سائين مظهرسرهيو لاڙڪاڻو جو سٻاجهو ۽ سچو صحافي....... آصف رضا موريو

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سائين مظهرسرهيو
    لاڙڪاڻو جو سٻاجهو ۽ سچو صحافي
    آصف رضا موريو
    فريدالدين عطار جي خاندان سان تعلق رکندڙ سرهيو ذات جون آباديون لاڙڪاڻو شهر جون قديم ترين رهواسي آهن جن کي عطر ۽ خوشبو جون مصنوعات وڪڻڻ جي ڪري سرهيو يعني خوشبو وارو جو لقب مليو. سرهيو خاندان جي لاڙڪاڻو ۾ جدِ امجد فضل محمد خان کي 1860ع واري دور ۾ شهر جي خاص شاهي بازار اندر ڪپڙي جو ڀلو دوڪان هوندو هيو جڏهن ته سرهيه پڌر وارو محلو سندس ڀلوڙ، رحمدل ۽ برجستي پٽ سيٺ خداداد سرهيو سان منسوب آهي جنهن جو جنم 1872ع ۾ ۽ وفات 24 اپريل 1950ع ڌاري ٿيو.
    ان ئي خاندان سان تعلق رکندڙ سائين مظهرعلي سرهيو جو جنم 1946ع ڌاري اسٽيشن روڊ تي واقع لاڙڪاڻو شهر جي ان سرڪاري سول اسپتال ۾ ٿيو جتي هاڻي گورنمنٽ گرلس هاءِ اسڪول قائم آهي. سندس والد محمد رمضان جاين جڳهن جو هلڪو سلڪو واپاري هئڻ سان گڏ اڄ جي اسٽيٽ ايجنٽ وارو ڪم پڻ ڪندو هيو کيس الهه ڏنو، منظورحسين ۽ مظهرعلي جي نالي سان ٽن پٽن جي اولاد هئي.
    محمد رمضان مسلم ليگ جو پراڻو ڪارڪن هوندو هيو جنهن کي پيپلزپارٽي ۾ آڻڻ لاءِ ڀٽو صاحب وڏا وس ڪيا ايتري تائين جو ڀٽو صاحب ساڻس ملڻ سرهيه پڌر واري گهر به ويو هيو جتي محمد رمضان اهو سوچي ساڻس نه مليو ته “مان مسلم ليگ ته اصل ڪونه ڇڏيندم پر جي ڀٽو صاحب سان مليم ته مهمان کي خالي موٽائيندي مون کي سٺو ڪونه لڳندو”. ان کان پوءِ به ڀٽو صاحب مٿس سنگت جا زور بار رکرايس پر همراهه پنهنجي ڳالهه تان اصل ڪونه هٽيو.
    مظهرعلي سرهيو جي شادي 1964ع ۾ ٿي کيس آفتاب احمد، الطاف احمد، عمران علي، عرفان علي، فرحان علي ۽ ريحان علي جي نالي سان ڇهن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جي اولاد ٿي. سندس گهرواري جي وفات 25 جولائي1999ع ڌاري آچر ڏينهن شام جو ساڍي پنجي وڳي ٿي هئي جڏهن ته سائين مظهر علي جي وفات 7 فيبروري 2021ع جي آچر رات 4 کان 9 بجي جي وچ ۾ ٿي جنهن جي گهروارن کي خبر صبح جو نائين وڳي ڌاري پئي.
    پنهنجي والد جي الٽ جيڪو ڪٽر مسلم ليگي هيو مظهرعلي سرهيو ذوالفقارعلي ڀٽو جي انهن شيدائين منجهان هيو جن ساڻس ميڻ بتي سان پنهنجون چيچون ساڙي وفاداري جو وچن ڪيو هيو. سندس چيچ تي آخري عمر تائين اهو نشان ظاهر هوندو هيو. پاڻ پنج اٺ سال ڀٽو صاحب جو پيپلز گارڊ پڻ رهيو ۽ ان دور ۾ ڀٽو صاحب سان ويجهڙي هئڻ ڪري ايترو ته مشهور هوندو هيو جو مظهر سرهيو بدران گهڻا ماڻهو کيس مظهر ڀٽو ڪري سڏيندا هيا. پاڻ 1984ع ۽ 1985ع ڌاري پنهنجي پاڙي مان غيرجماعتي پر پيپلزپارٽي جي حمايتي طور زڪوات ڪاميٽي جو چيئرمن به رهيو جيڪا هاڻي ته يو سي 13 آهي پر ان دور ۾ يو سي 8 هوندي هئي جڏهن ته سندن گهر شاهي بازار جي سراج اسٽريٽ ۾ 63 بي هوندو هيو جنهن کي بعد ازان انهن ڊهرائي هيٺان دوڪان ۽ مٿي گهر ٺهرايو جو هاڻي سندن محلي جو اهو سمورو حصو ڪمرشيل ٿي چڪو آهي.
    توڙي جو مظهرسرهيو ان دور جي حساب سان سنڌي فائينل پاس ڪيل هڪ پڙهيل ڳڙهيل لکيل ماڻهو هيو. ڀٽو صاحب جي تمام ويجهو هئڻ جي باوجود ان کان نه ڪڏهن ڪا نوڪري ورتائين نه ئي ڪو ٻيو سماجي ۽ دنياوي فائدو جو اهڙا ماڻهو لي الله با الله پيار ڪندا ۽ نڀائيندا آهن نه ڪي ڪنهن ذاتي فائدي يا مقصد تحت. هي همراهه به سموري عمر پنهنجو پاڻ کي محنت، مزدوري ۽ اصول پرستي جي ڪٺالي ۾ وجهي گهوٽيندو رهيو پر ڪڏهن به ضمير، عقيدي ۽ محبت ۾ جڳاڙ يا ڪاروبار جا رويا ڪونه پاليا.
    مظهرسرهيو پنهنجي زندگي ۾ ئي سڀني ڌيئرن پٽن کي سموري ملڪيت مان اسلامي طريقي ۽ شريعت آڌارت حصا ڏيڻ وارو فرض سرانجام ڏئي ويو هيو. مالڪ جي مهرباني سان هن محسنِ قلم کي 2010ع ۾ عمري، 2016ع ۾ حج ۽ 2017ع ڌاري ايران، عراق، شام وغيره جي زواري جي سعادت به نصيب ٿي.
    مظهرعلي سرهيو ننڍي هوندي کان محنتي هوندو هيو هن نوجواني ۾ قدم رکندي سکر راڻي پور واري روٽ تي ڪجهه سال بس ڪنڊڪٽري ڪئي. 1967ع ڌاري پيپلز پارٽي جو شهر ۾ عروج هيو ۽ ماڻهو ڀٽو صاحب جا ديوانا هوندا هيا تنهن ڪري هن به سندس پرستار هئڻ ڪري پيار جي اظهار طور پارٽي جا بيج وغيره کپائي گزرسفر ڪندو رهيو. ان کان پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ ٽي اينڊ ٽي ڪمپني ۾ سوچ ميڪر طور پڻ ڪم ڪيائين. مظهر سرهيو جي پرنٽ ميڊيا جي دنيا ۾ جڏهن آمد 1976ع ڌاري هاڪر طور ٿي ته هو گهرن، دوڪانن ۽ هوٽلن وغيره تائين سائيڪل تي اخبارون پهچائيندو رهندو هيو.
    ان دور ۾ شهر اندر اخبارن جا ٽي چار اسٽال هوندا هيا جن مان هڪ اسٽيشن تي، ٻه پاڪستان چوڪ ڀرسان ۽ چوٿون پاڪستان چوڪ کان جناح باغ ويندڙ روڊ جي پهرئين کٻي هٿ تي لڙندڙ روڊ جي ساڄي الهندي ڪنڊ تي هوندو هيو جتان مان پڻ مزمل ڀائي کان عمران سيريز، فريدي سيريز ۽ مختلف ڊائجسٽ وغيره پڙهڻ لاءِ ڪرائي تي کڻي ويندو هيم. مزمل ڀائي هيو ته مهاجر پر ڇا ته ڪمال جو کلندڙ ۽ عزت ڏيندڙ شخص هيو سو پڻ سائين مظهرسرهيو جيان سمورو ڏينهن سائيڪل تي اخبارون، رسالا ۽ ڊائجسٽ کپائي شام جو پنهنجي اسٽال تي ويهي مون جهڙي بيشمار نوجوانن جي پڙهڻ متعلق همت افزائي ڪندو هيو. ساڻس ايتري ته حجت هوندي هئي جو ڪتاب جي ڪرائي جا پيسا ڪونه به هوندا هيا ته نه منهن گهنجائيندو هيو نه ٻيا ڪتاب ڏيڻ ۾ ڪيٻائيندو هيو.
    مظهرسرهيو جو حسيني بڪ اسٽال پاڪستان چوڪ تي شمس جنرل اسٽور جي سامهون هوندو هيو جڏهن ته ان جي ٿورو پريان ڀر ۾ عزيز جنرل اسٽور جي سامهون سندس مامي محمد موسيٰ سرهيو جو اخباري اسٽال هوندو هيو. مظهرسرهيو اهو اسٽال هاڪري واري دور کان ئي کوليو هيو جيڪو هلائڻ سان گڏ سترنهن سالن تائين هو سائيڪل تي اخبارون کپائيندي رپورٽنگ پڻ ڪندو هيو جنهن سان گهر جي چوڏنهن ڀاتين وارو وڏو ڪهول ايمانداري سان پاليندو هيو. هن جوان ڪڏهن به نه حرام جو پيسو گهر آندو نه ئي ٻچڙن کي حرام جو گرهه کارايايو. ان جي باوجود سڀئي ٻار نياڻيون توڙي پٽ همٿ، دانائي، بردباري ۽ شڪرگذاري سان پڙهايائي سڀني کي گهٽ ۾ گهٽ کين گريجويٽ ڪرايائين. اسٽال واري دور ۾ سندس ٻئي وڏا پٽ اسڪول کان پوءِ اڪثر سندس اسٽال به سنڀاليندا هيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن سائين پاڻ اسٽال تي ويهندو هيو ته ننڍڙا آفتاب ۽ الطاف والد صاحب جي سائيڪل تي مختلف گهرن ۽ هوٽلن (ان دور رڳو مهراڻ هوٽل ۽ سمبارا هوٽل هوندا هيا) جي ڪمرن ۾ گيراڪن تائين اخبارون پهچائيندا هيا.
    هاڪر هئڻ ڪري مظهر سرهيو جو اٿڻ ويهڻ اخباري دنيا جي دوستن احبابن سان ويجهڙو رهيو جو ان دور ۾ صحافت فيلڊ ۾ مهذب، پڙهيل ۽ ساڃاهوند ماڻهن جو گهڻو ڳاڻيٽو هوندو هيو تنهن ڪري کيس به رپورٽر ٿيڻ جو شوق ٿيو. 1980ع ۾ مظهرسرهيو سنڌي روزنامي هلالِ پاڪستان جو لاڙڪاڻو ضلعي رپورٽر ٿيو. 1946ع ۾ شروع ٿيندڙ ان اخبار جو اهو عروج وارو هوندو هيو جنهن جو ڪجهه سالن کان پوءِ هو لاڙڪاڻو ۾ بيوروچيف پڻ ٿيو. مظهرسرهيو هڪ ايماندار صحافي هئڻ سان گڏ ادب پرور. عاجز ۽ بااخلاق قسم جو انسان هيو. ان دور جي انسان دوست، عوام پرور ۽ ڌرتي سان جڙيل ماڻهو ئي صحافي طور ڪامياب ٿيندا هيا جن ۾ اڄ جي گهڻي تڻي صحافين جيان ٽرڙائپ، هوڏ ۽ بدعنواني ڪونه هوندي هئي تنهن ڪري ئي ڏسجي ٿو ته ان دور جا صحافي پنهنجي دنيا جا اهڙا معياري ۽ مثالي ڪردار هوندا هيا جن تي ماڻهن طرفان ڀروسو ڪيو ويندو هيو جو اهي صحافي طور پنهنجي آبرو برقرار رکڻ سن گڏ قلم جي حسناڪي، ندرت ۽ سچائي کي هر ڳالهه کان اهم ۽ اڳرو ڀائيندا هيا.
    اخباري دنيا سان لاڳاپيل سندس ويجهڙي دوستن ۾ ڊاڪٽربدرشيخ، غلام محمدکوسو، موسيٰ بروهي، جبار رند، سيد مصطفيٰ ڪمال، محمدخان شيخ، ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو وغيره هوندا جن جو شهر ۾ ٺڪاڻو مظهرسرهيو جو حسيني بڪ اسٽال يا لاڙڪاڻو پريس ڪلب هوندو هيو. پاڻ پريس ڪلب لاڙڪاڻو ۾ خزانچي وغيره جي عهدن تي پڻ رهيا. سندس وفات تي اسان صحافين جي بي وفائي ۽ سماجي بي رخي جو اهو مثال سامهون آيو ته جنهن شخص سموري عمر پنهنجو رت ست، خواب ۽ جواني هن شهر ۾ صحافت کي ڏنا ۽ ان فيلڊ ۾ هزارين شاگرد پيدا ڪيا جيڪي زندگي ۾ سندس چوڌاري ڦرندا رهندا هيا پر مرتئي کان پوءِ صرف ڊاڪٽربدرشيخ سندس گهر وارن سان تعذيت ڪرڻ آيو باقي ڪنهن به هن همراهه کي نه خبرن ۾ ياد ڪيو، نه جذبن ۾ ۽ نه ئي هن جو ڪنهن مضمون ۾ يادون سنڀاريون. مظهرسرهيو شهر جي انهن چند صحافين منجهان هيو جنهن کي بهترين رپورٽر جو اي پي اين ايس ايوارڊ مليو هيو جنهن ۾ ٽيهه چاليهه هزار روپين جي روڪ رقم پڻ شامل هئي. اهو ايوارڊ کيس 1985ع ۾ جنرل محمد ضياءُ الحق جي دور ۾ ڏنو ويو هيو.
    مظهرسرهيو جي قريبن سڀني پٽن سان منهنجي سنگت آهي پر الطاف سرهيو منهنجي دل ۽ آفتاب سرهيو جگر آهن. آفتاب جي ته پيدائش به منهنجي خيال ۾ 1965ع واري جنگ دوران رات ڌاري اسپتال ۾ تڌهن ٿي هئي جڏهن سموري ملڪ ۾ بليڪ آئوٽ هيو جو اسپتال انتظاميه کين هڪ ميڻ بتي ٻارڻ ڪونه پيا ڏين. حيرت انگيز طور تي سائين مظهر سرهيو جا سڀئي خوبرو ۽ دلربا پٽ پڙهيل لکيل ۽ سٺين نوڪرين تي ته آهن ئي پر سڀئي اديب، نيازمند، ساعٿي ۽ مهذب آهن.
    منهنجي هڪ محترم سا.ين ديدار علي پنهنجي تاثر ۾ لکيو آهي ته “جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ سائين الطاف سرهيو جو پاڪستان چوڪ تي واقع ننڍڙو بوڪ اسٽال مختلف سياسي ڪارڪنن جي نه رڳو ويهڪ جي جاءِ هوندو هيو پر سندس وچ ۾ هڪ مواصلاتي مرڪز جيان پڻ هوندو هيو. هو بهادر شخص هڪ پراڻي سائيڪل تي علاقي ۾ اخبارات به ورهائيندو هيو. جڏهن شهر جي ريلوي اسٽيشن واري بڪ ڊيپو تي ريل يا هوائي جهاز ذريعي اخبارن جا بنڊل پهچندا هيا ته مظهر سرهيو ننڍي دسٽريبيوٽرزيا هاڪرز جو انچارج هوندو هيو. ان زماني ۾ هلالِ پاڪستان جي رپورٽر جي حيثيت سان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ تڏهن بي ڌڙڪ ايندو ويندو هيو جڏهن مارشلا جي دور ۾ لوئر ڪيڊر جي چڱن ڀلن صحافين کي اندر وڃڻ جي اجازت به نه هوندي هئي”.
    سائين مظهرسرهيو سان منهنجون ڪافي ملاقاتون رهنديون آيون جيڪي شروع ۾ سندس گهر ۾ ٿينديون هيون پر جڏهن سندس پٽ نوڪرين چاڪرين ۾ مصروف ٿي ويا ۽ انهن گهر هيٺان دوڪان ٺهرايا ۽ اسان کي ذميداريون ڳچيءِ ۾ پيون ته ملڻ ڪرڻ گهڻو گهٽجي ويو. تنهن کان پوءِ به جناح باغ جي سامهون واقع اخباري اسٽال تي اڪثر ملڻو ٿيندو رهندو هيو جتي مان رسالا، ڊائجسٽ يا اخبارون وٺڻ ويندو رهندو آهيان ۽ کيس اخبارپڙهندو ڏسي قدم بوسي ڪري حال احوال وٺندو هيم. ڪڏهن ڪڏهن سائين ويهڻ جو حڪم ڏئي چانهن پياريندو هيو ته حالاتِ حاضره کان علاوه اخباري دنيا، نئين پراڻي صحافت، شهر ۽ شهر واسين متعلق ڪچهريون پڻ جڙنديون هيون.
    مظهرسرهيو خاموش طبع ماڻهو هيو جنهن جي مزاج ۾ گهڻو ۽ اجايو ڳالهائڻ هيو ئي ڪونه جڏهن ته سندس طبيعت ۾ هڪ سٺي صحافي جون تمام هنرمنديون جهڙوڪ خبر متعلق بنيادي معلومات جمع ڪرڻ، خبرن جي چيرڦاڙ ڪري ايمانداري ۽ متوازن انداز ۾ انهن جي پيشڪاري ڪرڻ، واقعات جي تحقيق ۽ تفتيش وغيره سان گڏ پنهنجي ڪم متعلق علم، تحقيقاتي هنر، پيشه وراڻي مهارت، نظم و ضبط، ميڊيا پروڊڪشن، مواصلات متعلق ڄاڻ، تنقيد قبول ڪرڻ ۽ دٻاوءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت، خبرن ٺاهڻ جون عمده مهارتون منجهس بدرجه اتم هونديون هيون.
    سندس وفات جي ٻئي ڏينهن تي الطاف سرهيو سان تعذيت ڪندي منهنجي دل ۾ هن اديب، بامروت ۽ خوبصورت انسان کي سوچيندي ڳوڙها ڳڙي آيا جنهن جي خاموش طبعي وارو حسن مان ڪڏهن به وساري ڪونه سگهندم جو هو منهنجي شهر ۾ منهنجي فيلڊ جو انوکو، حضورشرم ۽ ايماندار صحافي هيو جنهن ڪڏهن به نه رڳو پنهنجي ضمير جو سودوڪونه ڪيو پر قلمي ساک تي به داغ لڳڻ نه ڏنائين. مان بارگاهِ خداوندي ۾ سندس درجات جي بلندي لاءِ دعاگو آهيان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو