• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نه ڪو انت آھي ، نه آھي ازل ڪو!.. ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
صوفياڻو غزل
نه ڪو انت آھي ، نه آھي ازل ڪو!
نه ئي ڪا حياتي ، نه آھي اجل ڪو!
خدا پاڻَ فطرت ۾ تحليل آھي!
نه ئي ڪهڪشائن ستارن سڦل ڪو!
خيالن وڏو ڪو خدا ڪير هوندو!
خيالن سندو ئي خيالن بدل ڪو!
اسان يار پنهنجا خدا پاڻ آھيون!
مّلي ماڻھپي ۾ وڌو آ خَلل ڪو!
،
نه پهريون نه پويون، رڳو انگ مان ئي!
نه ظاھر نه باطن ، نه آخر اول ڪو!
ڊھن ٿيون ٺھن ٿيون شيون سڀ جھان ۾!
نه آھي جُفر ڪو ، نه آھي رمل ڪو!
وجودن جو واڪو ، ڊڪي ٿو ڊسڙ ۾!
نه گدلو ئي سَرُ ڪو، نه آھي ڪنول ڪو!
ڦٽي ٿو سگهان مان،ڪڏھن ڀي ڪٿي ڀي!
حياتي ته ڏيتي ۽ ليتي عمل ڪو!
تسلسل سان جنمن ۾ جهاڳي پيو جو!
وجودن جي جوھر جو آھي عمل ڪو!
نه ڌرمن جي ھاڻي ضرورت رھي ڪا!
صدين جي سفر مان سکيو آ عقل ڪو!
نه ساجد نه مسجود ، باقي رھي ٿو!
ڏسون ارتقا جو ارادو اٽل ڪو!
پروفيسر ساجد سومرو
 
Back
Top