ويندو آهي، هو ڀٽائي جي فلسفي “سردي گرمي ڪاهه” جو قائل آهي ڇو ته ساهه کڻڻ جي مهلت به ڪو نه آهي ان لاءِ ٿڪجي ويهي رهڻ درويشن جو شيوو ناهي هوندو. ايوب سنڌي ۾ لکيل نثري ڪتاب “اک الٽي ڌار” ۾ ڀٽائيءَ جي بيتن جي خوبصورت تشريح ڪئي آهي، رومانٽڪ طبيعت هئڻ ڪري ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ کيس سرسامونڊي گهڻو پسند آهي ڇو ته ان ۾ عورتن جي جذبات جي ڀلوڙ طريقي سان عڪاسي ملي ٿي، کيس مولانا روم ۽ امام غزالي پڻ تمام گهڻو پسند آهن.
    پاڻ حضور اڪرم جي معجزن تي ٻڌل ڪتاب “جنهن سان پسجي پرينءَ کي” به لکيو اٿس. چوندا آهن ته ڪاميابي جي ڏاڪن تي قوت بازو رکڻ وارا حوصلا مند جوڌا ئي چڙهي سگهندا آهن، ايوب پڻ اهڙن مانجهين منجهان آهي، جن جي اڻ ٿڪ محنت جي سونهري مشقن جتي سندس شخصيت جي تڪميل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اتي هزارين فنڪارن ۽ اداڪارن جي عملي حوصلي افزائي ڪندڙ هي شخص مايوس ۽ نامراد فنڪارن لاءِ ويراني جي مسجد ۾ رات جي آزان جهڙي حيثيت رکي ٿو.
    سنڌي نوجوانن لاءِ ٽيلينٽ جي پذيرائي نه هئڻ سبب هزارين قابل جوهر وقت جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويندا آهن، جن کي ايوب جهڙا ماڻهو سهارو، تربيت ۽ تورڙي پذيرائي ڏئي زندگي ۽ توانائي جي علامت بڻائي ڇڏيندا آهن، هن راهه جي روشني جهڙي ماڻهوءَ کي جيڪڏهن اسان کي ڪو وڏو نالو ۽ مقام نه به ڏيون جيڪو نه رڳو هن جو حق ۽ حاصل محنت پڻ آهي، تڏهن به جيئن ٻُٽَ اوندهه ۾ هڪ جگنو به روشنيءَ جو امام ٿيندو آهي ۽ اها امامت بذاتِ خود هڪ وڏي مرياده هوندي آهي، اهڙي طرح ايوب جي اندر جو اهو ڪرڻو جيڪو کوڙ عرصي کان ٻين لاءِ رهنمائي جو اعليٰ ڪم سرانجام ڏيندو رهيو آهي، سو بذات خود هڪ وڏو مقام ۽ ڪارنامو آهي جيڪو ڪنهن اپاهج سماجي نظام يا دقيانوسي ماڻهن جي واهه واهه ۽ جي جي ڪار جو محتاج ڪو نه آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو