شايان احمد لغاري سنڌ جو پهريون لائيسنس يافته آسڪاءِ ڊائيور ..... آصف رضا موريو

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    شايان احمد لغاري
    سنڌ جو پهريون لائيسنس يافته آسڪاءِ ڊائيور
    آصف رضا موريو
    14 مئي 1992ع ۾ جنم وٺندڙ شايان احمد سنڌ جو پهريون لائيسنس يافته هواباز ۽ خوبصوت نوجوان آهي جنهنجو اصل نالو عبدالمجيد لغاري ۽ سندس تعلق ضلعي دادو جي جوهي تعلقي واري ڪچي ۾ واقع ڳوٺ بري سان آهي جڏهن ته سندن والد غلام النبي لغاري پنهنجي تر جو چڱو زميندار ۽ خوشحال ماڻهو آهي.
    شايان احمد پنجين پرائمري تعليم دادو جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول مزدورآباد مان پڙهي، ڏهين جماعت گورنمنٽ طالب المولا هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪئي. ان کان پوءِ انٽرميڊئيٽ ۽ بي اي جو امتحان آخوند نجم روڊ تي جوڙيل استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڏنو ۽ پوءِ هن اقتصاديات ۾ ايم اي جي ڊگري شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. شايان کي پڙهڻ لکڻ جو پڻ شوق آهي. سائين جي ايم سيد سندس پسنديده ليکڪ آهي جنهن جا ڪتاب “جيئن ڏٺو آ مون” ۽ “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ” سندس پسند جا ڪتاب آهن جڏهن ته سياسي شخصيت طور کيس بشيرخان قريشي گهڻو وڻندو آهي، شايانجڏهن سائين جي ايم سيد، بشيرخان قريشي يا ڪهاڙي واري تصويرن سان مزين شرٽيون پائي فضا جي رٿين تي سوار جڏهن هي جوان ڪلابازيون کائيندي سنڌين جي “بسملاهيون” ڪرڻ وانگي ٻئي هٿ ٻڌندو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄن هو پنهنجي جنم ڀومي جو قرض ادا ڪري رهيو هجي.
    نوڪري جي حوالي سان شايان ڪم جي شروعات 2010ع ۾ ريڊ ڪريسينٽ سوسائٽي ۾ والنٽيئر طور تڏهن ڪئي جڏهن سموري سنڌ ۾ مها ٻوڏ تباهيون مچائي رهي هئي. ان سال ئي کيس پرائمري استاد جي نوڪري جو آرڊر پڻ مليو جيڪو هن قبول ڪونه ڪيو جي سندس آڏو گهڻا عشق جا امتحان پيشِ نظر هيا. 2014ع دوران هو سعودي عربيه جي هڪ اڌ ڪمپني ۾ سائيٽ سپروائيزر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه به مختلف ڪمپنين ۽ ادارن ۾ نوڪريون چاڪريون ڪندي 2019ع ۾ شارجه هليو ويو جتي هن وقت استعمال ٿيل مشينن جي خريد و فروخت جي ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ اسڪاءِ ڊائيو ڪوچ طور پڻ متحرڪ آهي.
    شايان احمد کي اسڪاءِ ڊائيونگ جي شوق 2002ع ڌاري دل اندر تڏهن ديرو ڄمايو جڏهن هن نيشنل جيوگرافڪ چينل تي اسڪاءِ ڊائيونگ متعلق هڪ ڊاڪيومينٽري ڏٺي هئي، دبئي اچڻ سان پنهنجي شوق جي آبياري لاءِ هنAl Seyahi St - Dubai Marina وينيو تي واقع دنيا جي وڏي اسڪاءِ ڊائيونگ اسڪول “ابو دبئي جي اسڪاءِ ڊائيونگ اسڪول يواي اي” مان هوا مان جمپ هڻي زمين تي پهچڻ جو ڪورس ڪيو جتي تمام ماهر انسٽرڪٽر جديد ترين تيڪنڪ سان اسڪاءِ ڊائيونگ جي تربيت ڏيندا آهن. شايان پڻ اهو هڪ مهيني وارو ڪورس پهنهنجي ڪاروباري مصروفيتن سبب ٽن مهينن ۾ بيٽو جونيئر جهڙي بهترين برازيليئن ڪوچ ۽ ٻين ماهر استادن جي تربيت هيٺ پورو ڪيو جنهن جي پوري ٿيڻ تي اپريل 2021ع ۾ آمريڪي پيراشوٽ ايسوسيئيشن طرفان کيس اسڪاءِ ڊائيونگ جو لائسنس پڻ مليو جنهن کان پوءِ شايان ڪنهن به ملڪ جي ڊراپ زون مان ڏهه هزار ڦٽ مٿي تائين انهن ملڪن جي مروجه فضائي قانون تحت اسڪاءِ ڊائيونگ يا پيراشوٽنگ ڪري سگهي ٿو.
    يو اي اي جي پام ڊراپ زون ۽ پام جميريا جي شاندار ڊراپ زونن تان سکيا ۽ سيکارڻ جا انوکا تجربه اڄ به شايان لاءِ خوبصورت يادن جا سرمايا آهن جتان سکيا دوران پهريان ڪجهه ڏينهن شايان کي ٻه اڍائي انسٽرڪٽر هوندي به تمام گهڻو خوف محسوس ٿيندو هيو پر هاڻي هو اسڪاءِ ڊائيونگ کي پنهنجي زندگي جو حصو سمجهندي انجواءِ ڪندو رهي ٿو جو هاڻي هو سينيئر ۽ پروفيشنل هئڻ ناطي پاڻ ابو ذهبي اسڪاءِ ڊائيونگ سينٽر طرفان سيڪڙاٽن کي سينٽر جي جهازن ذريعي اسڪاءِ ڊائيونگ ڪوچ طور ٽريننگ پڻ ڏيندو رهي ٿو جنهن لاءِ هر جمپ جي حساب سان کيس 100 درهم ملندا آهن.
    فري فال ۾ جهاز مان جمپ ڏئي نڪرڻ کان پيراشوٽ کولڻ تائين واري وقت کي اسڪاءِ ڊائيونگ چئجي ٿو. اها هڪ انتهائي دلچسپ راند پڻ آهي جيڪا زمين کان سوين فٽ مٿان ڪنهن اڏندڙ جهاز، هيلي ڪاپٽر يا وڏي غباري ذريعي هوا مان ٽپو ڏئي اڪيلي سر يا ساٿين سان گڏ کيڏي ويندي آهي يا هن ۾ ڪرتب پڻ ڏيکاريا ويندا آهن. اسڪاءِ ڊائيونگ ۾ پيراشوٽ کولڻ کان اڳ کلاڙي فري فال ڪندو آهي جنهن جو فاصلو عمومي طور تي چار هزار ميٽر يعني 12،500 فٽ ۽ وقت چاليهه کان پنجاهه سيڪنڊ ٿئي ٿو. جهاز جي اونچائي چار هزار ميٽرن کان وڌائي اهو “وقت” پڻ وڌائي سگهجي ٿو پر وڏي جمپ لاءِ جهاز اندر آڪسيجن جي پريشر ۽ غوطه خور لاءِ بوتل ۾ آڪسيجن جي ضرورت پوي ٿي. اسڪاءِ ڊائيو ۾ جمپ ۽ فري فال کان لينڊنگ تائين هوا ۾ آزادي ۽ ضابطي معتلق خوبصورت، پيچيده ۽ حيرت انگيز احساسن سان گڏ جسماني ۽ ذهني مشقن مان لطف اندوز ٿيڻ دلفريب موقعا ملن ٿا. شايان هن وقت تائين مختلف ڊراپ زون مان 13000 فٽ جي رينج وارا اونچا سٺ سولو جمپ ڏئي چڪو آهي جڏهن ته باقي ڪافي سارا جمپ دوستن جي گروپن سان پڻ ڪيا آهن.
    اسڪاءِ ڊائيونگ متعلق چيو وڃي ٿو ته هن خطرناڪ راند جو بنياد 1483ع ڌاري اٽاليئن تخليق ڪار ۽ موجد ليئونارڊوڊاونچي وڌو هيو جو سندس اسڪيچن ۾ جهاز ۽ گلائيڊنگ جهڙن اڏارن جا بيشمار خاڪا ملن ٿا. اسڪاءِ ڊائيونگ هوائي جهازن، هيلي ڪاپٽرن يا هوا ۾ اڏندڙ وڏي ڦوڪڻن مان اڇل ڪود جهڙي راند آهي جنهن لاءِ جمپ ڪرڻ واري جاءِ مهل هدايتون ڏيڻ ۽ حوصلو وڌائڻ لاءِ ٻه اڍائي انسٽرڪٽر جمپ ڪرڻ مهل سيکڙاٽن سان گڏ هوندا آهن. اسڪاءِ ڊائيونگ ۾ جمپنگ کان لينڊنگ تائين قريبن 5 کان 7 منٽ لڳندا آهن جنهن کان پهريان هوائي جهاز ۾ چڙهي جمپ واري جاءِ تائين پڄڻ ۾ ويهه پنجويهه منٽ ٻيا به لڳي ويندا آهن.
    پيراگلائيڊنگ، بنجي جمپنگ. پيراسيلنگ ۽ ريفٽنگ جيان اسڪاءِ ڊائيونگ پڻ خوبصورت پر ايڊويچرس راند ڀانئي وڃي ٿي جنهن ۾ رانديگرن لاءِ جان جوکم جا خطرا به جام هوندا آهن پر احتياط ڪجي ته حادثن جي رسڪ گهٽ ٿئي ٿي. يونائيٽيڊ اسٽيٽس پيراشوٽ ايسوسيئيشن جي شماريات مطابق 2018ع ۾ 3.3 ملين جمپس مان رڳو 13 اسڪاءِ ڊائيورز حادثن ۽ موت جو شڪار ٿيا.
    پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ ڪافي هوابازن کي مختلف ملڪن مان اسڪاءِ ڊائيونگ جا ليسن مليل آهن جڏهن ته سنڌ ۾ اهڙو ليسن صرف شايان لغاري وٽ آهي.
    اسان جي ملڪ ۾ ملٽري پيراشوٽنگ ٽريننگ سينٽرز ضرور موجود آهن جتي پڻ سوليئن لاءِ تربيت جون سهولتون ڪونه آهن. خان پور ڊيم ۽ منگلا ڊيم واري سائيٽن تي البته پيرا گلائيڊنگ سيکاري وڃي ٿي پر حيرت انگيز طور تي هن جديد دور ۾ به اسان جي ملڪ ۾ اسڪاءِ ڊائيونگ جي سکيا جو ڪوبه اسڪول ڪونه آهن تنهن ڪري اسان جا نوجوان ان فن جا ڪورس دبئي، ٿائيلينڊ، ڪيپ ٽائون (جنوبي افريقا)، فلپائين وغيره مان ڪرڻ ويندا آهن. تنهن ڪري حڪومتِ پاڪستان کي گهرجي ته شايان لغاري تربيت يافته اسڪاءِ ڊائيورز کي پيٽرونائيز ڪري پنهنجي ملڪ ۾ اسڪاءِ ڊائيونگ جا اسڪول ۽ سينٽرز کوليا وڃن ته جيئن نه رڳو پنهنجي ماڻهن ۾ اها هنرمندي فروغ پائيندي پر ٻاهرئين ملڪن مان سکڻ ايندڙن مان پيسا پڻ ڪمائي سگهجن ٿا جو ان فن جا تربيتي ڪورس تمام مهانگا ٿين ٿا.
    مارچ 2021ع ڌاري ٽن ڏينهن لاءِ ٿيندڙ “اسلام آباد ٽورزم فيسٽيول” ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ايئرفورس، پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان آرمي جي اسپيشل سروس گروپ "Maroon Berets" جي جوانن سان گڏ عام شهرين کي به اسڪاءِ ڊائيونگ جا جوهر ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جنهن ۾ جهانزيب نورزئي، زيشان مرزا، حيدرعلي به شامل هيا جڏهن ته زينب نالي هڪ ڇوڪري پڻ اسڪاءِ ڊائيونگ طور ان فيسٽيول ۾ بهرو ورتو جنهن ۾ چاهڻ جي باوجود شايان لغاري شامل ٿي ڪونه سگهيو جو هو ان وقت دبئي ۾ هيو جتان ڪورونا سبب فلائيٽيون مڪمل طور تي بند هيون.
    ست مئي 2021ع تي رات جو 8 وڳي شايان لغاري مون کي واٽس اپ تي هڪ وڊيو موڪلي جنهن ۾ هو هڪ جهاز مان اسڪاءِ ڊائيونگ کان اڳ ڪجهه غيرملڪي اسڪاءِ ڊائيورز سان سنڌي هوجمالو ڳائي رهيو هيو. فون ڪري حال احوال پڇيومانس ٻڌايائين “ان وڊيو واري ٽيم ۾ امريڪا، جرمني، برازيل، سائوٿ افريڪا، رومانيه، اٽلي وغيره جون ۽ جا اسڪاءِ ڊائيورز آهن جن کي هن پاڻ هوجمالو سيکاريو آهي. مان سمجهان ٿوزمين کان 13000 فٽ مٿي آڪاش جي بلندين ۾ اڏندڙ ڪينيڊا جي وائيڪنگ ايئر جي تيار ڪيل 19 سيٽن واري 278 ڪلوميٽر ڪلاڪ جي رفتار سان اڏندڙ Twin otter نالي جهاز تي اهو پهريون موقعو هوندو جو ڪنهن سنڌي اسڪاءِ ڊائيور نوجوان ڪوچ پنهنجي غيرملڪي سيڪڙاٽ ساٿي شاگردن کي سنڌي لوڪ گيت سيکاري ڳائڻ ۽ ڳارائڻ کان پوءِ فضا مان زمين ڏانهن جمپ ڪرايو هوندو.
    اسڪاءِ ڊائيونگ جي دنيا ۾ اچڻ سان روز نوان تجربه ۽ نئين دوستن سان ملڻ ڪري زندگي ۾ خوبصورت ۽ مثبت تبديليون داخل ٿين ٿيون. ان کان علاوه گروپس ۾ جمپ ڪرڻ وقت “اسڪاءِ ڊائيو فيملي” جي حقيقي اهميت جو احساس پڻ ٿيندو آهي جيڪي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ اڏڻ دوران توهان جا دوست، همدرد ۽ جيئڻ مرڻ واري گهر ڀاتين جهڙا هوندا آهن جو اسڪاءِ ڊائيونگ ۾ خطرو “غيرممڪن” نه هوندو آهي. اسڪاءِ ڊائيونگ هڪ اهڙي راند آهي جنهن جي ڱڌکيڏڻ سان رانديگرن ۾ حڪمت جهڙي دولت، صبر جهڙو مظبوط هٿيار، ايمان جهڙي سلامتي ۽ کل جهڙو ٽونڪ گهر ٺاهي ويهي رهن ٿا.
    اسڪاءِ ڊائيونگ ۾ انسان جي ذهن ۽ جسم ۾ بيشمار نوان احساس پڻ جڙندا آهن جنهن ۾ پهرئين ڪجهه سيڪنڊن کان پوءِ اسڪاءِ ڊرائيور پاڻ کي سپر هيرو سمجهڻ لڳندو آهي جڏهن ته ٽپو ڏيڻ دوران ٽرمينل جي رفتار عام طور تي 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جيتري گهڻي تيز هوندي آهي. ان لاءِ شايان جو خيال آهي ته “اسڪاءِ ڊائيورز سدائين صحتمند رهندا آهن جو هن راند ذريعي انهن کي پنهنجي ذهني ۽ جسماني طاقت کي وڌائڻ ۽ استوار ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملڻ سان گڏ بيشمار اجائي سجائي انديشن تي پڻ قابو ڪرڻ سبب انهن ۾ جا خود اعتمادي پيدا ٿئي ٿي سا عملي زندگي ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي پڻ قابو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي رهندي آهي”.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو