الطاف شيخ هڪ ڌرتي سونهون وڻجارو....... آصف رضا موريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    الطاف شيخ موجودهه دور ۾ دنيا جو مشاق ميرين انجنيئر آهي پر سندس سڃاڻپ دنيا جي هڪ وڻجاري مسافر جي آهي جنهن دنيا جو هر ديس پرديس گهمي مختلف ملڪن جي بندرگاهن، سمنڊن، ٻيٽن جو پاڻي، واري ۽ مٽي جهاڳي اتان جي ماڻهن سان رلي ملي، گهٽي گهٽي، گهاٽ گهاٽ، سماجن، تهذيبن، تمدنن جي مٽي ڳوهي اسان ۽ اسان جي ايندڙ پيڙهين لاءِ ڪتابن جا بيشمار اهڙا مجسما جوڙيا جن سنڌ جي ادبي کيتر کي گهڻو مالامال ڪيو آهي. جيڪڏهن ڳالهه سندس بهادري، ترقي ۽ اورچائي جي ڪجي ته سنڌ جي هن سٻاجهي همراهه جا حوصلا دنيا جو ڪوبه دهشتناڪ درياهه هيڻا ڪري ڪونه سگهيو بلڪه ڌرتيءَ جي هر مهاساگر هن جو صبر، هنر ۽ همتون ڏسي جهيڙي جي سٽ نه سهندي کيس پنهنجي سيني مان پيچرا ڏنا.
    ميرين انجنيئر هئڻ سان گڏ الطاف شيخ هڪ لکاري، استاد، سفرنامه نگار، نقشه نويس، فوٽوگرافر، سماج سڌارڪ وغيره به آهي. سندس شخصيت جي جنهن رخ ۽ رنگ کي غور سان ڏسبو ته هو بنيادي طور تي سڀ ڪجهه نظر ايندو. کيس ڪنهن هڪ طرف بيهاري اسان سندس قد ڪاٺ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ئي ڪنداسين نه ته هو گهڻ رخو، گهڻ پاسو،اڻ ميو ۽ هڪ انتهائي وڏو ماڻهو آهي. بيشمار دوست پنهنجي لکڻين ۾ کيس ابن بطوطه، مارڪوپولو. ابو بن اڌم، ميگيسٿينز، فاهيان ۽ سنڌباد سيلاني وغيره ڪوٺيندا رهن ٿا پر الطاف شيخ گهڻي لحاظ کان دنيا جي انهن سڀني آبي ۽ زميني آفتن کان نه رڳو مٿاهون آهي پر هن عملي طور تي به انهن سڀني کان گهڻي دنيا جهاڳي آهي، گهڻا جهاز هلايا آهن ۽ انهن مڙني کان گهڻا ڪتاب پڻ لکيا آهن.
    الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ زندگي ڀر جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ پيش ڪندو آهي سندس قلم مان نڪتل ڳالهيون انتهائي پر اثر هونديون آهن جن جو مقصد ماڻهن تائين نه رڳو معلومات پهچائڻ هوندو آهي پر پڙهندڙن کي هو پنهنجي سادي سليس لهجي ۾ مختلف ڪردارن ۽ واقعن ذريعي لڀائيندو ۽ پڙهائيندو به نظر ايندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس لکيل سفرناما تاريخي ڪتاب به هوندا آهن ته سياسي، جيولوجي، اوشنولوجي، جاگرافيائي، سماجي ۽ تهذيبي معلومات سان لبريز ادبي فن پارا به جن سان پڙهندڙن جي دل ۾ اهي ملڪ، ماڳ ۽ وستيون گهمڻ جو شوق ڪر کڻي اٿڻ سان گڏ انهن جي دلين ۾ الطاف شيخ جهڙو ٿيڻ جو اتساهه پڻ جنم وٺندو آهي. سندس لکيل سفرنامن جي وڏي ۾ وڏي خوبي انهن جو معلوماتي ۽ تفريحي هئڻ آهي.
    الطاف شيخ (سڄو نالو: الطاف احمد شيخ) جو جنم 14 نومبر 1944ع ڌاري ڳوٺ نئين هالا ۾ ٿيو جيڪو حيدرآباد شهر کان سٺ ڪلوميٽر پري ۽ سنڌو ندي کان 3 ڪلوميٽر دور اوڀر ۾ واقع آهي. سندس والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو مسمات شريفان هيو. سندس والد شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان ميٽرڪ جو امتحان ڏئي انٽر سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان پاس ڪيو. تنهن کان پوءِ زرعي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مهاراشٽر جي پونا يونيورسٽي مان ايگريڪلچرل سائنس ۾ بي ايس سي ڪري امريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي اٿيڪا مان پوسٽ گريجويشن ڪئي. ان سان گڏ هن مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي جي ڊگري پرائي ڪجهه عرصو ڪراچي ۾ وڪالت ڪئي ۽ پاڪستان سول سروس جو امتحان ڏئي مختيارڪار مقرر ٿيو. تعليم سان دلچسپي سبب ڪامورڪي نوڪري ۾ دل ڪونه لڳس تنهن ڪري 1955ع ڌاري ٽنڊوڄام ۾ وليج ايڊ ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو جيڪو امريڪا جي سهائتا سان قائم ڪيو ويو هيو پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو ڪاليج بند ڪيو ويو ته گل محمد شيخ پنهنجي پراڻي مختيارڪار واري نوڪري جي سنڀال ڪئي جتي ترقي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي پڳو. الطاف شيخ جو والد انتهائي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هيو جنهن نه رڳو پاڻ سموري عمر علم سان دل لڳائي پر پنهنجي اولاد جي تعليمي تربيت جو گهڻو اونو هئڻ سبب کين بهتر کان بهتر تعليم ڏياري. هو مختلف اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهندو هيو ۽ ڪجهه ڪتاب جهڙوڪ ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوڙيئڙو ۽ گڏهه وغيرهه پڻ لکيائين.
    الطاف شيخ پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا جتي صبح شام پڙهڻ وڃڻو پوندو هيو يعني صبح اٺين کان ٻارهن وڳي تائين. تنهن کانپوءِ ٻه ڪلاڪ موڪل هوندي هئي ۽ وري ٻه وڳي کان پنج وڳي تائين ڪلاس هلندا هيا. پرائمري چار درجا پاس ڪري الطاف شيخ هالا جي اسڪول مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ پهرئين انگريزي درجي ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ هاءِ اسڪول مان انگريزي جا ست درجا پڙهي ميٽرڪ ڪبي هئي. الطاف شيخ اڃان انگريزي جي ٻئي درجي ۾ پڙهي رهيو هيو ته نئين کلندڙ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو (پيٽيارو) ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويا. الطاف شيخ هڪ سال بعد ٽيون درجو پاس ڪري چوٿين درجي لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي شروعاتي عمارت ميرپورخاص جي شاه لطيف ڪاليج جي ڪجهه حصي ۾ واقع هوندي هئي جيڪا بعد ازان پيٽارو ۾ ڪاليج جي موجودهه عمارت ٺهڻ کان پوءِ ايڏانهن تبديل ڪئي وئي.
    پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ الطاف شيخ کي داخلا وقت لياقت هائوس ۾ ڪٽ نمبر 47 ملي هئي جتان هن 1960ع ۾ ميٽرڪ ۽ 1963ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ درسي تعليم سان گڏ فوجي تعليم پڻ ڏيندا هيا جنهن ۾ مختلف رانديون، گهوڙي سواري ۽ ترڻ خاص طور تي شامل هوندو هيو. الطاف شيخ جي دلپسند راند باسڪيٽ بال رهي جنهن جو هو ڪاليج ٽيم جو ڪئپٽن به ٿي رهيو. پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد الطاف شيخ مرچنٽ نيويءَ لاءِ ان وقت چٽگانگ ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ ۾ داخلا ورتي جتان 1968ع ۾ هن گريجويشن ڪئي. جهازن جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد هن 1993ع ۾ سئيڊن جي ”ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو“ مان پوسٽ گريجويشن ڪئي.
    مئرين انجنيئرنگ جو سڌو سنئون واسطو جهازسازي ۽ جهاز تي ڪم ايندڙ مشينن جي ٺاهڻ، سار سنڀال لهڻ ۽ مرمت سان هوندو آهي. مئرين انجنيئرنگ جي پڙهائيءَ دوران الطاف شيخ جي اڪيڊمڪ سبجيڪٽن ۾ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿميٽڪس سان گڏ نيول آرڪيٽيڪچر، شپ ڪنسٽرڪشن، ايئرڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن، انسٽرومينٽيشن، بوالرس، اليڪٽروٽيڪنالاجي، فيول ٽيڪنالاجي، آٽوميشن، هِيٽ، هِيٽ انجنس، سروائيول ايٽ سي، ٽربائين، ڊيزل انجن ۽ فائر فائيٽنگ وغيره خاص هيا.
    چٽگانگ ۾ پڙهائيءَ واري دور ۾ اتان جو موسم ۽ ماحول انتهائي خوبصورت هوندو هيو، چوڌاري چهچ ساوڪ ۽ وڻڪاري جا انيڪ سلسلا، جهڙ ۽ مينهوڳي ڄڻ ته روز جو معمول، درياهه ۽ نهرون چوڌاري نظر ڦير ته اکين اڳيان جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون ترندي طلسمي ماحول پيدا ڪنديون هيون. الطاف جهڙي ماڻهو لاءِ اهي منظر من ڀائڻا هيا تنهن ڪري هو شهرن، ڳوٺن، گهٽين ۽ روڊن تي نڪري ويندو هيو ڪجهه لکڻ جهڙو مواد ۽ موضوع ڳولڻ ۽ واپس وري اهي دلچسپ تجربا پراثر انداز ۾ “دريائن جي ديس مان” جي عنوان سان هر هفتي روزاني سنڌي اخبار “مهراڻ” ۽ “هلال پاڪستان” رسالي ڏي موڪليندو رهندو هيو جتي ڇپجڻ بعد سندس مضمون نهايت دلچسپي سان پڙهيا ويندا هيا. (تن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان اخبار نه پر رسالو هو جنهن جو ايڊيٽر جناب عبدلشڪور منشي صاحب هو.)
    الطاف شيخ کي نوجواني واري ڏينهن ۾ ئي سمنڊ جو نيرڙو پاڻي، لامحدود دنيا ۽ ويڪري سيني تي آبي پکين جيان ترندڙ مختلف ملڪن جا خوبصورت ۽ دلآويز جهاز تمام گهڻا وڻندا هيا. مٿان وري جهازن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن جون سفيد جرڪندڙ ورديون سندس لاءِ تمام گهڻي ڪشش جو باعث هونديون هيون. ان لاءِ کيس جڏهن به سمنڊ ڏسڻ جو موقعو مليو ته هو ان ۾ ڪوتاهي ڪونه ڪندو هيو جتان واپسي تي کليل اکين سان جهازرانن جي اڇي وردي جا خواب ڏسندو رهندو هيو. ڪيڊيٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر ڪرڻ تائين ان شوق سندس من ۾ وڌيڪ پر پکيڙيا جتي معياري پڙهائي سان گڏ والدين جي سرپرستي، استادن، ساٿين ۽ ڪتابن جي سنگت الطاف شيخ کي عمر کان وڌيڪ ميچوئر بڻائي ڇڏيو جنهن سان کيس پنهنجي ايندڙ زندگي جا فيصلا ڪرڻ ۾ آساني ٿي. تنهن ڪري هن فيصلو ڪري پنهنجي خواب جي ساڀيان لاءِ ميرين انجنيرنگ جي شعبي ڏانهن وک وڌائي.
    الطاف شيخ بنگلاديش جي چٽگانگ ميرين اڪيڊمي مان ميرين انجنيرنگ جي تربيت وٺڻ کان پوءِ 1968ع ڌاري پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ جونيئر ميرين انجنيئر (ففٿ انجنيئر) طور ڀرتي ٿيو ۽ پوءِ 1976ع ۾ چيف انجنيئر ٿيڻ تائين ۽ بعد ۾ پڻ پاڪستان جا مختلف جهاز هلائڻ جا فرض نڀائيندو رهيو. پي اين ايس سي وٽ ان دور ۾ صرف ويهه ٻيڙا هوندا هيا. الطاف شيخ کي شروعاتي ڏينهن ۾ 400 روپيا پي اسڪيل واري پگهار ملندي هئي جڏهن ته جهازن تي اسٽاف جو رهڻ کائڻ مفت هوندو هيو. ان دور ۾ اها تمام وڏي پگهار هوندي هئي جو سون جو تولو ان وقت هڪ هزار روپئي کان به گهٽ ۾ ملندو هيو. سَٺ جي ڏهاڪي واري جنهن دور ۾ الطاف شيخ جهازراني اختيار ڪئي ان دور ۾ سامونڊي نوڪريءَ ۾ سنڌي آفيسر هوندا ئي ڪونه هيا بلڪه ايشيائي به گهٽ هوندا هيا ڇڙو يورپي ملڪن جي گوري آفيسرن جي جهازن جي دنيا تي حڪمراني هوندي هئي جيڪي جهاز هلائڻ کان علاوه ٻه ڪم ٻيا ڪندا هيا. هو تاس راند کيڏندا رهندا هيا يا شراب پي غش ٿي ويندا هيا.
    نوڪري ملڻ کان ٽي چار سال پوءِ الطاف شيخ جي شادي 22 مئي 1971ع ڌاري دادوءَ ۾ رهندڙ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي جنهن مان کيس ٻه نياڻيون مريم جيجل ۽ ماروي عطيه ٿيون. شادي کان پوءِ قريبن اٺن سالن تائين جهازي ۽ سامونڊي زندگي ۾ الطاف شيخ سان سندس گهرڀاتي به جهازن تي گڏ رهندا آيا. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته سندس نياڻيون وڏيون ٿي رهيون هيون جن جي تعليم، ذاتي زندگي ۽ مستقبل پنهنجي نوڪري جي ور چڙهندي ڏسي هن پنهنجي محبوب نوڪري کي الوداع چيو. الطاف شيخ پنهنجي نياڻين کي ٻه ٽي سال ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ پڙهايو، ان بعد ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾، جتي هن کي ڪناري جي نوڪري ملي هئي.
    الطاف شيخ جي سامونڊي نوڪري
    ميرين انجنيرنگ جي نوڪري دوران هن دنيا جو هر ملڪ هر بحر و بر گهميو. هو ٻارن جي تعليم خاطر ڪناري جي نوڪري جي ڳولا ڪئي. 1980ع ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏي 1990ع تائين مئريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۾ مئرين انجنيرنگ پڙهائيندو رهيو. تنهن کان پوءِ وري واپس پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ مئنيجر ٿي رهيو، جتان کيس پاڪستان ميرين اڪيڊمي ماڙيپور ڪراچي ۾ ميرين انجنيرنگ کاتي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. الطاف شيخ پاڪستان جو پهريون چيف انجنيئر آهي جنهن مالا ڪنڊ نالي پاڪستان جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز هلايو. واضع رهي ته جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جي نه رڳو يونيفارم چئن پٽين واري هڪ جهڙي ٿيندي آهي پر سندن پگهار جو اسڪيل به ساڳو هوندو آهي.
    الطاف شيخ ملائيشيا ۽ پاڪستان مئرين انجنيرنگ واري شعبي جو ٻن ڏهائين تائين هيڊ رهيو ۽ ان کان اڳ پندرهن سالن تائين سمنڊ جي وشال سينن تي انيڪ قديم و جديد جهاز هلائيندو رهيو آهي. الطاف شيخ 1975ع وارا ڪجهه مهينا ڪويت جي بندرگاهه جو چيف انجنيئر به رهيو پر کيس عربن جي نوڪري ڪونه وڻي ان لاءِ هو چار مهينن کان وڌيڪ اتي ڪم ڪري ڪونه سگهيو ۽ واپس موٽي وري پي اين ايس سي واري پنهنجي پوسٽ سنڀالي. ميرين انجنيرنگ ۾ الطاف شيخ جي خاصيت بحري جهازن جو چيف انجنيئر ۽ ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ ميرين اڪيڊمي ملائيشيا جو هيڊ رهي. هن پروفيسر ٿي پڻ پڙهايو ۽ 36 سال دنيا ڀر جي تمام سمنڊن، دريائن، آبي رستن جو پاڻي ڪڇيندي ۽ درس تدريس جو ڪم ڪندي هن 2004ع ۾ سٺ سالن جي عمر تي رسي PNSC مان جنرل مئنيجر طور رٽائرمينٽ ورتي. ان بعد هو مختلف ملڪن جي مئرين اڪيڊمين ۽ انجنيرنگ يونيورسٽين ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. گهڻي کان گهڻا سفرناما لکڻ ڪري هن کي سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيويسٽي ۽ ممبئي يونيورسٽي جا سنڌي ڊپارٽمينٽ پڻ ليڪچر لاءِ گهرائيندا رهن ٿا.
    نوڪري دوران الطاف شيخ کي جهازن جي محدود دنيا ۽ بي انت سامونڊي سفر تمام گهڻا وڻندا هئا جو واندڪائي هئڻ ڪري لکي پڙهي به جام وٺندو هيو ته انهن ڊگهي سفرن دوران ننڊون به گهڻيون ڪيائين. ميرين انجنيرنگ جي نوڪري وارا شروعاتي سال الطاف شيخ اهڙن جهازن تي رهيو جن جا تمام ڊگها سامونڊي روٽ رهيا ان لاءِ مهينن جا مهينا هل هلان هوندي هئي. ڪيترائي ڀيرا ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي ۽ اڙانگي سفر ۾ سندس جهاز ٽي چار سمنڊ لتاڙي ويندو هيو. ڪراچي کان چٽگانگ، پينانگ، ڪولمبو، پورٽ ڪلانگ، سنگاپور، ٽوڪيو، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، يوڪوهاما، نگويا، اوساڪا، پوسان، سيول ۽ سيئول تائين ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان عدن، دوحا، بندر عباس، دبئي، ڪويت، جدو، لنڊن، هئمبرگ بندرگاهه وغيره جا سفر سندس لاءِ روز جا قصا هوندا هيا.
    الطاف شيخ پنهنجا جهاز سئيڊن جي ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪ هوم تائين هلائيندو رهيو ته ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊنمارڪ ۽ فن لينڊ جي بندرگاهن تي به سندس جهازن جي اچ وڃ جام هوندي هئي. ان سان گڏ ڪراچي کان لنڊن يا ڪيوبا ۽ ٽوڪيو کان لاس اينجلس واري ڊگهي سفر ۾ سندس جهاز هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙن وشال بحرن کي پوئتي ڌڪيندا نڪرندا هيا. سٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ سندس جهاز جڏهن روس رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي ايندو هيو ته انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال وارو روٽ بند هئڻ ڪري جهازن کي سموري آفريڪا کنڊ جو چڪر هڻي ڦرڻو پوندو هيو ۽ رستي تي ڊڪار، لئانڊا، موپوتو، زئنزيبار ۽ ممباسا جهڙن آفريڪي بندرگاهن تي ترسڻ ڪري ٽيهه چاليهه ڏينهن لڳي ويندا هيا پر هاڻي سئيز ڪئنال کلڻ ڪري اهو سفر هفتي کن ۾ نپٽجي ويندو آهي.
    جهازي نوڪري دوران الطاف شيخ کي نه رڳو بيشمار ملڪن جون سوين بندرگاهون گهمڻ جو موقعو مليو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن جهڙوڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس، يا ميڊيٽريئين سمنڊ جي مالٽا، سسلي ۽ سائپرس، پئسفڪ سمنڊ جي فجي، مارشل ۽ هونولولو، يا ڪئريبين سمنڊ جي ڪيوبا ۽ جميڪا ٻيٽن تائين پنهنجا جهاز هلايا ته دنيا جي تمام ننڍن ۽ گمنام جزيرن جهڙوڪ ٽرنيڊڊ، برمودا ۽ ٽوباگو وغيره تان به ڀيرا ڀري آيو.
    الطاف شيخ جهڙي هيڏي وڏي پروفائيل واري ماڻهو جي شخصي ڪردار متعلق هيءَ حقيقت نه مڃڻ جهڙي آهي ته هو اخلاقي اعتبار کان به انتهائي معتبر ۽ معصوم رهيو آهي. منهنجا کوڙ سارا دوست جهازن تي نوڪريون ڪندا آهن انهن مان گهڻا تڻا بيشمار علتن ۾ عليل آهن شراب، سگريٽ، پتي بازي ته انهن لاءِ بنيادي حق جيان هوندي آهي جو سامونڊي جهاز جي نوڪري گهروارن، دوستن يارن، پنهنجي تر، ڳوٺ ۽ بيشمار شهري آسائشن کان پري هئڻ ڪري سماجي ۽ نفسياتي طور تي تمام ڏکي، الجهيل ۽ اذيتناڪ ٿئي ٿي تنهن ڪري جهازي آفيسر، نوڪر ۽ ڪارندا ڪنهن نه ڪنهن علت يا کوڙ ساري علتن ۾ پنهنجي اڪيلائين جو تحفظ تلاش ڪندا رهندا آهن پر حيرت انگيز ڳالهه آهي جو پنهنجي سموري عمر سامونڊي جهازن، جهازي بندرگاهن، ماڻهن ۽ ماڳن کي ارپيندڙ الطاف شيخ شباب، ڪباب، شراب، گٽڪي، پان ٻيڙي کان به پري رهيوآهي. ڀلي گوهر رحمان ۽ متين ظفر جهڙا انجنيئر ٻين کي ڪيترو به سمجهائين ته اهي شيون خراب آهن. اسان کي هر روز ڪيترائي ماڻهو ڪيترين ئي ڳالهين کان روڪيندا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيندا رهندا آهن ته ڇا اسان اهي چڱيون ڳالهيون واپرائيندا آهيون. بنهه نه. مان پنهنجي بيشمار دوستن کي شراب ۽ سگريٽ ڇڏڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سمجهائيندو رهندو آهيان پر مجال آهي جو هو ان کان مڙن ۽ منهنجي ڳالهه مڃن. حقيقت اها آهي ته الطاف شيخ ذاتي طور تي پاڻ انهن شين کي دلئون برو سمجهي پيو ۽ ٻيو ته ڊگهي سامونڊي مسافرين ۾ هن وٽ شراب سگريٽ کان وڌيڪ مڌوان شي ڪتاب، قلم ۽ ڪجهه اڃان بهتر ڪرڻ جو جذبو هوندو هيو تنهن پڻ کيس انهن علتن کان پري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    الطاف شيخ جو ننڍپڻ کان پڙهائي سان لڳاءَ جو سبب
    الطاف شيخ جو خاندان پڙهائي جي معاملي ۾ هميشهه پنهنجي علائقي ۾ اڳڀرو رهندو پئي آيو سندس والد پنهنجي اولاد کي تمام سٺي تعليم ڏياري. توڙي جو سندس شهر ۾ اردو زبان جي تعليم ڪونه هوندي هئي تنهن هوندي به سندس والد ننڍڙي الطاف جي اردو پڙهڻ جو خانگي طور بندو بست ڪيو. سندس والد مختلف ڪتاب خريد ڪري کين پڙهڻ لاءِ ڏيندو رهندو هيو ته جيئن منجهن ڪتابن سان دلچسپي پيدا ٿئي. الطاف شيخ کي پهاڪا پڙهڻ جو ننڍي هوندي کان شوق هوندو هيو. پرائمري چوٿين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب “گل شڪر” پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي پڙهيو هيو جيڪا سندس گهر ۾ هوندي هئي.
    ان دور ۾ هالا ننڍڙو ڳوٺ هوندو هيو جتي نه سئنيما هوندي هئي نه ان دور ۾ ٽي وي يا ڪمپيوٽر هوندو هيو. ننڍپڻ مان اسرندڙ الطاف شيخ کي ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ هڪ پان ٻيڙيءَ جي مانڊڙي جي سامهون گذرندي گراموفون تي جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندڙ وغيره جا گانا ٻڌڻ ۾ ايندا هيا جيڪو مانڊڙي جو شوقين مالڪ هلائيندو رهندو هيو. الطاف شيخ جڏهن ڏهن سالن جو ٿيو ته سندس والد ريڊيو خريد ڪري آيو هيو. الطاف شيخ جو نانو سيٺ محمد حسن سومرو حيدرآباد ۾ سنڌ زميندار هوٽل هلائيندو هيو پر کيس علم و ادب سان به گهڻو لڳائو هوندو هيو تنهن ڪري هن پنهنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن لاءِ گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائيبرري جوڙي هئي جتي هو پاڻ به پڙهندو هيو ته پنهنجي خاندان جي تمام ٻارڙن کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندو رهندو هيو. حليم بروهيءَ جهڙو مزاحيه اديب ۽ عرض محمد شيخ جهڙو شاندار انجنيئر، آرٽسٽ، سندس ناني جي وڏين ڀينرن فاطمه ۽ زينت جا پٽ هيا جن سان ٿيندڙ ڪچهرين پڻ ننڍڙي الطاف شيخ جي دل کي ادبي دنيا سان متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    الطاف شيخ کي پڙهڻ سان ننڍي هوندي کان جيڪا دلچسپي هوندي هئي سا ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو ۾ پهچي بالغ ٿي جتي ڪاليج جو انگريز پرنسيپل ڪرنل ڪومبس ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود ۽ ڪمانڊر اسرارالله وغيره پڻ سڀني شاگردن کي ڪِتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندا رهندا هئا. الطاف شيخ استادن جي ان رهنمائي ۽ محبت مان تمام گهڻو فائدو وٺي پڙهڻ سان گڏ لکڻ به شروع ڪيو. پيٽارو ۾ ئي ميٽرڪ پڙهڻ دوران هو ننڍڙا ننڍڙا مضمون ۽ ڪهاڻيون لکي سنڌي اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار وغيره جي ٻاراڻي صفحن ڏانهن موڪليندو رهندو هيو. ميٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران سندس لکڻ جي لياقت ڏسي استادن کيس پيٽارو ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ڪيوويو.
    پيٽارو ڪاليج مان الطاف شيخ تمام گهڻو پرايو جتي نه رڳو سندس مطالعو وسيع ٿيو پر هڪ ميگزين جي ايڊيٽر هئڻ ناطي لفظن جي ادبي ۽ هنري ڪاريگري سان به متعارف ٿيو. انٽر پاس ڪري جڏهن هو بنگلاديش پڙهڻ ويو ته ”دريائن جي ديس مان“ جي عنوان تحت اتان جي ماڻهن، سماج، تهذيب، موسم ۽ شهرن تي سفرنامي جي انداز ۾ مضمون لکندو رهيو جيڪي بعد ازان حيدرآباد جي سنڌي عبرت ميگزين، اخبار، بادل، سهڻي ۽ روح رهاڻ وغيره ۾ ڇپجڻ لڳا ته پڙهندڙن کان کيس تمام گهڻي موٽ ملي جنهن ڪري هن ڪهاڻي افساني جي دنيا کان پاسيرو ٿيندي صرف سفرنامي کي لکڻ لاءِ اظهار جو ذريعو بڻايو. ويهن سالن جي عمر ۾ سندس پهريون ڪتاب اناميڪا نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو.
    ان دور ۾ ئي الطاف شيخ دوستن احبابن کي به خطن ذريعي پنهنجي سامونڊي سفر جي تجربن، مشاهدن ۽ حادثن متعلق سفرنامي جي طرز تي خط لکندو رهندو هيو جن مان ڪجهه روزاني سنڌي اخبار عبرت ۾ ڇپجڻ لڳا. انهن ڪالمن کي ترتيب ڏئي الطاف شيخ پبلشر جي تعاون سان سهڻي پرنٽنگ پريس مان “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان ڪتاب ڇپرايو جنهن کي 1969ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ مليو. اٺاويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ مليل مقبوليت، شهرت ۽ ماڻهن جي سندس لکڻين ۾ دلچسپي آهستي آهستي الطاف شيخ جو حوصلو به وڌائيندي رهي .
    جهازن تي ڊگهن سفرن دوران به وقت گذارڻ لاءِ سندس بهترين وندر ڪِتاب پڙهڻ ۽ لکڻ هوندي هئي. هن جو جهاز جنهن ساحل تي ترسندو هيو ته اتان ڪجهه ڪِتاب، رسالا يا اخبارون وغيره هٿ ڪري من جي اساٽ جو بندوبست ڪيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي سفر ايترا ته ڊگها ٿي ويندا هيا جو هن وٽ ڪتابن جو ذخيرو ختم ٿي ويندو هيو. هاڻي جڏهن پڙهڻ لاءِ ڪا شي نه هئي ته پوءِ هن سمنڊ، سامونڊي دنيا، ساحلي معاملن، منظرن، ماڻهن، تهذيبن، شهرن، ماڳن وغيره تي لکڻ شروع ڪيو جيڪا عادت وقت سان گڏ پڙهڻ واري شوق تي به غالب پوندي وئي.
    الطاف شيخ سنڌي ۾ لکڻ جي شروعات سنڌي اخبار عبرت کان ڪئي. ان کان علاوه امرتا، هلالِ پاڪستان، سهڻي ميگزين ۾ به ڇپندو رهندو هيو. هن وقت هو دنيا جي مختلف اخبارن، رسالن ۽ ڊائجسٽن ۾ سنڌي کان علاوه اردو، انگريزي ۽ ملئي ٻولي ۾ به مضمون لکندو رهي ٿو. سندس اردو مضمون اردو روزنامي امت اخبار، اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبارِ جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ڇپجندا رهن ٿا. الطاف شيخ ملائيشيا ۽ جاپان جي مختلف انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ باقاعدگي سان لکندو رهندو آهي. الطاف شيخ سنڌي، اردو، انگريزي، ملئي، جاپاني ۽ بنگالي ٻوليون آساني سان ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي سگهي ٿو. الطاف شيخ جو مڃڻ آهي ته “مونکي سنڌي زبان جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب روزاني اردو اخبار امت جي چيف ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو”.
    دنيا جي ادبي وايومنڊل ۾ ترجمه نگاري هڪ تمام انوکي تخليقڪاري ليکي ويندي آهي. ترجمي جي افاديت اها پڻ ٿئي ٿي ته ان لاءِ دنيا جي بهترين ادب مان اهڙي خوبين وارا ڪتاب چونڊيا ويندا آهن جن پنهنجي ماحول سان گڏ سماجي ۽ معاشي قدرن ۽ نظامن تي ڪي مثبت اثر ڇڏيا هجن. الطاف شيخ دنيا جي بيشمار ٻولين جو ڄاڻونگر آهي جنهن سموري زندگي مختلف ملڪن ۾ ايندي ويندي اتان جو ادب پڙهيو، لکيو ۽ واپرايو. ان سلسلي ۾ هن مختلف ملڪن جي بهترين ڪهاڻين، قصن، داستانن ۽ ناولن کي پڻ پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ متعارف ڪرايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جاپاني ٻولي ۽ لوڪ ادب سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ملي ٿي.
    الطاف شيخ کي مليل ايوارڊ
    الطاف شيخ گذريل چار پنج ڏهائين کان دنيا ڀر جي سنڌي، اردو، انگريزيءَ وغيره ۾ ڇپجندڙ بيشمار اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڪارائتي ڪم جي مڃتا طور کيس مختلف طريقن سان سراهيو ويندو آهي ته ايوارڊ به ڏنا ويندا آهن. پاڪستان حڪومت طرفان کيس ادبي خدمتن جي موٽ ۾ تمغه امتياز ڏنو ويو آهي. ثقافت کاتو سنڌ پاران کيس لائيف اچيوميٽ ايوارڊ مليو. حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران به الطاف شيخ کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، رائيٽرس گلڊ، سوجهرو پبليڪيشن پاران به کيس ڪئي دفعا ايوارڊ ڏنا ويا آهن ته سگا وارن به کيس سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ ڏنو آهي. سندس ادبي خدمتن جي موٽ طور متحده ميمن جماعت پڻ ايوارڊ ڏنو آهي. ان کان علاوه به الطاف شيخ بيشمار ايوارڊ ماڻيا آهن جهڙوڪ شاهه عبدالطيف ڀٽائي لٽرري ايوارڊ ۽ ڪينجهر ايوارڊ. کيس پٽاريئن ايسوسيئيشن طرفان لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پڻ مليو آهي کيس بيشمار ٻين ملڪن طرفان به کيس وقتن فوقتن اعزاز ۽ ايوارڊ ملندا رهندا آهن جن مان خاص ملائيشيا حڪومت طرفان اتان جو سولين ايوارڊ PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) جيڪو کيس ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ ڪالم لکڻ جي ادبي خدمتن، ۽ ملائيشيا ۾ درس و تدريس جو ڪم ڪرڻ ڪري 1989ع ۾ ڏنو ويو.
    الطاف شيخ جاپان جي ميرين انجنيرنگ سوسائٽي، جاپان جي سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪچرس، ڪينيڊيئن انسٽيٽيوٽ آف ميرين انجنيئرس، سنگاپور جي سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪٽس اينڊ ميرين انجنيئرس، برطانيه جي انسٽيٽيوٽ آف ميرين انجنيئرس لنڊن، سنگاپور جي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنولوجسٽس، سنگاپور جي چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپورٽ ۽ ملائيشيا جي انسٽيٽيوٽ ڪَ لائوتان ميرينرس وغيره جو ميمبر آهي.
    الطاف شيخ بحري سائنس جي ادارن ۾استاد
    جهازن جي نوڪري ڇڏي الطاف شيخ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ميرين ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو جتي بعد ۾ پنهنجي قابليت سان پرنسيپل مقرر ٿيو. ٻن سالن کانپوءِ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ قائم Akademi Laut ميرين اڪيڊمي هن جون خدمتون حاصل ڪيون جتي اٺن سالن تائين هيڊ آف ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ رهيو. تنهن کان پوءِ واپس ڪراچي آيو جتي هو پاڪستان ميريٽائيم اڪيڊمي ۾ پروفيسر ۽ بعد ازان هيڊ آف ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ مقرر ٿيو جتي 2004ع ۾ پنهنجي ريٽائرمنٽ تائين ڪم ڪندو رهيو.
    دنيا ڀر جي آبي دنيائن سان سلهاڙيل ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪاليج سندس قابليت مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ به الطاف شيخ کي ليڪچر لاءِ گهرائيندا رهندا آهن خاص طور تي سري لنڪا، ملائيشيا، ممبئي، جاپان ۽ چين جي مئرين ادارن جو ته الطاف شيخ پسنديده استاد ڀانئيو ويندو آهي جتي هوگذريل ٻن ڏهائين کان وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر جي سبجيڪٽس تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويندو رهي ٿو. الطاف شيخ ايران جي يونيورسٽين ۾ به وزيٽنگ پروفيسر طور پڙهائيندو رهيو آهي.
    ان کان علاوه دنيا جو هي انتهائي مصروف رهندڙ ماڻهو وقت ڪڍي پاڪستان ۾ به مختلف سرڪاري نيم سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن، ڪاليجن ۽ مختلف ادارن ۾ ملڪ جي معمارن کي پنهنجي تجربن اڌارت ليڪچر ڏيندو رهندو آهي. کيس ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه به ليڪچر ڏيڻ لاءِ اڪثر گھرائيندي رهندي آهي. ڪجهه عرصو اڳ ممبئي يونيورسٽي، سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمئن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ به هفتي کن لاءِ ممبئي گھُرايو هو جتي هن سنڌي، گجراتي، پالي ۽ ڪنهڙ زبانن جي شاگردن کي انگريزيءَ ۾ليڪچر ڏنا هئا.
    جيڪڏهن ملڪن جي ڳالهه ڪجي ته الطاف شيخ کي جاپان، ملائيشيا، ۽ سئيڊن تمام گهڻو وڻندا آهن. ان کان علاوه ٿائيلينڊ، سنگاپور، ڪوريا، هانگ ڪانگ به سندس پسنديدهه علائقا آهن. انهن تمام ملڪن ۾ قائدو قانون، امن امان، انساني حقن جي صورتحال، صحت، وڻج واپار، انڊسٽري، تعليم تمام بهتر ۽ قدرتي نظارا واهه جا آهن. اتان جا ماڻهو به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهڻا مهذب آهن.
    جيئن ته الطاف شيخ پاڻ اديب ۽ سفرناما لکندڙ آهي ان لاءِ کيس سفرنامي طرز جون ڪهاڻيون، ناول ۽ آتم ڪهاڻيون گهڻيون وڻنديون آهن. سنڌي لکارين ۾ کيس امر جليل، قمر شهباز، انيتا شاهه، اعجاز منگي، جنت منگهاڻي، حسن مجتبى، آغا شهاب الدين، امرسنڌو، جاويد قاضي، منير ڀرڳڙي ۽ فياض سومرو وغيره تمام گهڻو پسند آهن. الطاف شيخ کي مزاحيه اديبن جا ڪتاب به تمام گهڻا وڻندا آهن جڏهن ته کيس امر جليل، حليم بروهي، قمر شهباز ۽ ڊاڪٽر مستوئي جون مزاحيه لکڻيون تمام گهڻو مزو ڏينديون آهن.
    اڙدو اديبن ۾ کيس ابنِ انشا، بيگم اختر رياض دين ۽ اختر ممونڪا تمام گهڻو پسند آهن. مزاحيه لکڻين ۾ ڊاڪٽر يونس بٽ ۽ مشتاق يوسفي جو لکتون کيس موهينديون آهن. الطاف شيخ رچرڊ گورڊن، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسٽ ماهم، ولادمير نبوڪوو، ورجينا وولف، آسڪروائلڊ ۽ گراهم جي ڪتابن جو تمام گهڻو شيدائي آهي. اهڙي ريت انگريز مزاحيه ليکڪ جارج ميڪش جو طرز بيان کيس گهڻو پسند آهي. افغان لکاري طاهر شاهه جا انگريزي ۾ لکيل سفرناما کيس وڻندا آهن. امريڪي ليکڪن ڪال ٿيروڪس ۽ جيمس البرٽ مچنز جا سفرناما پڻ الطاف شيخ لاءِ اتساهه جو باعث هوندا آهن. ڀارتي لکاري جهمپا لاهيري، وي ايس نائپال، خوشونت سنگهه، ۽ وڪرم سيٺ جو سفرنامو ”ٽريولس ٿرو سنڪيانگ اينڊ تبت“ به کيس سٺو لڳو.
    الطاف شيخ پنهنجو پاڻ کي جاپاني ادب جو عاشق سڏائيندو آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو هن جاپاني ادب مان ڪيتريون ئي بهترين ڪهاڻيون ۽ ناول سنڌي زبان ۾ ترجما ڪيا آهن. الطاف شيخ جو پسنديدهه جاپاني ليکڪ ماتسوئو باشو ۽ مشيما يوڪيو آهي جڏهن ته هو جاپاني لکاري عورت يوني نوگوچي جا لکيل سفرناما ۽ ڪتاب به شوق سان پڙهندو آهي. جپاني ليکڪ هاروڪي موراڪامي، اياڪو فيجين ۽ مڪيرو ساساڪي جا لکيل سفرناما ۽ ڪيل شاعري پڻ الطاف شيخ کي تمام گهڻي وڻندي آهي. ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين، اسڪول کان ڪاليج تائين ڪتابن جو مطالعو الطاف شيخ جي زندگيءَ جي معمولات جو جز رهيو سو جهازن جي نوڪري جي ٽريننگ دوران به همراهي رهيو ته سمنڊ جي سيني کي زندگي جا بيشمار دور ارپيندي به ساٿاري رهيو. وشال ساگر جي دنيائن کي وداع ڪندي جڏهن ڪناري جي زندگي ۾ داخل ٿيو ته به نه ڪتابن هن جو ساٿ ڇڏيو نه ئي قلم.
    الطاف شيخ سنڌ کي ڪوڙهه جيان ورائيندڙ بيشمار بيمارين جهڙوڪ وڏيرا شاهي، پير پرستي، جاگيرداري ۽ گندي سياست جو سخت مخالف آهي ۽ پنهنجي هر ملاقاتي کي ٿڌا ساهه ڀريندي ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ وغيره جهڙن ملڪن جا حوالا ڏيندو آهي جيڪي ڪنهن وقت ترقي جي ڊڪ ۾ اسان کان گهڻو پوئتي پيل ۽ بيڪار ڀائنيا ويندا هيا پر اڄ اهي ملڪ سائنسي، سماجي ۽ سياسي ڊوڙ ۾ يورپي ملڪن جا ڏند کٽا ڪري رهيا آهن.
    الطاف شيخ هڪ شخص هوندي به هڪ انجمن، هڪ ادارو، هڪ تحريڪ ۽ هڪ ماحول آهي. هيڏي ساري نام مقام جي حاصلات ماڻيندي هاڻي هو هڪ فرد نه پر هيڪاندو ۽ اڏول وجود ماڻيندڙ اتهاس بڻجي پوري دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي سڃاڻپ واري علامت بڻجي چڪو آهي جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسندڙ سنڌين کي ڳولي ڦولي سارون لهندو نظر اچي ٿو. سندس لاءِ اهو مرتبو ڪيترو نه عظيم آهي ته دنيا جي هن ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين رهندڙ ساڃاهوند سنڌي کيس نه رڳو سڃاڻن ٿا پر محبت واري ديوتا طور کيس پيار ڪن، پڏائن، پڙهن ۽ ڳالهين تي عمل ڪن ٿا. مان ڀانئيان ٿو ته دنيا ڀر ۾ جيترا دوست الطاف شيخ جا آهن اوترا ڪنهن ٻئي ماڻهو جا مشڪل سان هوندا. ان سان گڏ هيءَ پڻ حقيقت آهي ته سنڌي اديبن متعلق پڙهندڙن جو جيترو وسيع حلقو الطاف شيخ جي حصي ۾ آيو آهي اوترو ڪنهن ٻئي سنڌي اديب وٽ ورلي سان هوندو. هر چوٿين پنجين مهيني سنڌي ادب کي هڪ شاندار ڪتاب ارپيندڙ الطاف شيخ پنهنجي ڪمن جي آئيني ۾ دنيا جو مصروف ترين اديب لڳندو آهي. اعجازمنگي چواڻي ته “الطاف شيخ پنهنجي قلم سان هر ان شهر کي محفوظ ڪيو آهي جنهن ۾ هن ڪجهه ڏينهن يا ڪجهه پل گذاريا. جنهن شهر کيس پناهه ڏني ۽ پيار ڏنو الطاف شيخ ان جو احسان لاهڻ جي ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي ۽ رڳو هر شهر کي نه پر ان شهر ۾ ملڻ واري هر ماڻهو کي هن پنهنجي يادن جي تحريري البم ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.”
    سنڌي ادب جو جهول سفرنامي جي صنف متعلق الطاف شيخ جي فنپارن کان اڳ فقير جي ڪستي جيان خالي نظر اچي ٿو شايد تنهن ڪري ئي ان کي هن وقت تائين صنف جو درجو ڪونه ڏنو ويو هيو. الطاف شيخ هڪ اهڙو وڻجارو آهي جنهن وٽ گهمڻ جو ڍنگ آهي ته لکڻ ۽ بيان ڪرڻ جو ڏانوءُ به. هو پنهنجي ڪلهي ۾ لڙڪيل ڪيميرا جهڙو ئي سچو ۽ کرو آهي جو کيس جيڪو ڪجهه جيئن آهي يا جيئن نظر اچي ٿو پاڻ ان کي اهڙي ريت لکي ۽ ڏيکاري ٿو. سندس لکڻ ۽ ڪتابن ڇپجڻ جي رفتار تمام گهڻي تيز آهي جنهن ۾ عمر سان گڏ سستي بجاءِ چستي محسوس ڪئي وئي آهي. مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ته ڇا پر دنيا ڀر ۾ اهڙو ڪو وڻجارو، اهڙو ڪو اديب، اهڙو ڪو مئرين انجنير، اهڙو ڪو سياح مشڪل سان هجي جنهن ايترا سفرناما لکيا هجن. بقول مستنصر تاررڙ جي، جنهن جو الطاف شيخ دلپسند ليکڪ آهي ته “الطاف شيخ اسان سڀني کان گهڻا ڪتاب لکيا آهن پر گمنام زندگي گذارڻ ڪري ۽ پنهنجوLow Profile رکڻ ڪري الطاف شيخ کان ايترا ماڻهو واقف نه آهن جيترا هئڻ کپن.” ۽ بقول امر جليل جي “ڪتابن جو نمبر کڻي مرزا قليچ بيگ جو وڏو هجي پر لفظن ۽ صفحن جو حساب ساربو ته الطاف شيخ جو ٽيڻو چئوڻو ٿيندو ۽ هن جيترو ڪنهن به سنڌيءَ ۾ نه لکيو آهي”.
    واندڪائي جي وندر مان لکڻ جي شروعات ڪندي پنهنجي مسلسل جدوجهد سان ڪتابن جي هڪ سينچري مڪمل ڪرڻ ڪناري پڄائڻ واري الطاف شيخ جهدِ مسلسل سان پنهنجي اتساهه جي ٻيڙي اهڙيءَ ڪنڌي لاٿي آهي جتي سندس سامهون پڙهندڙ چاهيندڙن جون بيڪران محبتون، شهرتون، عزتون ۽ بيشمار زندگين ڀري هڪ اهڙي منزل آهي جنهن کي ڏسندي مان هن دور کي سنڌي سفرنامي جي نسبت سان الطاف شيخ جو دور سڏيان ته بيجا ڪونه ٿيندو. سندس سفرناما سنڌي نوجوانن ۾ ايترا ته مقبول رهيا جو بقول امراقبال “الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي پڙهي سنڌ جي نوجوانن دنيا جي گولي کي پنهنجي آڱر تي ڦيرائڻ شروع ڪيو”.
    الطاف شيخ کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ گهرجي
    دنيا ڀر جي يونيورسٽين مان پنهنجي نامور، مدبر، مفسر ۽ شاندار لکارين کي انهن جي وشال ادبي پورهئي جي مڃتا طور کين ڊاڪٽريٽ جون اعزازي ڊگريون ڏنيون وينديون آهن. ان پسمنظر ۾ الطاف شيخ جي ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن ۾ اڃان ڪهڙي کوٽ آهي جو کيس هن وقت تائين ان اعزاز کان محروم رکيو ويو آهي. يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي ادارن ۾ اهڙا نڪما، نابين ۽ بي قدرا ماڻهو سيٽن تي ويٺا آهن جن جي نظر اڃان تائين الطاف شيخ جي شاندار ڪرداري شخصيت، ڪئي ڊزن ڪتابن، لکين ميلن جي مسافرين، دنيا ڀر جي تهذيبن، ملڪن، ماڻهن، ادارن، ماڳن، بحرن، ساحلن وغيره کي پنهنجي قلم سان سنڌين ۾ روشناس ڪرائيندڙ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي متعارف ڪرائيندڙ هن اتهاسي اديب جي کوجي قلم جي روشنائي کين نظر ئي ڪونه ٿي اچي. مان خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت ۽ ڊاڪٽر امير علي ابڙو کي گذارش ٿو ڪيان ته جناب الطاف شيخ کي سندس شاندار ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وڃي جيڪو عمل سندس يونيورسٽي لاءِ به باعث عزت ۽ تقريم ٿيندو.
    الطاف شيخ جا لکيل ڪتاب
    • اناميڪا
    • منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
    • پيار جي گُهٽَ
    • وايون وڻجارن جون
    • سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
    • دنيا آهي ڪاڪ محل
    • سمونڊ جن ساڻيهه
    • بندر بازاريون
    • سمونڊ جي سيوين
    • سي ئي جوڀن ڏينهن
    • بندر ديسان ديس
    • خبرون کيڙائن جون
    • ڪويت ڪنارا
    • ڇا جو ديس ڇا جو وديس
    • جاني ته جهاز ۾
    • جپان جن جي جيءَ ۾
    • ڳالهيون تنهن جپان جون
    • خدا ڏي خط
    • جپان رس
    • سانڀاهو سمونڊ جو
    • موج نه سهي مَڪڙي
    • الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
    • بهترين سفرناما
    • لنڊن تائين لفٽ
    • ٻارن جون آکاڻيون
    • ٽوڪيو جي گيشا گرل
    • مڪليءَ کان ملاڪا تائين
    • سنگاپور ويندي ويندي
    • ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
    • ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
    • دُنگي منجهه درياهه
    • ڏاهي جهرڪي
    • جت جر وهي ٿو جال
    • يادن جي انڊلٺ
    • ڳالهيون آهن ڳچ
    • اي جرني ٽو ٿائلينڊ
    • Proverbs Of Far East
    • اوهريا جي عميق ڏي
    • اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
    • ملير کان مالمو
    • جت برف پئي ٿي جام
    • ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
    • ارائونڊ دي ورلڊ
    • رٺي آهي گهوٽ سان
    • يورپ جا ڏينهن راتيون
    • اي روڊ ٽو مدينا
    • هيلسنڪي جي حسينا
    • سنگاپور ٿو سڏ ڪري
    • آل ابائوٽ سنگاپور
    • ملائيشيا منهنجي من ۾
    • ڀلي ڀار تان ڀيرو
    • هي ٻيٽ هي ڪنارا
    • بوتلن جو سفر
    • سوزيءَ سان پيار
    • جل پريون
    • ملائيشيا 12 سالن بعد
    • تيستائين گڊ باءِ
    • جپان پنجويهه ورهين بعد
    • ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
    • دهليءَ جو درشن
    • نيو هالا کان نيويارڪ
    • بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
    • ايران ڏي اُڏام
    • چنڊ چوانءِ سچ
    • هلي ڏسجي هندستان
    • پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
    • ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
    • ڏيهه پرڏيهه جو سفر
    • بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
    • هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
    • مونکي موهيو ملائيشيا
    • آمريڪا ڙي آمريڪا
    • وسي وڏ ڦڙو
    • نه سي سڙه سُکان
    • بنارس کان برمودا
    • برونائيءَ کان برازيل
    • گهاتو گهر نه آيا
    • جل پريءَ جي اڳڪٿي
    • ڪئمپس جا ڏينهڙا
    • تاريخ جو سفر
    • جيءَ اندر جهاتيون
    • واٽ ويندي..
    • ڳوٺ جروار کان جپان
    • جپان جپان آهي

    الطاف شیخ کی اردو کتابیں
    • ملائیشیا کے دن
    • یورپ کے دن
    • کراچی سے کوپن ہیگن
    • ایران کے دن
    • گيشائون کے ديس مين
    • جہاز چلانے کے دن
    • جپان کے دن
    • کنارے کے دن
    • میں چلا ممباسا
    • چلو چلیں ہندوستان
    • سمندر کے دن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو