صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
اسان کان اسان کي وِڃائي ڇڏيو آ
حياتي حِصن ۾ وِرهائي ڇڏيو آ
اکين ۾اسانجي وَهن ٿيون نَديون ڪي؛
سَمونڊَن ۾ سينو سَمائي ڇڏيو آ
اسان تيز آنڌي ۾ ڄڻ ديپَ ها سين؛
هَوا زندگيءَ جي اُجهائي ڇڏيو آ
گذاريون حياتي وٺي نانءُ ھُنَ جو ؛
زهر ۾ ڪو زم - زم ملائي ڇڏيو آ
اسان ئي ته آهيون ؛ ازل ۽ ابد سڀ؛
خدا پاڻَ پردو هٽائي ڇڏيو آ
صَليبن تي عيسيٰ بڻي ڄڻ چڙهيا سين؛
اسان جَهوڪَ ۾ سِرُ ڪٽائي ڇڏيو آ
بقا ڪا جهان کي ڏنيون ٿا وڃون اڄ؛
اسان ارتقا کي اَڏائي ڇڏيو آ
“کُٽَي جامُ انَ کان اڳي ڪو اَچوڙي“
متارن کي موکي چَوائي ڇڏيو آ
ڪيو وقتَ کي اڄ اسان مُنجَمد آ
اسان لامڪان کي چِڙائي ڇڏيو آ
سڄي موجَ مستي جا خالق اسان ئي؛
نشن کي نشو ڪو چَڙهائي ڇڏيو آ
اسان ۽ اوهان جا ختم “ فاصلا“ ٿيا؛
ڪو تعويذ اهڙو مَڙهائي ڇڏيو آ
ڪفر جو نه حملو ڪري ڪوبه ڪافر؛
حُسنَ پاڪَ ڪلمو پڙهائي ڇڏيو آ.
پروفيسرساجدسومرو
اسان کان اسان کي وِڃائي ڇڏيو آ
حياتي حِصن ۾ وِرهائي ڇڏيو آ
اکين ۾اسانجي وَهن ٿيون نَديون ڪي؛
سَمونڊَن ۾ سينو سَمائي ڇڏيو آ
اسان تيز آنڌي ۾ ڄڻ ديپَ ها سين؛
هَوا زندگيءَ جي اُجهائي ڇڏيو آ
گذاريون حياتي وٺي نانءُ ھُنَ جو ؛
زهر ۾ ڪو زم - زم ملائي ڇڏيو آ
اسان ئي ته آهيون ؛ ازل ۽ ابد سڀ؛
خدا پاڻَ پردو هٽائي ڇڏيو آ
صَليبن تي عيسيٰ بڻي ڄڻ چڙهيا سين؛
اسان جَهوڪَ ۾ سِرُ ڪٽائي ڇڏيو آ
بقا ڪا جهان کي ڏنيون ٿا وڃون اڄ؛
اسان ارتقا کي اَڏائي ڇڏيو آ
“کُٽَي جامُ انَ کان اڳي ڪو اَچوڙي“
متارن کي موکي چَوائي ڇڏيو آ
ڪيو وقتَ کي اڄ اسان مُنجَمد آ
اسان لامڪان کي چِڙائي ڇڏيو آ
سڄي موجَ مستي جا خالق اسان ئي؛
نشن کي نشو ڪو چَڙهائي ڇڏيو آ
اسان ۽ اوهان جا ختم “ فاصلا“ ٿيا؛
ڪو تعويذ اهڙو مَڙهائي ڇڏيو آ
ڪفر جو نه حملو ڪري ڪوبه ڪافر؛
حُسنَ پاڪَ ڪلمو پڙهائي ڇڏيو آ.
پروفيسرساجدسومرو