• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“غزل“ تنهنجَي ڳَلَ جَي چُگھَ ٻُڌايو : مونکي رَستو نيٺ خُدا جو!....ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
تنهنجَي ڳَلَ جَي چُگھَ ٻُڌايو : مونکي رَستو نيٺ خُدا جو!
مُلان جو هر وَاعظُ ھَو ڄڻ مون لئه هِڪڙو ڦَڳُ فَنا جو!
ڪينَ ڏٺو هَو رَبُ ڪڏھن مون توکان اڳ ۽ توکان پَوڪو؛
مسجد مندر گرجا گهرَ ۾ - مون نه ڏٺو ڪو بُتُ بَقا جو!
لحظو لحظو وَقتُ قضا آ - تَختُ قضا آ - بَختُ قضا آ
لافاني هڪ تون ئي آهين! تو ۾ سارو راز قضا جو!
چشما ۽ سرچشما سارا - مِرگھ تِرشنا رستا سارا؛
گُلَ ڦُلَ ٿي ويا بي معني سڀ- تنهنجو غَبۡ غَبۡ ھاءِ بلا جو!
دوزخَ جنت هتڙي ئي آ - باقي سارا جهانسا آهن:
تو بِن هان مان بُتُ سزا جو - توسان هان مان بُتُ جزا جو!
رِم جِهم رِم جِهم پيرَ اوهانجا - ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم نيڻَ اوهانجا:
تون ئي تون آن رقص هواجو-مان ئي مان هان سازصداجو!
توکان ٻاهر ڪجھ به ته ناهي سڀ ڪجھ تنهنجي اندر آهي؛
تو ۾ ئي تهذيبَ وسي ٿي - تو ۾ رقصم روح ڪلا جو!
پروفيسرساجدسومرو
 
Back
Top