• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“غزل” جَلادن جَي آڏو نه گردن جُهڪي آ... ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
جَلادن جَي آڏو نه گردن جُهڪي آ
جَهڪي ٿي اسانجي نه ڪا سرڪشي آ
هُو سرمد جي رَتُ سان مُنور ڳليون سڀ؛
ڀِنيءَ جَي بَدن جِي عجب مئڪشي آ
درازا جو مڪتب اسان جي ڪهاڻي؛
انَ - الحق مَستي ؛ انَ - الحق مَڳي آ
لڪيء جي پَهاڙن جا چشما اسان ئي؛
هُو سيوهڻ ۽ سَنُ ئي اسان جي بَٺي آ
اسان آبشارن جا جِهرڻا ازل کان؛
هُو وَيدن جي واڻي اسان ئي چِٽي آ
اسان ٿڌ - بڻجي بَدن ۾ لَهُون ٿا؛
اٺَي جي هَوا ڪا جڏھن ڀي لَٿي آ
سمونڊن کي سانڍي بدن ۾ هلون ٿا:
اسان ئي جزيرن تي ڪئي روشني آ
سَڄيون ڪهڪشائون ڦُٽايون اسان ئي؛
اسان ئي ته کيتي ازل جي ڪئي آ
نه “تون“ جي گنجائش هتي ٿي رهي ڪا
“اسان ئي اسان هُون“ عجب بيخودي آ
پروفيسرساجدسومرو
 
Back
Top