سنڌي زبان جا حقيقي محسن انگريزي حڪمران ۽ عملدار.... آصف رضا موريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تاريخ جي پنن ۾ ڦاٿل ڪجهه حقيقتون گهڻيون ڳريون ۽ هاضمي کان چڙهيل هونديون آهن پرهونديون نجو سچ آهن. سنڌ ۽ سنڌين جي اتهاس ۾ به اهڙيون هزارين حقيقتون پنهان آهن جن کي پروڙي اڪثر اوقات پنهنجن سان نفرت ۽ ڌارين سان دل ۾ محبتون جڙي پونديون آهن. اهڙن تاريخي سچائين منجهان هڪ اها پڻ آهي ته “سنڌي بولي جي ترقي، چڱڀلائي ۽ ترويج لاءِ دلئون سچائي سان جهڙو کرو ڪردار انگريزي آفيسرن ادا ڪيو ايترو هن وقت تائين نه سنڌ جي هندن ڪيو نه سنڌين ۽ نه ئي وري پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪنهن به اداري، آفيسر يا اڳواڻ. ايتري تائين جو 1843ع ۾ برطانوي تسلط قائم ٿيڻ وقت سنڌي زبان ۾ ڪو يڪسان رسم الخط به ڪونه هوندو هيو.
    برطانوي دورِ حڪومت کان اڳ سرڪاري زبان عربي هوندي هئي. جيڪي آفيسر مسلمان حڪمرانن جي ماتحت ڪم ڪندا هيا تن لاءِ عربي ۽ فارسي سکڻ لازمي هوندو هيو. انگريزن سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ سنڌي زبان کي سنڌ جي اڪيلي سرڪاري زبان جي حيثيت سان بحال ڪرڻ کان پوءِ انهن عربي ۽ فارسي کي خارج ڪري برطانوي حڪمراني جي تمام سرڪاري آفيسرن چاهي اهي انگريز هجن يا هندستاني لاءِ سنڌ ۾ ڪنهن به نوڪري ۾ ڀرٿي ٿيڻ کان اڳ سنڌي زبان جو مخصوص امتحان پاس ڪرڻ ضروري قرار ڏنو هيو. اهڙي ريت برطانوي دور ۾ جڏهن بمبئي کان سنڌ جا انتظامي معاملا الڳ الڳ ڪيا ويا ته تعليم ۽ انتظاميه ۾ مقامي زبان جي حيثيت سان اردو بجاءِ سنڌي زبان جي ترقي کي اڳيان رکيو ويو.
    1848ع ۾ سنڌي زبان کي فارسي جي جاءِ تي سرڪاري زبان قرار ڏيندي ان دور جي بمبئي جي گورنر جارج ڪلارڪ اهو حڪم پڻ جاري ڪيو هيو ته “اڄ کان پوءِ سنڌي زبان تعليم، ادب ۽ عدالتن ۾ پڻ استعمال ڪئي ويندي”. سر جارج ڪلرڪ سنڌي زبان کي صوبي ۾ سرڪاري زبان بڻائڻ جو حڪم جاري ڪندي سرڪاري آفيسرن کي پڻ سنڌي زبان ۾ امتحان ڏيڻ جو پابند بڻايو هيو. ان مقصد لاءِ هنن سنڌي جي رسم الخط کي باقاعدگي سان تيار ڪرائي نه رڳو رائج ڪيو پر سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪري سنڌي ڪتابن جي اشاعت جا وڏي پيماني تي سلسلا پڻ شروع ڪيا جنهن سان سنڌي زبان جي ترقي ۽ تحفظ جا رستا کليا. ان دور ۾ برطانوي آفيسرن لاءِ سنڌي زبان پڙهڻ، سکڻ ۽ ڳالهائڻ لازمي ٿي وئي هئي ايتري تائين جو انگريزي آفيسرن کي صوفي شاعري سان ڪنهن به قسم جي دلچسپي نه هئڻ جي باوجود انهن سکي جو کين علائقي جي ڪاروهنوار تي ضابطو رکڻو هيو.
    ڪيپٽن جارج اسٽيڪ سن 1849ع ۾ انگريزي سنڌي ۽ 1855ع ۾ سنڌي انگريزي لغتون ديوناگري ۾ شايع ڪرايون جنهن لاءِ هن حيدرآباد سنڌ جي پنڊت براهمنند ۽ ست چت آنند جون خدمتون حاصل ڪيو، جارج اسٽيڪ ئي 1849ع ۾ سنڌي زبان جو گرامر نالي ڪتاب پڻ شايع ڪرايو.
    سر هنري بارٽل فريئر 1850ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيوته اڳئين سال 1851ع ۾ هن حڪم نامو جاري ڪندي فارسي زبان کي رد ڪندي سنڌي زبان جي سنڌ ۾ لازمي استعمال لاءِ زور ڏنو. 1853ع ۾ هن پنهنجي اسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايجوڪيشن ڊيپارٽمنٽ جي چيف جي نگراني ۾ هندن ۽ مسلمانن جي مشترڪه ڪاميٽي جوڙي جنهن فارسي ۽ عربي کي شامل ڪندي سنڌي رسم الخط ۾ معمول جو لکتون ڪرڻ جو فيصلو ڪيون. انگريزن سنڌي ٻولي ۾ پهريون ڪتاب 1853ع ڌاري “حڪايات الصالحين” نالي ڇپرايو هيو جنهن ۾ ان وقت جي سنڌ پوليس جي صوبائي سربراهه “ليفٽيننٽ اي پي آرٿر” جي جدوجهد پڻ ياد رکڻ جهڙي آهي.
    سن 1854ع ۾ سنڌي زبان لاءِ عربي رسم الخط شروع ڪيو ۽ 1848 ۽ 1855ع ۾ انگريزي سنڌي لغتون تيار ڪيون ويون. اهڙي ريت فريئر 29 آگسٽ 1857ع ڌاري سنڌ جي تمام اهم سرڪاري ملازمن (سول سروانٽس) کي سنڌي زبان ۾ امتحان پاس ڪرڻ جي سفارش جي تاڪيد جو حڪم نامو پڻ جاري ڪيو. بارٽل فريئر نه رڳو سنڌي زبان کي هڪ اسڪرپٽ ڏنو بلڪه هن ادب جي مختلف موضوعن تي سنڌي ڪتاب پڻ پبلش ڪرايا جنهن سان سنڌي ادب جي ترويج سان سنڌي لکارين به سٺو لکڻ شروع ڪيو جن جا وضيفا پڻ مقرر ڪيا ويا. بارٽل فريئر ئي سنڌي زبان کي تمام سرڪاري مواصلات ۾ استعمال ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. سندس ئي دور ۾ سنڌي فائينل وارا ست درجا پاس ڪرڻ جو نظام رائج ٿيو جنهن کي پاس ڪرڻ وارو بيشمار سرڪاري نوڪرين لاءِ سڌي طرح اهل ڀانئيو ويندو هيو.
    هن وقت تائين سنڌين کان علاوه ٻاهرين ماهرن منجهان واحد سر رچرڊ برٽن ئي ٻولين جو واحد ماهر آهي جيڪو پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته “ توڙي جو سنڌي ڀارتي ڪلاس جي زبانن منجهان آهي ۽ سنسڪرت منجهان اخذ ٿيل آهي تنهن جي باوجود اها مڪمل طور تي هڪ الڳ ٻولي آهي. 1923ع ۾ بمبئي پرائمري ايجوڪيشن ايڪٽ ذريعي سنڌ ۾ لازمي تعليم متعارف ڪرائي وئي جنهن قانون تحت 1954ع تائين سنڌ جي 53 تعلقن ۾ لازمي تعليم جو سلسلو متعارف ڪرايو ويو جيڪو اصل ۾ سنڌي زبان جي بريصغير ۾ ترقي ۽ وشالتا متعلق ٻج. ڇٽڻ جي برابر هيو جنهن سان سنڌ جي نه رڳو خاص پر عام ماڻهو تائين به تعليم جي ترسيل جا اهڙا سلسلا جڙيا جنهن ڪري نه رڳو اسان جون ڪافي نسلون تعليم يافته ٿيون پر انهن جو ئي لاڀ هن وقت به اسان کائي رهيا آهيون
    اهڙي ريت انگريزي حڪمرانن، عملدارن توڙي آفيسرن سنڌي زبان جي ترقي ۾ هڪ اهم ۽ نه وسرندڙ ڪردار ادا ڪيو جن جي محنت، محبت ۽ شراڪت داري جي سبب ئي اڳتي هلي سنڌي زبان دنيا جي اهم زبانن ۾ هڪ ترقي يافته زبان طور شامل ٿي سگهي جيڪا هاڻي پنهنجي ڪجهه محنتي سنڌين جي جفاڪشين سبب جديد سائيبر دنيائن ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر اچي رهي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو