شبير جوڳي هر سماعت جو مور آهي....!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    شبير جوڳي هر سماعت جو مور آهي....!
    فقير محمد سنڌي.

    محبت ۾ کپي ٿي سچائي وفائي،
    سچائيءَ جي هوندي نه ٿيندي جدائي.

    حوصلي مند فرد تاريخ جو حصو آهي جيڪو سدائين آبادي جي جاکوڙ ڪندو آهي اها آبادي جيڪا امر رهڻي آهي. اهڙي امر پڻي ۾ شبير جوڳي به امرتا جي دڳ تي آهي جيڪا صدين تائين ياد رهڻي آهي. اهڙي طرح شبير جوڳي هر سماعت جو مور آهي ،اهو ان لاءِ ته هو پنهنجي دور جو هڪ ئي وقت شاعر، استاد، لسنر ۽ سماج جو سرسري جائزو وٺڻ بعد ئي لفظن جي روپ ۾ " تنھنجو شبير جوڳي " ۾ نظر اچي ٿو. ان ڪتاب ۾ زندگيءَ جا ڪيترائي موڙ شامل آهن، دوستيءَ جي ڀرم کي اجاگر ڪرڻ، عوامي رنگ جو راڄ ورق ورق تي پڙهڻ لاءِ ملي ٿو،عشق زندگيءَ جو حصو آهي ئي آهي اهڙي حصي جي ڳالهه شبير جوڳي شاعريءَ جي صورت ۾ ڪتاب پيش ڪيو آھي. ان سوکڙيءَ کي سنڌي ادب جا پڙهندڙ پيار ڀري دل سان قبول ڪندا. شبير جوڳي شاعر سان گڏ ريڊيو پاڪستان جو ناليوارو لسنر به رهي چڪو آهي. ان لاءِ شبير کي راڳ رنگ ۽ سماع جي محفلن جو بيخوبي اندازو آهي. ٻوليءَ جي حسناڪي شبير جوڳي جي شاعريءَ جو حصو آهي ۽ ان حسناڪي کي شبير پنهنجي شاعريءَ مان محسوس ڪرائي ٿو،جيڪا حسناڪي شبير جوڳي جي غزلن ۾ اڻ کٽ موجود آهي. شبير جوڳي پنھنجي مزاج ۾ متحرڪ فرد آهي جنھن سدائين ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سجاڳي جي پنڌ تي آهي، اها ئي سجاڳي شعور ۾ تبديل ٿيندي جا هر ڪنهن کي اتساھ آڇيندي آهي. شبير جوڳي تي پنهنجي ماحول جو اثر آهي. دنيا جي اندر ٿورا فرد آهن جيڪي پنهنجي سماج مان اثر قبول ڪري وري ماحول کي سنوارڻ چاهيندا آهن اهڙن فردن ۾ شبير جوڳي به شامل آهي. شبير جوڳيءَ جي غزلن ۾ درد ڀريا احساس شامل آهن.

    ساري دنيا سان گڏ اچي مونکي،
    هڪ دفعو يار آزمائي ڇڏ.

    ٽٽل ته اڳي ئي آهي جوڳي شبير،
    رکي ٿو ڪا طاقت تحرير جي.

    جوڳي شبير تنھنجو رهندو سدائين پر،
    ويڇا وساري سڀ اقرار ٿو ڪرين.

    شبير جوڳي جي شاعريءَ ۾ زماني جا رنگ، منظر ڀرپور نموني سان چٽيل آهن.
    جرمن شاعر" هينرڪ هائين "جو تخلیق بابت خيال آهي ته :"هر زمانو جڏهن نوان خيال حاصل ڪري ٿو، تڏهن انهن سان گڏ نيون اکيون به حاصل ڪري ٿو، جن جي وسيلي هو ذهن ۽ روح جي پراڻين تخليقن ۾ گهڻيون ئي نيون ڳالهيون ڏسي ٿو."
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو