عثمان فليش ڀٽوصاحب ۽ بينظيرڀٽو صاحبه جو خاص ملازم.... آصف ر ضا موريو

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    محمد عثمان المعروف عثمان فليش مين هڪ خوبصورت ۽ سٻاجهو انسان هيو. هو پهرين اپريل 1950ع ڌاري لاڙڪاڻو شهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم دوران ئي پڙهائيءَ تان دل کڄي ويس، 1966ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ وٽ ملازم رکيس. اهڙي ريت فليش مين ڏهه سال ڀٽو صاحب سان، 30 سال شهيد بينظير ڀٽو سان ۽ زندگي جا آخري پنج سال آصف علي زرداري سان خدمت ڪندي گذاريا. ڀٽو هائوس تي نوڪري دوران به وچ ۾ مختلف وقتن تي مختلف ڌنڌا ڌاڙي ڪندو رهنندو هيو. نوجواني ۾ ئي فلمن جو شوق لاهور ڇڪي ويس جتي ڪجهه سال اداڪار وحيد مراد وٽ ڊرائيور طور ملازم رهيو ۽ وري واپس ڀٽو صاحب وٽ آيو. ڀٽو صاحب يا بينظير صاحبه جڏهن غيرملڪي دورن تي ٻاهر ويندا هيا ته هي پنهنجو بوريو بسترکڻي ڊرامن ۽ فلمن جي ڪڍ هوندو هيو.
    فليش مين سان منهنجي ملاقات ۽ پوءِ دوستي زندگي جي آخري ٻارنهن سالن کان هئي. هو منهنجي لاءِ سدائين ڪنهن ڪلاسيڪل ڪتاب جيان رهيو جيڪو هر ڀيري پڙهڻ سان نئون مزو ڏيندو هيو ۽ اڻ ڏٺل جزيرن جيان حيرت انگيز هوندو هيو. سندس ڏات ۽ تات سبب ئي هر ٻئي ڏينهن ساڻس ملندو هيم ته جيئن هن گڻي انسان مان ڪجهه پرائي سگهان.
    شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ بينظيرڀٽو صاحبه متعلق عام ۽ خاص معلومات جا جيترا ڀنڊار مون فليش مين وٽان ٻڌا اوترا ۽ اهڙا نه ڪنهن شخص وٽان ٻڌا ۽ نه ئي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيا بلڪه هن کي لاڙڪاڻو ۽ ڀٽو خاندان متعلق انسائيڪلو پيڊيا ڪوٺجي ته غلط ڪونه ٿيندو. هي مانجهي مرد 62 سالن جي عمر ۾ 22 جون 2012ع تي دل جي دوري پوڻ سبب پنهنجي مالڪ کي پيارو ٿي ويو. سندس هي انٽرويو مون کانئس وفات کان هڪ هفتو اڳ ورتو هيو جيڪو ان دور ۾ ڪاوش اخبار جي مڊويڪ ميگزين ۾ پڻ ڇپيو هيو.
    سوال. توهان تي فليش مين يعني جادوگر ماڻهو نالو ڪنهن رکيو؟
    جواب. وڏي صاحب (ڀٽو صاحب) رکيو هيو.
    سوال. ۽ بينظيرصاحبه توهان کي ڪهڙو نالو ڪوٺيندي هئي؟.
    جواب. اها به فليش مين ڪوٺيندي هئي پر ڪڏهن ڪڏهن نه ته رڳو فليش سڏيندي هئي.
    سوال. ڀٽو صاحب سان توهان جي پهرين ملاقات ڪيئن ٿي ئي؟.
    جواب. وڏي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات 1966ع ۾ تڏهن ٿي جڏهن مان پنهنجي استاد ڊکڻ سان المرتصيٰ هائوس ۾ تصويرن جا فريم ٺاهڻ ۽ انهن کي ڀتين تي لڳائڻ ويو هيم.
    سوال. ۽ بينظيرڀٽو صاحبه سان پهريون ڀيرو ڪيئن مليئو؟.
    جواب. اها به المرتضيٰ هائوس تي ٿي هئي. سال ياد ڪونه آهي پر مون کي ياد آهي ته وڏو صاحب کيس مليل تحفا مونکان ڇانٽي ڪرائي رهيو هيو ته محترمه هال ۾ داخل ٿي سلام ڪيو ته صاحب کيس مخاطب ٿيندي منهنجو تعارف ڪرايو ته “هي منهنجو سيٽ ڊيزائينر آهي”.
    سوال. بيبي سان ٻين ملاقات ياد آهي؟
    جواب. هائو. ساڻس منهنجي ٻي ملاقات 1972ع ۾ تڏهن ٿي جڏهن هوءَ 15 ڏينهن لاءِ موڪل وٺي پاڪستان آئي هئي ۽ ست ڏهاڙا لاڙڪاڻو ۾ رهي هئي. ان دوران اسان ملازمن کي گهر ۾ ڪم ڪار ۽ مهمانن سان پيش اچڻ متعلق ادب آداب سمجهائيندي هئي.
    سوال. هوءَ گهر جي ڪهڙي ڳالهه تي گهڻي توجهه ڏيندي هئي؟
    جواب. صفائي سٿرائي تي.
    سوال. محترمه گهر ۾ گهڻو وقت ڪيئن گذاريندي هئي؟
    جواب. وڏي صاحب وانگر بيبي به گهڻو وقت پڙهندي لکندي يا وري پوءِ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي هئي.
    سوال. ٻڌو آهي ته فضول خرچ ڪندي هئي؟
    جواب. اهو ڪوڙ آهي ته بيبي فضول خرچ هئي. البته سخي ۽ ڪشادي دل جي هوندي هئي. مشڪل سان سال ٻن ۾ پنهنجي لاءِ ڪو ڪپڙن جو جوڙو يا سينڊل وٺندي هئي ۽ پراڻي ڪپڙن جي جان به تڏهن ڇڏيندي هئي جڏهن پائڻ چوڙڻ جي لائق نه رهندا هيا.
    سوال. ڀٽو خاندان ۾ توهان کي ڪنهن سان وڌيڪ انسيت هوندي هئي؟
    جواب. سائين حقيقت اها آهي ته جيئن ماءُ کي سڀ ٻار هڪ جهڙا عزيز هوندا آهن. ائين ئي منهنجي لاءِ هن گهر ۾ سڀ هڪ جهڙا هوندا هيا پر وڏي صاحب مون کي گهڻو متاثر ڪيو. شايد ان لاءِ ته هن مون جهڙي لاوارث ٻار کي پنهنجي گهر ۾ جاءِ ڏني، روزگار ڏنو ۽ عزت سان جيئڻ جو رستو ڏيکاريو نه ته مان ته رولو ٻار هوندو هيم. باقي سڀني ان عزت کي برقرارر رکيو جيڪا مون کي ڀٽو صاحب ڏيندو هي.
    سوال. بيبي صاحبه کي ڪهڙي شين جو شوق هوندو هيو؟
    جواب.. هوءَ پراڻيون پوسٽ جون ٽڪليون ۽ سڪا گڏ ڪرڻ جي گهڻي شوقين هوندي هئي.
    سوال. بي بي صاحبه جي حوالي سان ڪو يادگار واقعو ياد هجي ته ٻڌايو؟
    جواب. يار اهڙن يادگار واقعن سان ته زندگي ڀري پئي آهي. هر ڏينهن هر لمحو يادگار هوندو هيو. هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته رات جي ساڍي ڏهين وڳي المرتضيٰ هائوس ۾ پارٽيءَ جي ميٽنگ هلي رهي هئي. جنهن ۾ فاروق لغاري، جهانگير بدر ۽ ٻيا کوڙ سارا ماڻهو بي بي سان وڏي هال ۾ ويٺا هيا. بي بي مون کي حڪم ڪيو “مهمانن لاءِ آئيس ڪريم گهراءِ”. مان ٿرماس کڻي ڪمري مان نڪتم ته سامهون صفدر عباسي کي ايندي ڏسي کيس بي بي جو حڪم ٻڌايم. هو ٿرماس کڻي آئس ڪريم وٺڻ هليو ويو ۽ مان اندر ڪمري ۾. ڪجهه دير پان پوءِ هڪ ملازم اهو ٿرماس آڻي اندر رکيو. مون سمجهيو ته “عباسي صاحب آئس ڪريم وٺي آيو هوندو”. ان لاءِ چمچا ۽ پليٽون سڀني مهمانن ۽ محترمه جي اڳيان رکي ٿرماس کوليم ته اندران خالي هيو. ميٽنگ به ختم ٿي چڪي هئي ۽ سڀ ان انتظار ۾ هيا ته آئس ڪريم کائي روانا ٿيون. سڀ مون ڏي ڏسي رهيا هيا ڪجهه مهمانن ته چمچا به هٿ کڻي ڇڏيا هيا مان ٿرماس جو ڍڪ کولي وري پيو بند ڪيان ۽ سوچيان پيو ته ڇيا ڪيان. بي بي مون ڏي ڏسي اندازو لڳائي وئي هئي ته “ڪا گڙ ٻڙ آهي” پر خاموش رهي. مان کسڪي اچي صفدرعباسي کي ڳوليم جيڪو ڪنٽرول روم ۾ ويٺوهيو جنهن ٻڌايو ته آئس ڪريم جا دڪان بند ٿي ويا هيا. مون ڪنٽرولر نواب علي کي سموري ماجرا ٻڌائي جنهن چيو “ڪندين پنهنجي به نوڪري تيل ته منهنجي به”.
    مان هارايل جواري وانگر وري هال ۾ داخل ٿيم ته بي بي صاحبه پڇيو “فليش ڇا ڳالهه آهي؟”. مان ڏڪندي جواب ڏنم ته بي بي ملائي ڪونه ملي و ته دير سبب دڪان بند ٿي ويا هيا. اهو ٻڌي سڀني کان ٽهڪ نڪري ويا. بي بي به مرڪندي ڇيو “چڳو منهنجي ڪمري مان وڃي ڪيڪ کڻي آ ۽ اسان کي کاراءِ”.
    هڪ ٻئي واري جي ڳالهه آهي ته مان بي بي صاحبه سان جهاز رستي نواب شاهه وڃي رهيو هيس ته محترمه چيو “فليش بيسيرول ته ڏي”. ان وقت جهاز جي ايئرڪنڊيشن سبب مون کي سخت سردي ٿي رهي هئي. دل پئي چوي ته جيڪر هنڌ يا ڪمبل هجي ها. ان وقت بيبي جو بيسيرول گهرڻ کي مان سمجهيم ته بي بي کي به ٿڌ ورايو آهي جو بسترو ٿي گهري. ان لاءِ چيو مانس“ بيبي مان ته بسترو آندو ئي ڪونهي ۽ نه ئي توهان چيو هيو”. ان تي بيبي پنهنجي مٿي تي هٿ هڻي چيو “دوائن جي ٿيلهي ڏي” مان کيس ٿيلهي ڏني جنهن مان هڪ ٽڪي ڪڍي مون کي ڏيکاريندي چيائين، “مان هي گهري هئي هن جو نالو بيسيرول آهي بسترو يا وهاڻو ڪونه گهريو هيو”.
    سوال. بينظير صاحبه گهريلو ڪم ڪار متعلق ڪهڙو رويو رکندي هئي؟
    جواب. سنڌ جي ڪنهن به گهر ۾ جيڪو ڪم ڪار ڪابه عورت ڪري سگهي ٿي سو ڪار وهنوار بيبي صاحبه پڻ ڪندي هئي. هوءَ گهر جي معاملن ۾ تمام گهڻي سگهڙ هوندي هئي. صفائي سٿرائي کان وٺي تزئين آرائش تي ڌيان ڏيندي هئي. رڌڻي ۾ ڇا آهي، ڇا نه آهي، ڇا پچي ٿو ۽ ڪيئن پچندو؟ گهر وارن لاءِ ۽ مهمانن لاءِ ڇا پچندو. سندس هر ڳالهه تي نظر هوندي هئي.
    سوال.. گهر جي ملازمن سان بي بي صاحبه ڪهڙي ريت پيش ايندي هئي؟
    جواب. ادا اسان سڀني ملازمن لاءِ بيبي صاحبه تمام گهڻي سٻاجهي هوندي هئي. ان جو سبب شايد اهو به هو ته هوءَ گهر جي اڌ پراڻن ملامن جي هٿن ۾ پلي وڏي ٿي ۽ باقي اڌ ملازمن سان گڏ رهي. هوءَ سڀني جا ڏک سک ونڊيندي هئي، علاج ڪرائيندي هئي، کين شادي برادي ۽ گهر گهاٽ ٺهرائڻ لاءِ کين پيسا به ڏيندي هئي. اگهڻو تڻو وڌر ڏيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان کان به اوڌر وٺندي هئي جنهن جي واپسي وقت ٻيڻ ڪري ڏيندي هئي. کيس جيڪي تحفا تحائف ملندا هيا سي به ملازمن کي ورهائي ڏيندي هئي. البت ماکي ۽ شڪارپر جي کٽاڻ پاڻ وٽ رکندي هئي.
    سوال . بيبي جو رويو گهر ۾ سخت هوندو هو يا نرم؟
    جواب. هوءَ تمام گهڻي سادي هوندي هئي. گهر ۾ هن جو ڪردار هڪ سٻاجهي ماءُ يا ڀيڻ وانگر هوندو هيو جنهن جي نرمي مان سڀ ملازم انگل ڪري فائدو وٺندا هئاسين. هوءَ عام عورتن کان به سادا ڪپڙا پهريندي هئي. مان ڪڏهن به هن کي پنجن ڇهن جوڙن کان وڌيڪ ڪپڙا ڪونه ڏٺا. البته چادريون جام هونديون هيس. ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ پنهنجا ڪپڙا پاڻ آگهاري اس تي ٽنگيندي هئي. مون کوڙ دفعااهو به ڏٺو ته “ڪنهن ٻئي شهر وڃڻ وقت پنهنجو اڌ استعمال ٿيل صابڻ به کڻي ٿيلهي ۾ رکرائيندي هئي ته جيئي ٻيو صابڻ نه وٺڻو پوي يا وري اهو خراب نه ٿي وڃي”.
    سوال. کيس گهر جو ڪهڙو کاڌو گهڻو وڻندو هيو؟
    جواب. کيس سبزيون گهڻيون وڻنديون هيس. ماکيءَ واري چانهن به فرمائش تي ٺهرائيندي هئي. گهڻا طعام نه ٺهرائيندي هئي، ماني به تمام ٿوري کائيندي هئي.
    سوال. شهادت کان پوءِ سندس ميت توهان ڏٺي؟
    جواب. مان ئي ته بي بيءَ جي ميت وارو تابوت کوليو هيو.
    سوال. سندس چهري تي زخم وغيره جو ڪو نشان هين؟
    جواب. اڳيان ته بيبي ائي لڳي پئي هئي ڄڻ ته سڪون جي ننڊ ۾ ستل هجي البته مٿي جي پٺيان زخم جو نشان هين جنهن مان رسندڙ هلڪي پس ۽ خون لاءِ ڪپهه پڻ رکيل هين.
    سوال. اوهان سان سندس آخري ملاقات ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي هئي؟
    جواب. آخري ملاقات نئون ديرو هائوس ۾ ٿي، جتان کيس پشاور ۽ پوءِ اتان راولپنڊي جلسي ۾ وڃڻو هيو جتي سندن شهادت ٿي.
    سوال. توهان سان سندس ڳالهايل آخري لفظ ڪهڙا هيا؟
    جواب. ”فليش منهنجي گهر جو خيال رکجانءِ”
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو