• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

”غزل” تو بن باکَ اڌوري هوندي... ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
تو بن باکَ اڌوري هوندي - تو بن رات اويلي هوندي!
پِرھَ ڦُٽيءَجو وَيلو تون ئي - توسان سانجَھ سويلي هوندي!
وَڻجاري جي بات اڀاڳي - ذات اڀاڳي ڏات اڀاڳي؛
کاري ساري رات هجرجي -هيکل مون ڪيئن جَهيلي هوندي!
هِي وَنجھَ وِڌا ٿم ڀاڪر ۾ - هُو سمنڊَ رکيا ٿم آڳر ۾؛
اڄ رات رهي پئومون وٽ تون! ٻي ڪارات نه ٻيلي هوندي!
سامونڊيڪو سنڱ اوهان جو - کارو کارو انگُ اوهان جو؛
منهنجو روح مجاور هوندو - منهنجي ذات ڳهيلي هوندي!
تو سان سارا ماڻا ٽاڻا - تو بن منهنجا انگَ اُجهاڻا…؛
مون لئه منهنجا لِڱَ نه منهنجا - تنهنجي ياد سهيلي هوندي!
سمنڊَ حوالي وڻجارا تون! سانجهيءَ ٽاڻي ورڻو ناهين:
پو ڀي تو لئه آونگ چاڙَهَي - تو لئه ماني ويلي هوندي!
سرد هوا جي آمد آهي - هاڻ وري پئو وڻجارا تون!
رات بدن جي کيتي ساري - ياد اوهان جي ڀيلي هوندي!
 
Back
Top