غزل برف باري جسمَ جِي وَڻي آ اڄ! روحَ کي ڪا تپش گَهڻي آ اڄ! چنڊَ جِي تشبيھَ وئي پراڻي ٿي؛ استعارو ڪو نئون کڻي آ اڄ! ھُن شفقَ جو ڄڻ لباسُ پاتو آ: ٿي سنڌوءَ جي رات پدمڻي آ اڄ! مست ۽ سرمست آ جَهانۡ سارو؛ ڪو بندو آ ۽ نه ڪو ڌڻي آ اڄ! وَيدَ جَي هر ورق جي مِٽي مان ئي! مون ڇَنڊي ٻيهر مٽي ڇڻي آ اڄ لهر سان هر ڪوڏَ پَئي چيو مونکي؛ سمنڊَ ڪا ٻيهر بقا ڄڻي آ اڄ! بد دعا ڀي ٿي دعا وئي آ اڄ؛ ھُو دوا ھر دردَ جي بڻي آ اڄ! جسمَ منهنجَي جِي مِٽي ڪَڍي خوشبو مِينهَن جي پهرين پئي ڪڻي آ اڄ! پروفيسرساجدسومرو