ٻلي هڪ قديم گوشت خور جانور....... هئي آصف رضا موريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ٻليون جو تعلق گوشت خور جانورن جي نسلن منجهان آهي جيڪي آهن ته جنگلي پرکين گهرن ۾ پاليو ويندو آهي. بلين رات ۾ ڏسڻ جي صلاحيت تمام گهڻي تيز هئن سان گڏ ان جو مظبوط، لچڪدار، ڦڙتيلو جسم تيز نوڪيلا ڏند ۽ چنبا پنهنجي شڪار کي پهچڻ، پڪڙڻ ۽ چيري ڦاڙي کائڻ شاندار طريقي سان جڙيل آهي. گهريلو ٻلين جي واسطن جسماني ڊيگهه لڳ ڀڳ ارڙهن انچ ۽ قد نو ڏهه انچن جي ويجهو ٿئي ٿو جڏهن ته ڏهه ٻارنهن انچ ڊگهو پڇ به ٿيندو اٿن ۽ چار کان پنج ڇهه ڪلو وزن ٿئي ٿو. نر ٻلا البته مادين کان ڪجهه سگهارا ٿين ٿا. ٻلي جون اڳيون ڄنگهون ڪلهن سان سلهاڙيل هئڻ ۽ لچڪدار هڏين سبب ٻليون پنهنجي جسم جي حساب سان ننڍن سوراخن مان به آساني سان نڪري وينديون آهن. پالتو ٻليون پنهنجي گهر محلن جي ويجهڙائين ۾ گهمنديون رهنديون آهن جن جو پنهنجي گهرن، محلن يا علائقي ۾ انسانن ۽ ٻين جانورن سان پيار جو رشتو پڻ رکنديون آهن.
    ٻلي جي ٻڌڻ جي سگهه انسانن جي سماعت کان تمام گهڻي ٿئي ٿي جو ڪافي فاصلي تي ڪوئن يا اهڙين ٻين جيون جون تمام جهيڙيون آوازون پڻ ٻڌي سگهندي آهي. شڪار جي معاملي ۾ ٻلي پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيندي آهي ۽ جهٽ ۾ شڪار ڪونه ڪندي آهي. صبح سج اڀرڻ ۽ شام جي وقت ڌاري تيز ڀانئي ويندي آهي. ٻلين مجهه مختلف آوازون ڪڍي هڪ ٻئي سان مواصلات جو بهترين نظام ٿئي ٿو جنهن کي اسان سندن زبان يا ٻولي چئي سگهون ٿا جنهن جو اطلاق پالتو ٻليون پنهنجي مالڪن سان پڻ ڪنديون آهن جنهن ۾ ميائون ميائون ڪرڻ سان گڏ پيرن جي چوڌاري ڦرڻ، پيرن کي ڇٽڻ، هٿن پيرن يا ڪپڙن سان منهن گسائڻ شامل آهي.
    ٻلين جي کوپڙي ۾ ٻين کيرپياريندڙ جانورن جي ڀيٽ ۾ اکين جو خانو (ساڪيٽ) ويڪرو ٿئي ٿو جنهن ڪري رات جو ڏسڻ جي معاملي ۾ ٻلين جي سگهه انسانن کان ڇهه دفعا وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿي. ٻلين جي ڄاڙي ۾ ڏندن وغيره جو نظام طاقتور ٿئي ٿو ته سنگهڻ ۽ ٻڌڻ جي قوت به شاندار ٿئي ٿي. ٻلين ۾ آرام ڪرڻ سان گهڻي توانائي ملندي آهي ان لاءِ جانورن ۾ گهڻي کان گهڻو ٻليون سمهنديون آهن جيڪي عام طور تي ٻارنهن کان سورنهن ڪلاڪن تائين سمهنديون آهن جڏهن ڪجهه سياڻيون ٻليون ته ويهه ويهه ڪلال به سمهنديون آهن.
    ماهر ٻڌائن ٿا ته ڪجهه عرصي کان ڪجهه سبب ڪري ٻلين جي عمر بلڪه وقت سان گڏ وڌندي رهي ٿي جيڪا 1980 ڌاري ست سال ليکي ويندي هئي جيڪا 1005ع ۾ نو سال ٻڌائي وئي ۽ 2020ع ۾ پندرنهن سورنهن سال ٻڌائي وڃي ٿي. ڪجهه خاص ڪيسن ۾ ٻلين جي عمر ٽيهه سالن جي زندگي گذاري جڏهن ته ڪريمي پف نالي هڪ ٻلي 38 سالن جي عمر ۾ مئي هئي.
    ٻلين جا جوڙا اڪثر ڪري فيبروري ۽ آگسٽ ۾ هم آهنگي ڪندا آهن جڏهن ته اڪثر نر مادين سان گرمين جي موسم ۾ ملڻ کي اهميت ڏيندا آهن. هڪ کان وڌيڪ نر هجن ته انهن وچ ۾ مادي جي ملڪيت تي لڙايون پڻ ٿينديون رهنديون آهن جنهن ۾ سوڀارو مادي جي مالڪي ڪندو آهي پر مادي به ان سان جلدي راضي ڪونه ٿيندي آهي جنهن کي بالآخر رام ٿيڻو پوندو آهي. پاليل ٻليون بهار جي شروعات کان خزان جي خاتمي تائين ٻن کان پنج ٻچڙا ڄڻينديون آهن. ٻلين جي آبادي ۾ حد کان وڌيڪ افزائش سبب پکين جي بيشمار قسمن، ننڍڙن جانور ۽ رڙهڻ واري نسلن جي نسل ڪشي جو خطرناڪ رحجان پوري دنيا ۾ وڌي رهيو آهي.
    تاريخ ٻڌائي ٿي مسيح جي پيدائش کان اڳ ۾ قديم انساني معاشرن (خاص طور تي مصري ۽ يوناني) ۾ ٻلين کي نه رڳو پالڻ جو رواج هوندو هيو پر انهن کي تعظيم ڏيڻ سان گڏ پوڄيو پڻ ويندو هيو. يوناني مورخ هيروڊوٽس پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته “هتي ٻلين کي مارڻ ممنوع آهي ۽ جڏهن ڪا گهريلو ٻلي مري ويندي آهي ته گهر جا سمورا فرد سوگ ملهائيندي پنهنجون ڀروون ڪوڙائي ڇڏيندا آهن”.
    هلندڙ سال ۾ ٿيل هڪ سروي مطابق دنيا ۾ اڍائي سو ملين پالتو ۽ پنج سو ملين جي ويجهو جنگلي ٻلين جي آبادي موجود آهي جيڪا هاڻي مجموعي طور تي دنيا ڀر ۾ 8 سو ملين کان به وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي. امريڪن جو پسنديده پالتو جانور هئڻ ڪري صرف ان ملڪ ۾ 90 ملين ٻليون ماڻهن جي گهرن ۾ ڀاتين جيان رهن ٿيون جڏهن ته برطانيه ۾ هڪ سو مان ڇويهه فيصد بالغ مردن جي گهرن ۾ هڪ پالتو بلي موجود آهي جن جو تعداد قريبن ڏهه ملين کان به مٿي آهي.
    هڪ طرف ته ٻلين سان محبت، انسيت ۽ عقيدت جو اهو عالم آهي جو ٻلين کي پالڻ قابلِ فخر سمجهيو ويندو آهي ۽ انهن جي مالڪن سان انسيت سبب جانورن تي لکڻ واري لکارين جي پنهنجي ڪتابن ۾ اڳ ڪٿيون ٿيل آهن ته “سڀئي پالتو ٻليون جنت ۾ وينديون” جڏهن ته ان جي برعڪس “دنيا جي بيشمار معاشرن ۾ ڪاري ٻلين جي رستو ڪٽڻ کي برو شگن سمجهيو ويندو آهي ته ٻلين کي خون آشام هئڻ سبب شيطان جي روح پڻ سڏيو ويو آهي”.
    ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻلين ۾ اڍائي سو کان وڌيڪ جنياتي بيماريون ڏٺيون ويون آهن جن ۾ بيڪٽريا، فنگس، پروٽوزوئن يا ڪيڙن ماڪوڙن مان حاصل ڪيل وائرس پڻ شامل آهن جيڪي انسان کي به متاثر ڪري سگهن ٿا. انهن بيمارين سبب مرندڙ ٻلين کان علاوه ٻلين جي کل مان خوبصورت ڪوٽ، ٽوپيون، ڪمبل، جوتا، دستانا، رانديڪا، موسيقي جو سامان ۽ چمڙي جون ٻيون صنعتون ۾ استعمال ٿين ٿيون ان لاءِ ٻلين جو شڪار پڻ ڪيو وڃي ٿو جنهن سان هن خوبصورت جيو جي نسل ڪشي ٿيندي رهي ٿي. اسان کي گهرجي ته نه رڳو ٻلين پر دنيا ڀر ۾ ڪهڙي به جانورن ۽ پکي پکڻن جي جسم جي ڪنهن به حصي مان ٺهندڙ مصنوعات جي سختي سان روڪٿام ڪندي مخلوق دوست، رحمدل ۽ سٺي انسانن ۾ شامل ٿيون.
    منهنجي فارم هائوس ۾ معصوم پکين جو بيشمار جاتيون نه رڳو اينديون رهن ٿيون پر انهن مان کوڙ منهنجي گهر ۾ موجود وڻن ۾ باقائدگي سان رهڻ ۽ نسلون وڌائينديون رهن ٿيون جيڪي فطري طوري تي ٻلين جو رزق پڻ آهن ان لاءِ مان نه چاهيندو آهيان ته ٻليون منهنجي گهر ۾ اچن پر ان جي باوجود هر موسم ۾ ٻليون نه رڳو اينديون رهنديون آهن پر منهنجي گهر جي ڪنڊن ڪڙڇ ۾ ٻچا ڏينديون آهن پر هڪ ڀيري ته انهن حد ڪري ڇڏي جو منهنجي لائيبرري جي هڪ خاني ۾ هڪ ڪاري ٻلي ٽي ٻڄڙا ڪيا جن جي جوان ٿي نڪرڻ تائين مان سندن خدمت ڪندو رهندو هيم.
    ٻه اڍائي ڀيرا منهنجي ٻارڙن جي سومنگ پول جي پٺئين ڏرڙ ۾ به ٻچا ڪيائون، هڪ ڀيري پارڪ جي موٽرن لاءِ ٺهيل ڪاٺ جي هٽ، هڪ ڀيري منهنجي ڪاٺڪي اوطاق جي مٿئي حصي ۾ به. بحرحال پنهنجي جبلي فطرت ۽ کاڌ خوراڪ سان سلهاڙيل ضرورتن کان هٽي ڪري هي هڪ معصوم جانور آهي جنهن کي پاکڻ ۾ ڪوبه هرج ڪونه آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو