ڪانوءُ پکين جي دنيا جو چالاڪ پر بزدل ساهدار ... آصف رضا موريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڪانوءُ ڳيري کان ٿورڙو زبرو ۽ روبسٽ پر ڀوائتو ڏيک ڏيندڙ ڪاري رنگ جو پکي آهي جنهن جون سوين جاتيون دنيا ڀر ۾ موجود آهن پر سندس جنم ڀومي ايشيا جي ڪجهه ملڪن جهڙوڪ پاڪستان، انڊيا، سريلنڪا، مالديپ، نيپال، ٿائيلينڊ، بنگلاديش ۽ ايران کي مڃيو وڃي ٿو. قريبن چاليهه سينٽي ميٽر سائيز جي هن پکيءَ جو مٿو، پڇ، چهنب، مظبوط ٽنگون ۽ چنبا وغيره هر شي ڪاري رنگ جي ٿئي ٿي جڏهن ته رڳو سيني، ڍڍ، مٿي ۽ ڪنڌ جو چڱو حصو ڀورڙو ٿئي ٿو.
    ڪانون جي ايوريج عمر ستن اٺن کان پندرهن ويهه سال ليکي ويندي آهي.جڏهن ته چاليهه پنجيتاليهه سينٽي ميٽر ( پندرنهن ارڙهن انچ) ڊگهو ۽ 190 کان 327 گرامن تائين وزن ٿئي ٿو. پکين جي دنيا ۾ هي جاندار تمام خطرناڪ ۽ چالاڪ ترين ڀانئيو ويندو آهي جنهن جونظرون باز وانگي تيز ۽ ڪن گهڻو حساس ٿين ٿا. انسانن سان اصلي ڪونه ٺهي بلڪه انهن سان خار کائيندو آهي ايتري تائين جو رهي به انهن جي گهر ۾ پر پٺيان ڪان ڪان جي باهوڙ به سچو ڏينهن گهر جي مالڪ تي هوندي اٿس.
    ڪانون ۾ ٻڌي به گهڻي ڏٺي وئي آهي جو ڪنهن به امڪاني خطري تحت اهي ڪائين ڪائين جو اڀ ڏار دانهون ڪندي ڪجهه گهڙين ۾ پنهنجي جاتي جا سوين ڪٺ ڪٺا ڪري وٺندا آهن. انهن جا ڪن ايترا ته حساس ٿين ٿا جو ڪيئي ميل پري کان پنهنجي ساٿين جون رڙيون ٻڌي سندن مدد لاءِ پهچي ويندا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪانوءَ پنهنجي دشمنن، خاص شين ۽ واقعن کي پڻ هميشه ياد رکندا آهن.
    ڪانو کائڻ پيئڻ ۾ سادو آهي جيڪو مليس سو کائي ويندو آهي. ڪانوءُ هر قسم جو پڪل اناج کائي ويندو آهي ته گوشت جو به شوقين آهي ايتري تائين جو ٻارڙن ۽ ماڻهن جي هٿن مان بسڪوٽ، ماني، برگر وغيره به ڦري ويندو آهي. منهنجي فارم هائوس ۾ نه رڳو گهمندڙ ڏيڏرن ۽ ڏيڏرين کي پر بربلن، جهرڪين ۽ ڦوسڙين جا آنا بچا به زوري کائي ويندو آهي ان لاءِ هي ڪارو پکي مون کي ٺڦ ڪونه وڻندو آهي. ماڪڙ کي نه هڪ واري ڏٺم ته شوق سان پيو کائي، کير به پيئي، ته ڏهي به کائيو وڃي ۽ ڪيڙا ماڪوڙا، ميوا به مزي سان کائيندو آهي.
    ڪانون کي عمومن گهڻو چالاڪ پکي سمجهيو ويندو آهي پر ڪانو جي ڪاوڙ اڪمڪڙي واري ڳالهه درست آهي جو بزدل پکي هئڻ سبب ان جو ڪروڌ جو شڪار ڪمروز جيو پکي جانور ٿيندا آهن. منهنجي فارم هائوس ۾ ڪانون کي پنهنجي آکيرن، آنن ۽ ٻچڻ کي بچائڻ لاءِ ڳيرا به ڀڄائيندا وتندا آهن. نه رڳو ڊڄڻو پر بيوقوف ۽ احسان فراموش پکي پڻ آهي جو مان سندن آکيرا مان ڪريل ٻچن کي تيار ڪري جڏهن سندن حوالي ڪندوآهيان ته احسان مڃڻ بجاءِ هنياءُ ڏار ڪوڪون ڪندي حملو ڪرڻ کان به ڪونه گهٽائيندا آهن.
    عمومن پکين کي سادو سودو سمجهيو ويندوآهي پر ڪانوءُ پنهنجي ذهانت سان کين حيران ڪندو رهندو آهي جو هن پکي تي تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته “ڪانوءَ نفس تي ظبط ڪرڻ جو مشقون ڪندا آهن، کيڏڻ کين پسند آهي. ڪانون متعلق تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته اهي پنهنجي ضرورت جا ڪئي اوزار پڻ ٺاهن ٿا. ذخيرو ڪن ٿا ۽ پنهنجي بچن ۽ خاندان جي حفاظت به سٺي طرح ڪن ٿا ته هي واحد پکي آهي جيڪو پنهنجي دل ۾ هر ساهواري لاءَ ڪروڌ ۽ ڪينو پڻ پالي ٿو”. گهٽ ۾ گهٽ تحقيق واري ڳالهه سان مان سهمت آهيان جو منهنجي فارم هائوس ۾ جيڪي پيالا مون پکين جي پاڻي وجهڻ لاءِ رکيا آهن انهن ۾ ڪانوءَ گوشت جا ٽڪرا وجهي رکندا آهن ته جيئن گوشت ڳري يا ان مان ڌپ نڪري. ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ ڏيڏرماري ان جي کل لاهي رکي ڇڏيندا آهن جنهن کي ٻئي ڏينهن پاڻي مان ڪڏي کائيندا آهن.
    ڪانوءُ انساني آبادين جي ويجهو رهڻ وارو پکي آهي جيڪو وڻن جي مٿاهين ڏارين تي پنجاهه سٺ تيلا سنهيون ڪاٺيون رکي جهڙو تهڙو آکيرو جوڙي ٿو جنهن ۾ هن جون ماديون ٽي کان ڇهه آنا لاهينديون آهن جن جي حفاظت ٻچڙا ڦٽڻ ۽ اڏرڻ جهڙا ٿيڻ تائين نر مادي گڏجي ڪندا رهندا آهن. ايتري تائين جو ڪنهن به نقصان ڏيندڙ جاندار سان ٺاهوڪو مهاڏو اٽڪائي کيس ڀڄڻ تي مجبور ڪندا آهن چاهي اهو هنن کان گهڻو طاقتور باز هجي يا ڪا ٻلي. جڏهن سندن لاڳ ۽ آنا ڏين جو موسم ايندو آهي ته منهنجي فارم هائوس ۾ منهنجو ۽ منهنجي ٻارڙن جوگهمڻ گهتڻ وهت ڪري وجهندا آهن جوڪان ڪان ڪندي جهپٽا ۽ لامارا ڏئي مٿي تي پيا ٺونگا هڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. وري توبهه جو سندن ٻچڙو آکيري مان ڪري پوي جيڪي اڪثر ڪري پوندا آهن. پوءِ ته رڙيون ڪري سوين ڪانو ڪٺا ٿي هر قسم جي جهيڙي يا حملي لاءِ ڄڻ تيار لڳندا آهن.
    هر سال منهنجي فارم هائوس ۾ ڪانوءَ جام آکيرا ٺاهي آنا لاهيندا آهن جن ۾ ٻڄڙا ڦٽي نڪرڻ کان پوءِ اڪثر آکيرن مان هيٺ ڪري پوندا آهن جن کي مان کڻي انهن جي خدمت ڪندو آهيان، انهن کي چانهه ۾ ٻوڙيل ماني ۽ ڀاٺي ۾ پچائي ڪٽيل بيهه به ڏاڍا وڻندا آهن. انهن کي ان اناج کارائي جڏهن اڏاري ڇڏيندو آهيان ته پوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مٽ پر پالڻ واري ان وچ جي عرصي ۾ انهن مان ڪجهه ڪانوءَ مانوس به ٿي ويندا آهن جن سان دال روٽي جي ونڊ کائڻ سان گڏ گهمڻ گهتڻ، ڪچهريون ڪرڻ ۽ سيلفيون ڪڍرائڻ جا مرحلا پڻ جڙندا رهندا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو