هڪ سست رفتار آبي ۽ زميني جانور ڪمي..... آصف رضا موريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    پوري دنيا ۾ 23 مئي کي “ورلڊ ٽرٽل ڊي” طور ملهايو ويندو آهي جنهن جو بنياد “امريڪن ٽورٽوائز رسڪ” اهو سوچي وڌو هيو جيئن انسانن جو ڌيان ڪمين ڏانهن ڇڪرائي هن سادي سودي ۽ بي ضرر جانور متعلق کين ڄاڻ سان گڏ عزت، مدد ۽ سهائتا جا رحجان متعارف ڪرايا وڃن. ان ڏينهن مون به سوچيو هيو ته ڪمي تي لکجي جو هن جانور سان مان پڻ گهڻو پيار ڪندو آهيان. ننڍي هوندي کان پنهنجي ڳوٺ مان ساڻس سنگت ۽ شناسائي آهي ان لاءِ هاڻي به جتي ۽ جڏهن موقعو ملندو آهي ته نه رڳو ساڻس سيلفيون ڪڍرائيندو رهندو آهيان پر کڻي اچي پنهنجي فارم هائوس ۾ پڻ رهائيندو آهيان.
    ڪميءَ هڪ تمام سهڻو، سادو، سٻاجهو ۽ بردبار ريڙهيونپائيندڙ جانور آهي جنهن جي مختلف نسلن، جاتين ۽ قسمن جون سوين آباديون دنيا جي هر حصي ۾ ملن ٿيون. اسان جي ملڪ جي چئني صوبن بشمول سنڌ ۾ پڻ ڪمين جو بيشمار آباديون موجود آهن. ڪمين ۾ نسل وڌائڻ لاءِ ملڻ جا مختلف رويا ٿين ٿا پر اهي جوڙا ۽ سماجي گروهه ڪونه ٺاهڻ جا خفا ڪونه پالن ٿيون بلڪه “جاتي پڪي تاتي کاڌي” جي اصول تحت جسماني معاملا مڃيندي جيئن ٿيون. انهن ۾ نرن جي جاءِ تي مادين جو تعداد گهڻو ٿئي ٿو ان لاءِ گهڻا تڻا نر سموري عمر هڪ کان وڌيڪ شراڪتدارين سان پڻ جيئندا رهندا آهن. مٺي پاڻي ۾ رهندڙ ڪمين کي عام گهريلو پکين ۽ جانورن جيان پاليو ويندو آهي. مون کي ياد آهي ته محترمه بينظيرڀٽو پڻ هڪ انٽرويو دوران مون کي ٻڌايو هيو ته “کيس سايون ڪميون پالڻ جو شوق آهي”. ڪميون ڪجهه سينٽي ميٽرن کان ٻن ميٽرن جي ماپ جون پڻ ٿين ٿيون جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ ڪميون هڪ ڏيڍ فٽن جون ٿين ٿيون.
    ڪمين کي عام طور تي گونگو جانور سمجهيو ويندو آهي پراهي پنهنجي دنيا ۾ ٻين ڪمين سان گهمڻ گهتڻ، ملڻ، جدا ٿيڻ ۽ جسماڻي گڏجاڻي وقت مختلف آوازون ڪڍندي ڳالهائينديون ۽ پنهنجو موقف هڪ ٻئي ڏانهن پهچائينديون رهنديون آهن. ان کان علاوه به هڪ ٻئي جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ هلڪيون صدائيون پڻ ڏينديون آهن جيڪي لڏ پلاڻ ڪرڻ وقت انهن جي گروهن ۾ يڪجهتي پيدا ڪرڻ ۾ معاون ٿينديون آهن. ريڙهيون ڏيندڙ جانورن ۾ ڪمي واحد جيو آهي جيڪو هزارين ڪلوميٽر ڊگهيون هجرتون ڪري پنهنجا ماڳ مڪان بدلائيندو رهندو آهي.
    ڪمي کي ڀلي ڪيترو به معصوم ۽ سادو جانور سمجهيو وڃي پر پنهنجي تحفظ جو علم کيس بخوبي ٿئي ٿو ان لاءِ خطرو محسوس ڪندي خشڪي تي رهڻ واريون ڪميون ڀاڄ کائينديون آهن يا پنهنجي خول ۾ ڄنگهون ۽ منهن لڪائي پاڻ کي پهڻ جيان ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ رهڻ واريون ڪميون به ڀڄي جان بچائينديون آهن.
    ڪميون پنهنجي زندگي جو وڏو حصو پاڻي جي وهڪرن، تلاون ۾ گذارينديون آهن پر سيني ۾ هوا ڀرڻ لاءِ وقفي وقفي سان سطح تي به اڀرنديون آهن. ڪمين جون ڪجهه قسمون اهڙيون به آهن جيڪي عمر جو ڳچ ڀاڱو خشڪي تي ته رهن ٿيون جڏهن ته ڪيتريون سموري عمر خشڪي تي گذارن ٿيون. سندن جسم جي هيٺان مٿان موجود ڳوري خولن سببن ڪمي زمين تي آهستي هلندي آهي. کيس ٿنڀن جهڙيون ڄنگهون ۾ هاٿيءَ جهڙا پير ٿين ٿا. زمين تي رهڻ واريون ڪميون هلڻ ۾ سست رفتار هئڻ ڪري گهڻو تڻو ڀاڄيون ۽ ننڍڙا ننڍڙا ڪينئان ۽ انهن جا لاروا کائينديون رهنديون آهن. جڏهن ته ڪمين جون آبي آباديون گوشت خور ٿين ٿيون جن ۾ ننڍڙا آبي جانور جهڙوڪ ڏيڏر، ننڍيون مڇيون، پکي، ننڍڙا جانور جن کي ڪمي لڪي ڌوڪي سان شڪار ڪندي آهي.
    ريڙهيون پائيندڙ جانورن ۾ جسم مٿان گول پيرامڊ يا ڪنهن گنبذ جهڙو ڏيک ڏيندڙ ڍال رکندڙ هي واحد جانور آهي جنهن جي جسم جو هيٺيون حصو ڪنهن پليٽ جيان لسڙو ٿئي ٿو. چئي سگهجي ٿو ته هن جانور کي مالڪ سائين خصوصي امتياز سان نوازي سندس جسم کي محفوظ رکڻ لاءِ سخت ۽ هڏائين ڍال يا ڍڪ ڏنو آهي جنهن جا حصا سندس پاسيرين منجهان پل ذريعي هڪ ٻئي سان جڙيل هوندا آهن. ڪمي جي ٻنهي خولن جو خالص مقصد جانورن کان پناهه ۽ تحفظ آهي. اهو خول ايترو ته مظبوط هوندو آهي جو مانگر مڇ به پنهنجي مظبوط ڏاڙهن سان کان به ڀڃڻ ۾ ناڪام ٿي وات ۾ کنيل ڪمي کي ٿڪي ڦٽي ڪري ڇڏيندو آهي. هڏين جي ٺهيل هن شيل جا ٻه حصا ٿين ٿا جن مان پهرئين حصي (ڪيراپس) ۾ سٺ کان پنجاهه هڏيون ٿين ٿيون جيڪي پٺي سان جڙيل سموري مٿئين جسم جو تحفظ ڏين ٿيون جڏهن ته ٻئي حصي (پلاسٽرون) ۾ ست کان يارنهن هڏيون هونديون آهن جيڪي هيٺان پيٽ واري حصي جو تحفظ ڪرڻ واسطي پليٽ جيان ڳنڍيل هونديون آهن.
    دنيا جي سڀ کان وڏي زنده ڪمي جو نالو ليدربيڪ آهي جيڪا اٺ فٽن کان 10 فٽ ڊگهي آهي جنهن جو وزن 500 ڪلوگرام ٻڌايو وڃي ٿو. ڪمي جو ٻيو قسم گالاپاگوس ڇهن فٽن تائين ڊگهو ۽ وزن ۾ چار سو ڪلو کن ٿئي ٿو. هن وقت تائين ڊگهي ۾ ڊگهي ڪمي جو درجو رکندڙ آرچيلون آئسچيرس هئي جنهن جي ڊيگهه 15 فٽ ۽ وزن 2200 ڪلو هيو. دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي ڪمي سائوٿ آفريڪا جي پيڊلوپر آهي جنهن جي ڊيگهه 3 ساڍا ٽي انچن کان وڌيڪ نه ٿيندي آهي.
    ڪميون ڪنهن مخصوص جاءِ جهڙوڪ گهريلو سمنڊ جي ساحل تي آنا لاهڻ پسند ڪنديون آهن جتي انهن کي نقصان رسڻ جو انديشو نه هجي ته جيئن انهن مان ٻچا نڪرڻ تائين ڪو ڇيهو نه پهچائي سگهي. مادي ڪميون زميني آکيرو کوٽي ان ۾ هڪ کان ٽيهه آنا لاهينديون آهن جيڪي خاص طور تي رات جي وقت لاهي هليون وينديون آهن جن کي ڦٽڻ ۾ سٺ کان هڪ سو ڏهه ويهه ڏينهن جيترو وقت لڳي ويندو آهي. مادي ڪمين جي پڇ هيٺان انگريزي لفظ “وي” جهڙو نشان هوندو آهي جنهن مان آنو گذرڻ ۾ مدد ملندي آهي. ڪمي جا ٻچا آني سان چنبڙيل هڪ مخصوص مادي سميت پيدا ٿيندا آهن جيڪو پهرئين ٽن ڏينهن تائين سندن نشونما لاءِ پرورش ڪندو آهي جيسيتائين اهي نومولود ٻچڙا پنهنجو پاڻ سنڀالي پنهنجي وجود جي بقا ڪندي زندگي جي شروعات ڪن.
    ڪمين جون تمام قسمون خشڪي تي آنا ڏينديون آهن جن مان ڪجهه پاڻي جي ڇولين واري جاءِ ته به ڏينديون آهن. ڪجهه وري مخصوص زميني آکيرا ٺاهي ان ۾ آنا لاهي ان ۾ کائڻ جو سامان پڻ رکنديون آهن. ڪجهه ڪميون انهن آکيرن ۾ رکيل آنن کي واري بجري سان ڍڪي به ڇڏينديون آهن ۽ هفتي ڏيڍ تائين انهن جي حفاظت پڻ ڪنديون آهن. سامونڊي ڪمين جا ٻچا آنن مان نڪري اهو علائقو ڇڏي هزارين ميلن ۾ ڪيترن سالن تائين گهمندا رهندا آهن ۽ جوان ٿين کان پوءِ انهن مان گهڻو تعداد واپس جنم واري علائقن ۾ واپس اچي رهندو آهي.
    ڪميون ٻين عام جاندارن کان ڊگهي زندگي گذارينديون آهن. سندن زندگي عمومي طورتي انسان جيتري ٿئي ٿي پر ڪجهه تمام گهڻو عرصو پڻ جيئن ٿيون. هن وقت تائين مليل ريڪارڊ مطابق برطانوي شاهي خاندان جي پاليل “ٽائي مليلا” نالي ڪمي جي عمر 17 جولائي 1977ع تائين 226 سال هئي. مليلا جي پيدائش 1777ع ۾ ٿي هئي جنهن کي برطانوي کوجي ڪيپٽن ڪڪ تحفي طور شاهي خاندان جي حوالي ڪيو هيو.
    انڊيا جي علي پور واري چڙياگهر ۾ به “ادويتا” نالي وڏي عمر جي ڪمي رهندڙ هئي جنهن جي مو 23 مارچ 2006ع ۾ ڏاري ٿي تنهن متعلق چيو وڃي ٿو ته اها رابرٽ ڪلائيو جي پالتو هئي جنهن کي 1875ع ڌاري لارڊ ويلزلي علي پور زولوجيڪل گارڊن جي حوالي ڪيو هيو. ادويتا جي اولهه بنگال ۾ موجود ريڪارڊ مطابق عمر 150 سال بيهي ٿي پر ٻيون شاهديون کيس 250 جي ڄمار جي ٻڌائن ٿيون. آسٽريليا جي ڪئينزلينڊ واري چڙياگهر جي رهائشي هيريئيٽ نالي رهندڙ ڪمي متعلق مڃيو وڃي ٿو ته ان کي انگلينڊ چارلس ڊارون آندو هيو جنهن کي بعد ازان جون ڪليمينٽس وکهم آسٽريليا کڻي آيو. هيريئيٽ جي موت 23 جون 2006ع ۾ سندس 176 سالگرهه جي موقعي تي ٿي.
    دنيا ڀر ۾ انسانن جون ڪجهه مخصوص آباديون ڪمين جو گوشت پڻ کائينديون آهن. ڪجهه روايتي دوائن جي ترڪيبن ۾ به ڪمين جي خول جي استعمال سبب هن معصوم جاندار جو مارڻ يا شڪار ڪرڻ هڪ عام ڳالهه آهي. هن پوڙهي ۽ جهرندڙ زمين تي جراسڪ دور کان پنهنجي وجود کي سنڀاليندڙ ڪمين جي موجوده نسلن کي انسانن جي ظالم ۽ ماري روين سبب ماهرن طرفان ريڙهيون پائيندڙ جانورن جي “معدوم ٿيندڙ جاتين” ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جيڪي مانگرمڇن ۽ نانگن کان به پراڻيون آهن. اسان کي گهرجي ته ڌرتي جي هن قديم باشندي تي رحم کائي سندس نسل کي دنيا مان ختم ٿيڻ کان بچائڻ ۾ ڪو اهم ۽ جوڳو ڪردار ادا ڪري پنهنجي مخلوق دوست هئڻ جو ثبوت ڏيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو