صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
مان اُڃَ مَران ٿو پيو ، ڪاڇَي مان ڪڍو مونکي!
ڪا حُورَ نه گهرجي ٿي ، جَهانسَي مان ڪڍو مونکي!
مَيهارَ جي سُهڻي مان؛ مَجهدارَ ۾ وِيندَسِ مان؛
ڪا ڪينَ ڪنڌي گُهرجي ، پاسَي مان ڪڍو مونکي!
ڪٿ منهنجو ذَهنُ آهي؟ ڪٿ منهنجو صَحنُ آهي؟
مان پاڻَ ڪٿي آهيان؟ پاڇَي مان ڪڍو مونکي!
ڪا چُرپُر ڏيو مونکي ؛ ڪا هُرکُر ڏيو مونکي؛
هي رُوحُ اداس آهي ؛ لاشَي مان ڪڍو مونکي!
منهنجو ڳوٺ هوائن ۾ وڻ وڻ گهر منهنجو؛
مان خوشبو خوشبو هان پاٺَي مان ڪڍو مونکي!
منصورَ جي سُولي مان؛ مخدومَ جو' گهاڻو مان؛
ڏئي موتَ جي واڌائي گهاٽَي مان ڪڍو مونکي!
ڪا تورَ نه ٿيندي آ - هي عشقُ اُتم آهي!
مان مَوٽَ مَڻن جي ڪا ؛ ماسَي مان ڪڍو مونکي!
مان نِينڍَ ازلَ جِي ھان مان سِينڍَ ابدَ جِي هان؛
مان چُلھ ڊسمبرَ جي ڪانبَي مان ڪڍو مونکي!
پروفيسرساجدسومرو