صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
بنجر ڌرتيءَ گاھُ ڦُٽو آ
تنهنجَي آئَي ساھُ ڦُٽو آ
تَنَ جو هِڪُ هِڪُ بُتُ ڀڳو ٿم؛
منَ ۾ پو الله ڦُٽو آ
تون جَي آئين اڃَ اُجِهي وَئي؛
ٿرَ ۾ ڄڻ ڪو واھُ ڦُٽو آ
منزل سامهون - رستو سامهون؛
ڀِينڊُ - ڀِترُ ناگاھ ڦُٽو آ
رڳ - رڳ ۾ آ ماتم ڪوئي؛
محرمَ جو ڄڻ ماھُ ڦُٽُو آ
جيونُ پنهنجو راتِ اماوس؛
چانڊوڪيءَ جو چاھُ ڦُٽو آ
هر ڪو ماڻهو ناھ - چنيسر؛
دَودَي جو ويساھُ ڦُٽو آ
ناگاھ = اوچتو . اچانڪ
پروفيسرساجدسومرو
بنجر ڌرتيءَ گاھُ ڦُٽو آ
تنهنجَي آئَي ساھُ ڦُٽو آ
تَنَ جو هِڪُ هِڪُ بُتُ ڀڳو ٿم؛
منَ ۾ پو الله ڦُٽو آ
تون جَي آئين اڃَ اُجِهي وَئي؛
ٿرَ ۾ ڄڻ ڪو واھُ ڦُٽو آ
منزل سامهون - رستو سامهون؛
ڀِينڊُ - ڀِترُ ناگاھ ڦُٽو آ
رڳ - رڳ ۾ آ ماتم ڪوئي؛
محرمَ جو ڄڻ ماھُ ڦُٽُو آ
جيونُ پنهنجو راتِ اماوس؛
چانڊوڪيءَ جو چاھُ ڦُٽو آ
هر ڪو ماڻهو ناھ - چنيسر؛
دَودَي جو ويساھُ ڦُٽو آ
ناگاھ = اوچتو . اچانڪ
پروفيسرساجدسومرو