“غزل” دل ٺاھَ تُون ٺاهَي سڄا....سجاد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
دل ٺاھَ تُون ٺاهَي سڄا
وَڃُ سَمنڊَ سانباهَي سڄا
هي ھَڏَ سَچلَ جا هِنِ مُريدَ؛
اچ چاڙھِ تون ڦاهَي سڄا
تون ڍَڪِ ننگا هُو جِسمَ سڀ؛
پَڙَ پِيرَ تان لاهَي سڄا
آذر سَڄو ئي ھَو وطن؛
تون بُتَ وَئين ڊاهَي سڄا
ٿِي پَيرَ تنهنجا وِيا پِٿُون؛
وَئين پنڌَ تون سَاهي سڄا
ھُو جُهوپڙي اوندھِ ۾ آ :
وڃُ چنڊَ تون ڪاهَي سڄا
جي ٿو فصلُ توکي کپي؛
ھِي ڳاھَ وڃ ڳاهَي سڄا
پروفيسرساجدسومرو

=AZWNCiw5hNY6K_wiO1mcLxlyVRr05AkX0zelzZOYDiSi_Y2hIKgtwtBAgwN62MQ3bd-d9vHeab5GrkMPxq-H555Tr16wHY5iOz_-VH_G3wGBrj52FCtDRgespn6GUmJkUs4&__tn__=EH-R']
=AZWNCiw5hNY6K_wiO1mcLxlyVRr05AkX0zelzZOYDiSi_Y2hIKgtwtBAgwN62MQ3bd-d9vHeab5GrkMPxq-H555Tr16wHY5iOz_-VH_G3wGBrj52FCtDRgespn6GUmJkUs4&__tn__=EH-R']


321321
111 comments
8 shares
Like


Comment

Share
 
Back
Top