• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“غزل“ برف باري جسمَ جِي وَڻي آ اڄ!.....ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
برف باري جسمَ جِي وَڻي آ اڄ!
روحَ کي ڪا تپش گَهڻي آ اڄ!
چنڊَ جِي تشبيھَ وئي پراڻي ٿي؛
استعارو ڪو نئون کڻي آ اڄ!
ھُن شفقَ جو ڄڻ لباسُ پاتو آ:
ٿي سنڌوءَ جي رات پدمڻي آ اڄ!
مست ۽ سرمست آ جَهانۡ سارو؛
ڪو بندو آ ۽ نه ڪو ڌڻي آ اڄ!
وَيدَ جَي هر ورق جي مِٽي مان ئي!
مون ڇَنڊي ٻيهر مٽي ڇڻي آ اڄ
لهر سان هر ڪوڏَ پَئي چيو مونکي؛
سمنڊَ ڪا ٻيهر بقا ڄڻي آ اڄ!
بد دعا ڀي ٿي دعا وئي آ اڄ؛
ھُو دوا ھر دردَ جي بڻي آ اڄ!
جسمَ منهنجَي جِي مِٽي ڪَڍي خوشبو
مِينهَن جي پهرين پئي ڪڻي آ اڄ!
پروفيسرساجدسومرو
 
Back
Top