غزل تو بن باکَ اڌوري هوندي - تو بن رات اويلي هوندي! پِرھَ ڦُٽيءَجو وَيلو تون ئي - توسان سانجَھ سويلي هوندي! وَڻجاري جي بات اڀاڳي - ذات اڀاڳي ڏات اڀاڳي؛ کاري ساري رات هجرجي -هيکل مون ڪيئن جَهيلي هوندي! هِي وَنجھَ وِڌا ٿم ڀاڪر ۾ - هُو سمنڊَ رکيا ٿم آڳر ۾؛ اڄ رات رهي پئومون وٽ تون! ٻي ڪارات نه ٻيلي هوندي! سامونڊيڪو سنڱ اوهان جو - کارو کارو انگُ اوهان جو؛ منهنجو روح مجاور هوندو - منهنجي ذات ڳهيلي هوندي! تو سان سارا ماڻا ٽاڻا - تو بن منهنجا انگَ اُجهاڻا…؛ مون لئه منهنجا لِڱَ نه منهنجا - تنهنجي ياد سهيلي هوندي! سمنڊَ حوالي وڻجارا تون! سانجهيءَ ٽاڻي ورڻو ناهين: پو ڀي تو لئه آونگ چاڙَهَي - تو لئه ماني ويلي هوندي! سرد هوا جي آمد آهي - هاڻ وري پئو وڻجارا تون! رات بدن جي کيتي ساري - ياد اوهان جي ڀيلي هوندي!