غزل دل ٺاھَ تُون ٺاهَي سڄا وَڃُ سَمنڊَ سانباهَي سڄا هي ھَڏَ سَچلَ جا هِنِ مُريدَ؛ اچ چاڙھِ تون ڦاهَي سڄا تون ڍَڪِ ننگا هُو جِسمَ سڀ؛ پَڙَ پِيرَ تان لاهَي سڄا آذر سَڄو ئي ھَو وطن؛ تون بُتَ وَئين ڊاهَي سڄا ٿِي پَيرَ تنهنجا وِيا پِٿُون؛ وَئين پنڌَ تون سَاهي سڄا ھُو جُهوپڙي اوندھِ ۾ آ : وڃُ چنڊَ تون ڪاهَي سڄا جي ٿو فصلُ توکي کپي؛ ھِي ڳاھَ وڃ ڳاهَي سڄا پروفيسرساجدسومرو =AZWNCiw5hNY6K_wiO1mcLxlyVRr05AkX0zelzZOYDiSi_Y2hIKgtwtBAgwN62MQ3bd-d9vHeab5GrkMPxq-H555Tr16wHY5iOz_-VH_G3wGBrj52FCtDRgespn6GUmJkUs4&__tn__=EH-R'] =AZWNCiw5hNY6K_wiO1mcLxlyVRr05AkX0zelzZOYDiSi_Y2hIKgtwtBAgwN62MQ3bd-d9vHeab5GrkMPxq-H555Tr16wHY5iOz_-VH_G3wGBrj52FCtDRgespn6GUmJkUs4&__tn__=EH-R'] 321321 111 comments 8 shares Like Comment Share