”غزل“ بنجر ڌرتيءَ گاھُ ڦُٽو آ...ساجد سومرو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2021 09:45 وڳي۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    146
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    غزل
    بنجر ڌرتيءَ گاھُ ڦُٽو آ
    تنهنجَي آئَي ساھُ ڦُٽو آ
    تَنَ جو هِڪُ هِڪُ بُتُ ڀڳو ٿم؛
    منَ ۾ پو الله ڦُٽو آ
    تون جَي آئين اڃَ اُجِهي وَئي؛
    ٿرَ ۾ ڄڻ ڪو واھُ ڦُٽو آ
    منزل سامهون - رستو سامهون؛
    ڀِينڊُ - ڀِترُ ناگاھ ڦُٽو آ
    رڳ - رڳ ۾ آ ماتم ڪوئي؛
    محرمَ جو ڄڻ ماھُ ڦُٽُو آ
    جيونُ پنهنجو راتِ اماوس؛
    چانڊوڪيءَ جو چاھُ ڦُٽو آ
    هر ڪو ماڻهو ناھ - چنيسر؛
    دَودَي جو ويساھُ ڦُٽو آ
    ناگاھ = اوچتو . اچانڪ
    پروفيسرساجدسومرو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو