واجد علي شاهه ڪاميابي جو وڏو مثال.......آصف رضا موريو

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    واجد علي شاهه هڪ محنت ڪش انسان جي داستانِ همٿ
    آصف رضا موريو
    اڄ 21 جون تي هڪ وڳي ڌاري پنهنجي ديرينه دوست سائين واجد شاهه سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته حڪم ڪيائين ته سندس نئين ٺهرايل “علي هاسپيٽل ميڊيڪل سينٽر” تي چانهن پي وڃو ان لاءِ شام جو ستين وڳي ڌاري وڪيل ڪالوني لاڙڪاڻو ۾ واقع ان شاندار عمارت ۾ ڪچهري ڪئي جيڪا سنگت ۾ هڪ روايتي ڳالهه هئي پران ملاقات ۾ مون لاءِ غيرروايتي ڳالهه اها هئي سا سندس ميڊيڪل سينٽر اهڙي جديد ترين سهولتن سان سلهاڙيل آهي جيڪي پاڪستان ۾ صرف آغا خان، شوڪت خانم ۽ سائوٿ سٽي جهڙي ادارن ۾ موجود آهن پر انهن مهانگي ترين خانگي ادارن جي ڀيٽ ۾ هن سينٽر ۾ موجود سهولتون عام ماڻهن لاءِ سستيون ترين رکيون ويون آهن.
    سندس خوبصورت ايئرڪنڊيشنڊ آفيس ۾ ويٺي مون کي اهو ننڍڙو گول مٽول ننڍڙو واجد شاهه ياد اچي ويو جيڪو پنهنجي گهر جي سامهون ڀڳل ڇڳل ڪرسي تي ويهي ڇولا کپائيندو هيو. کيس هن مقام تائين پهچندي ڪيتري ته جدوجهد ڪرڻي پئي هوندي ٿا ڪيڏي ڪروڌي ۽ ڪٺن سماجي، نفسياتي، ذاتي، سرڪاري، خانگي ۽ پروفيشنل مرحلن مان گذرڻو پيو هوندو اهو يا ته واجد شاهه پاڻ سمجهندو هوندو يا اهي جن سندس پيرن کي سدائين رڪابين ڏٺو هوندو. انسان ۾ ڪيتري به هنرمندي هجي پر اهڙي مقام ۽ ڪاميابين تائين پهچڻ ۾ جتي هزارين دعائن، نيڪ تمنائن، امدادي هٿن ۽ سهڪاري روين جون مهربانيون هونديون آهن اتي هزارين هوسن، دغابازين، بي ايمانين، اڻ سهپن، دل آزارين ۽ شڪستگين جي ڪهاڻين سان پڻ منهن ڏيڻو پوندو آهي جو ڪتي دوست دشمن جي روپ ۾ سامهون ايندا آهن ته ڪٿي دشمن پنهنجا بڻجي نروار ٿيندا آهن. انهن سڀني سماجي روين کي مستقل مزاجي سان يڪسان کڻي هلندي، ڀوڳيندي ۽ نڀائيندي منزلون ماڻڻ ئي مانجهي مردن جو ڪم ٿئي ٿو.
    منهنجا هيروز اهڙا ئي ماڻهو هوندا آهن جيڪي پنهنجي منزلن ڏانهن ويندڙ اڻانگي پيچرن تان ڪنڊا، پٿون، پٿر ميڙيندي ۽ رڪاوٽون دورڪندي نه رڳو هٿ پير پر پنهنجو وجود جو سمورو سامان ڦٽي اڳتي وڌندا رهندا آهن ۽ آخرڪار پنهنجي منزل ماڻيندي نه رڳو پاڻ سرخرو ٿيندا آهن پر پاڻ سان منسلڪ ۽ منسوب عام ماڻهن، دوستن، گهر وارن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ به آسانيون پيدا ڪرڻ جا سامان ۽ سانباها ڪري ويندا آهن.
    گوري چٽي رنگ، ڀريل جسم، گهنڊڙي وارن، خوبصورت اکين ۽ انيڪ گڻن وارو قسمت جو ڌڻي سائين واجد شاهه منهنجي دوستن ۾ اهڙو نرالو ڪردار آهي جنهن جي زندگي محنت براءِ محنت جو شاندار مثال آهي. هن ڪين کان ڪجهه ٿيڻ جو انتهائي ڪٺن سفر اڪاري پنهنجي خوابن ۽ ڪلپنائن کي ساڀيان ڪندي اهڙي ڪٺن دور ۾ به منزلون ماڻيندو رهيو آهي جڏهن مون جهڙا کوڙ اٻوجهه وقت جي ڪروڌي ويرن کي تڪيندي ياس جي ٽياس تي سوچون رکي اڻ تڻ ۾ هوندا آهيون تڏهن واجد جهڙا مانجهي حالتن جي تيزوتند موجن جا مزاج پنهنجي هيڪانڌي حوصلن سان هڪليندا پار اڪري ويندا آهن.
    واجد شاهه جا وڏڙا لاڙڪاڻو شهر سان ڏکڻ اوڀر ۾ ڪلها سلهاڙيل وڏا مهر جي اڳيان قائم مشهور ڳوٺ دودو سنهڙي ڀرسان واقع پير راڄن شاهه نالي وستيءَ جا رهواسي هيا جتي سندن جدِ امجد سائين نبي شاهه جي درگاهه اڄ به موجود آهي جيڪو سندن پڙ ڏاڏو هيو. هن پيراڻي خاندان ۾ اصل ڪمائي ان بزرگ جي هئي جنهن جي ڪري سندن پيري مريدي جو سلسلو شروع ٿيندي هلندو اچي ٿو جنهن جي پوٽي جي اولاد مان سائين واجد شاهه جن آهن. سندن ڳوٺ ۾ عورتن لاءِ الڳ قبرستان موجود آهي ته مردن لاءِ الڳ.
    سائين واجد شاهه جي ڏاڏي جو نالو پڻ سيد نبي شاهه هيو جيڪو ڳوٺان لڏي لاڙڪاڻو شهر جي علي گوهر آباد محلي ۾ اچي ويٺو جتي سندن گهر ۾ هڪ کجي به هوندي هئي جيڪا پيرزادي ذات جي پنهنجي ڳوٺائي کي کپائي اتان شهر جي ٻئي علائقي غوث پور محلي ۾ اچي آباد ٿيا. سائين نبي شاهه کي سيد جمال شاهه، سيد مهتاب شاهه، سيد راڄن شاهه ۽ سيد شهمير شاهه جي نالي چار پٽن جي اولاد هئي. واجد شاهه جو والد سائين جمال شاهه صحت کاتي ۾ مليريا سپرينٽينڊنٽ هوندو هيو جنهن کي پنج نياڻين ۽ سائين عابد شاهه، سائين شاهد شاهه ۽ سائين واجد شاهه جي نالي ٽن پٽن جي اولاد هئي جن مان سندس آخري پٽ واجد شاهه جو جنم 5 مئي 1979ع ڌاري غوثپور محلي ۾ ٿيو. سندس شادي 2008ع ۾ ٿي جڏهن ته کيس ٻه نياڻيون ۽ ماجد علي شاهه، اون شاهه ۽ محسن شآهه نالي ٽن پٽن جي اولاد آهي.
    واجد شاهه پنج جماعتون پنهنجي گهر جي سامهون واقع گورنمنٽ غوثپور پرائمري اسڪول مان پاس ڪيون. 1997ع ۾ گورنمنٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان فرسٽ ڪلاس ۾ ميٽرڪ پاس ڪري انٽرميڊئيٽ ۽ بي ايس سي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائون. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ پاڻ هڪ سال وارو “ڊسپينسر” جو ڪورس پڻ ڪيو هيائين.
    واجد شاهه سان منهنجي سنگت يا سڃاڻپ ننڍڙي هوندي کان آهي جو مان به پڙهائي سانگي ڳوٺان آيل سندس محلي سان اولهندو ڪلهو مليل حمل محلي ۾ پنهنجي ڀيڻيوئي جي ادا غلام رسول کجڙ جي گهر رهندو هيم. مون کيس شروع کان وٺي محنت ڪش، همٿ ڀريو ۽ ڪيلڪيوليٽيڊ رسڪ کڻڻ وارو جوان ڏٺو جنهن زندگي جي جائز حاصلات ۽ مڃتا جي رڃ ۾ ڀٽڪڻ جي باوجود نه رڳو ايترو ته ڪڏهن حوصلا ڪونه هاريا پر ننڍا ننڍا پورهيا ڪرڻ ۾ به ڪڏهن عار ڪونه سمجهو. واجد شاهه ٻارنهن تيرنهن سالن جي ننڍي عمر ۾ پنهنجي گهر اڳيان ڇولا کپائي گهر جون ذميداريون نڀائڻ سان گڏ پنهنجو خرچ پاڻي ڪڍڻ جي شروعات ڪئي. تنهن کان پوءِ پنهنجي اوطاق ۾ محلي جي ٻارڙن کي ٽيوشن پڻ پڙهايائيندو هيو. 1998ع ڌاري سندس والد شهر جي هڪ ناماچاري سرجن ڊاڪٽر سلطان شيخ وٽ الماس ميڊيڪل سينٽر تي ڊسپينسر رکرايو جتي هو 2003ع تائين ڪم ڪندو رهيو. سينٽر تي ڊاڪٽرن وٽ وزٽ تي ايندڙ دوائن جي ڪمپنين جا خوبصورت نمائندا (ميڊيڪل ريپريزينٽيٽِوِ) جن صاف سٿرا ڪپڙا پاتل هوندا هيا جيڪي پنهنجي پيسي جي حوالي سان روايتي مهذب نظر ايندڙ ۽ سهڻو سٺو ڳالهائيندڙ هئڻ ڪري کيس گهڻو وڻندا هيا تن کي ڏسي 2003ع ڌاري کيس به فارما ۾ ڪم ڪرڻ جي شوق ٿيو.
    واجد شاهه من موجي ماڻهو آهي جنهن کي جيڪا ڳالهه من ۾ سمائيندي آهي يا جيڪو فيصلو ڪندو آهي ان پٺيان نه رڳو دل ۽ روح جي سموري ساز و سميت لڳي پوندو آهي پر اتي ڪامياب ڪرڻ جا سمورا سانڀاها ڪرڻ ۾ ڪونه گهٽائيندو آهي. ايتري تائين جو جيڪڏهن زندگي ۾ هن کان ڪوغلط فيصلو ٿي به ويندو آهي ته ان کي پنهنجي تدبر، ڏاهپ ۽ معاملا فهمي سان درست ثابت ڪرڻ جي ڪلا به خوب ڄاڻندو آهي.
    دوائن جي دنيا واري شوق جي تڪميل ڪندي واجد شاهه جون 2004ع ۾ هن اسلام آباد بيسڊ نيشنل ڪمپني Amson Vaccines & pharma ۾ نوڪري ڪندي شروعاتي ڪجهه مهينن دوران هن ايتري ته محنت ڪئي جو ڪمپني کيس ڇهه مهينن جي “پروبيشنل پيرڊ” پوري ٿيڻ کان اڳ ئي ٽن مهينن ۾ کيس پڪو ڪري پگهار ۽ سهولتون وڌائي سکر موڪليو جتي هن کان اڳ ڏهه يارنهن سال پراڻا ڇوڪرا ڪم ڪري رهيا هيا. سکر ۾ پڻ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪمپني جي ٻين ملازمن کي سندس ترقي ڪونه وڻي ته “هڪ نئون ڇوڪرو کانئن اڳتي وڌي وڃي” جو اهي کيس سفارشي سمجهندا هيا تنهن ڪري انهن نه رڳو کيس ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو پر ڪيترا ڀيرا هن مولائي کي مارڪٽ به ڪڍي.
    ڪنهن به صورتحال ۾ واجد شاهه محنت نه ڇڏي. سندس شخصي وجاهت، اخلاق ۽ پروفيشنلزم ڏسي ڊاڪٽرطبقو ساڻس جلد ٺهي دوائون لکڻ شروع ڪندا هيا. هاڻي سندس ساٿي به شرمسار ٿيندي احترام ڪرڻ لڳا ته “نه ٻيلي هي همراهه سفارشي نه پر محنتي آهي” واجد شاهه جي محنت سبب سندن “انسينٽو” پڻ وڌي ۽ ويجهي رهيا هيا ان لاءِ سڀئي پڻ جيءَ ۾ جيءُ ملائي ڪم ڪرڻ لڳا. توڙي جو ان دور ۾ کيس پگهارون ۽ مراعات تمام سٺيون ملنديون هيون پر سندس کيسي ۾ پيسا ڪونه بچندا هيا جو هو پنهنجي پگهار به ڪمپني سيل وڌائڻ جي معاملن ۽ ڊاڪٽرن مٿان لڳائي ڇڏيندو هيو. ايتري تائين جو مسلمان داڪٽرن کي پنهنجي والد سائين جمال شاهه کان هٿ سان قرآن شريف جو آيتون لکرائي کين تحفي طور ڏيندو هيو ۽ هندو ڊاڪٽر کي ڀڳوان جون تصويرون مڙهائي پيش ڪندو هيو.سندس اڻٿڪ محنتن سبب جڏهن ڪمپني کي فيلڊ ۾ شهرت ۽ ساک سان گڏ گهڻو مالي فائدو ملندو رهيو ته مالڪن 2006ع ۾ پروموٽ ڪري کيس زونل سيلز مينيجر ڪري رکيو جتي ڪراچي کان سواءِ سموري سنڌ سندس لاءِ گوءِ جو ميدان هئي.
    2008ع ۾ واجد شاهه کي Unitec نالي هڪ ٻي ڪمپني بهترين فائدن ۽ جهجهي پگهار جي آفر ڏئي ڪراچي ۾ سنڌ بلوچستان جو زونل هيڊ ڪري رکيو جتي پڻ حسبِ روايت هن پنهنجي محنت ۽ تعلقات ذريعي ڪپمني جي پراڊڪٽس جي سيل کي جڏهن گهڻو وڌايو ته سال ڏيڍ کان پوءِ مالڪن کيس ٻن سالن لاءِ پهريون ته سنڌ بلوچستان لاءِ مارڪيٽنگ مينيجر سيلز ڪيو ۽ بعد ۾ کيس پنجاب جي رينج پڻ وڌائي ڏنائون جتي واجد شاهه ٽيمون جوڙيندي ڪم وڌائيندو رهيو. سندس محنت مان ڪمائيندڙ ڪمپني مالڪ سندس پگهار، فليٽ، گاڏي ۽ رعايتون جو رعايتون پڻ وڌايندا رهيا. واجد شاهه جا ان فيلڊ ۾ ڊاڪٽر سان تمام گهڻا ۽ گهاٽا تعلقات جڙي چڪا هيا ۽ پنهنجي ڪم جي حوالي سان هو ايترو ته ڪميٽيڊ هوندو هيو جو جيڪڏهن ڪمپني ٽوئر تي جيڪڏهن پنهنجي شهر لاڙڪاڻو وڃڻ ٿيندو هيس ته گهر وڃڻ بجاءِ اهو وقت به فيلڊ کي ڏيندو هيو.
    ڏينهن رات ان فيلڊ کي ڏيندي 2010ع ۾ کيس پنهنجي ڪمپني کولڻ جو خيال آيو ته سنگت ساٿ سان صلاح ڪيائين. ڪنهن پٺي ٺپي ته ڪنهن خوف ڏياريا پر اجائي سجائي نصيحتن کان ڪن لاٽار ڪندي پنهنجي من ۾ سمايل خواب جي ساڀيان واري ڌنڌي جي جستجو سان لڳي پيو. نومبر 2011ع ۾ جنهن ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هيو تنهن کي قانون موجب هڪ مهيني نوٽيس ڏئي پنهنجو ڪاروبار پلان ڪرڻ کي لڳي پيو پر جيئن ته ڪمپني هن “ڪمائو پٽ” مان هٿ ڪڍڻ ڪونه پئي چاهيو ان لاءِ مالڪن نه رڳو سندس پگهار وڌائڻ جون لالچون ڏنيون پر مٿس ظاهر ۽ خفيه خانگي توڙي سرڪاري ادارن کان “ڪمپني نه ڇڏڻ لاءِ” ڳرا زور بار به وجهرايا پر هي همراهه پنهنجي جنون تان نه هٽيو. ڪمپني ڇڏڻ وقت واجد شاهه جي پگهار ٽي لک روپيا هوندي هئي جيڪا ٻين لڀائيندڙ مراعات هوندي ان دور جي حساب سان تمام وڏي پگهار هوندي هئي.
    جڏهن واجد شاهه پنهنجي مارڪيٽنگ ڪمپني ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ته کيس پيسا ڪونه هيا سواءِ ڪمپني مان مليل نومبر واري پگهار (ٽي لک) جي جڏهن ته نوٽيس ملڻ کان پوءِ ڊسمبر جي پگهار به سندس مالڪن روڪي ڇڏي هئي. گاڏيم فليٽ ۽ ٻيا ٺٺ ٺانگر ڪمپني سان گڏ هيا جا ڇڏڻ سان همراهه روڊ تي اچي ويو پر هن همٿ نه هاريندي گهمڻ ڦرڻ لاءِ هڪ بائيڪ ورتائين جنهن تي سنگت، ساٿ، عزيزن قريبن طرفان ٽوڪون به ٿيون پر واجد شاهه نه رڳو پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ اهڙين حرڪتن تي ڪن ڪونه ڏنا پر اها واٽ به ڪونه ڇڏي جنهن تي سندس منزل پوڻي هئي.
    پيسن جي اڻ تڻ سان گڏ “ڪيئن ڪجي، ڇا ڪجي ۽ ڪجي به يا نه” واري صورتحال سان ڪجهه وقت نڀائيندي هڪ ڏينهن فيصلو ڪري “ٽي جي فارما” وارن ڏي ويو جن سان سندس پروفيشنل تعلق به رهيو هيو ته “مون کي دوا ٺاهي ڏيو جنهن جا اڌ پيسا اڳ ۾ ڏيندم ۽ اڌ بعد ۾.” ڪمپني مالڪ سندس محنت ڪا قائل هوندي تمام گهڻي عزت ڪندا هيا تن کيس ٻڌايو ته “اسان جي فيڪٽري ڪجهه سالن کان بند پئي آهي تنهن کي جيڪڏهن تون پنهنجي واسطي سان کولرائين ته نه رڳو اسان دوا ٺاهي ڏينداسين پر توکي پروڊڪشن مينيجر به ڏينداسون”. همٿ وارن سان اڙئي وقت ۾ الله سائين ۽ سندس مشنريون ساٿ ڏئي آسانيون پيدا ڪندي ماڳين دڳين ڪائينديون آهن. واجد شاهه ڪوششون وٺي پنهنجي تعلقات سان اها فيڪٽري کولرائي جنهن سان نه رڳو سندس ڪم هلي پيو پر فيڪٽري مالڪن جي به ڀلائي ٿي.
    هن وقت تائين ٽن لکن مان پنجاهه هزار ٻيا به خرچ ٿي چڪا هيا ۽ هاڻي ڪمپني مان پنهنجي دوائن جي تياري لاءِ وٽس اڍائي لک روپيا هيا جنهن جو هن “را مٽيريئل” ورتو پر جڏهن پوءِ به پيسا کٽي پيا ته سندس امڙ ڏيڍ لک روپين جو سون ۽ گهر ۾ رکيل هڪ ڪونڊي ۾ جمع ڪيل رقم (جنهن کي سندس اولاد “ڪونڊا بينڪ” چوندي هئي) پڻ ڏني جو سندس امڙ جون نه رڳو کيس دعائون هيون پر ان کي پنهنجي هن محنتي پٽ جي جدوجهد تي به يقين هيو.
    جنوري 2012ع ۾ ان سموري جمع پونجي مان واجد شاهه ٽي جي فارما مينيوفڪچر وارن کان پنج ڇهه دوائون جهڙوڪ Omegast (Cap), Estapram (Tab), Rntris (Syp & Cap) وغيره ٺهرائي سڀ کان پهريان پنهنجي شهر لاڙڪاڻو جي مختلف ڊاڪٽرن ڏي ويو جيڪي واجد شاهه جهڙي سخي مان هميشه دوا لکڻ عيوض مالي فائدي جي اميد رکندا آيا هيا تن ان ڏينهن هڪ نئين واجد شاهه کي ڏنو جنهن کين سڌو سڌو چيو ته “سائين مون پنهنجي ڪاروبار جي ننڍڙي شروعات ڪئي آهي مهرباني ڪري منهنجي دوا لکو پر ان جي موٽ ۾ نه پيسا ڏيندم نه وارڊ ٺهرائي ڏيندم ۽ نه ئي ڪو ٻيو تحفو وغيره ڏئي سگهندم جو مولائي ماڻهو آهيان”. جيئن ته جنهن ڪمپني کا ن واجد شاهه پروڊڪٽ ٺهرائي مارڪيٽنگ ڪندو هيو سا بهترين هئي ان لاءِ نه رڳو عام داڪٽرن به ساڻس تعاون ڪيو پر سندس دوائن هلائڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه ويجهي مهربان دوست ڊاڪٽر غير شرطيه مدد ڪري لکڻ شروع ڪيون ۽ پهرئين مهيني سندس دوائن جي سيل ڏهه لک روپيا ٿي هئي.
    ڪم سٺو هلي نڪتو ته مارچ 2013ع ۾ واجد شاهه باظابطه طورتي پنهنجي Egis Health Care جي نالي سان پنهنجي مارڪيٽنگ ڪمپني کي هنگري مان رجسٽرد ڪرائي ٽي جي فارما واري پراڊڪٽس سان گڏ پنهنجي ٺهرايل نيچرل پروڊڪٽس جهڙوڪQalgro (Tab & Syrup), Neuroba (Cap & Syrup), Mintec (Cap & Syrup) Vegan (Tab & Syrup) وغيره جي مارڪيٽنگ شروع ڪئي جنهن سان نه رڳو سندس ڪم ۽ رينج وڌي پر منافعو به. سندس ڪمپني جون 300 پراڊڪٽس رجسٽرڊ هيون پر في الحال ڪمپني 156 دوائون ٺاهيندي هئي جنهن مان واجد شاهه جون پراڊڪٽس پڻ شامل هيون. پنهنجي دوائن سان گڏ ڪمپني جي ٻين ڪافي دوائن جي پوري ملڪ ۾ ٽريڊنگ، ايڪسپورٽ، مارڪيٽنگ ۽ ريگيوليٽري وغيره جا تمام معاملا واجد شاهه اڪيلي سر نڀائيندو هيو تنهن ڪري هاڻي هو ڪمپني جو مالڪ سڏجڻ لڳو. پيسو، سهولتون، گاڏيون ۽ تعلقات جڙڻ سان هاڻي همراهه جو لائيف اسٽائل به تبديل ٿي چڪو هيو.
    واجد شاهه جي جدوجهد سبب هاڻي ٽي جي فارما جو نالو به مارڪيٽ ۾ معتبر ۽ مشهور ٿي ويو هيو جنهن ۾ سندس محنتن سان گڏ الهه تلهه پڻ لڳل هيو تنهن ڪري ڪمپني مالڪ کيس آفر ڏني ته کانئس نو ڪروڙ روپين ۾ ڪمپني خريد ڪري پر هن زندگي جي وڏي غلطي ڪندي انڪار ڪيو حالانڪه ان وقت ڪجهه پيسا جمع به ڪري چڪو هيو ۽ ٻين پيسن جو به بندوبست ڪري سگهي پيو. واجد شاهه ڪمپني ته خريد ڪونه ڪئي پر مالڪ کي افغانستان جي هڪ پارٽي سان ٽي جي فارما جي مالڪن جي ملاقات ڪرائي جي ڪا ڪمپني خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندا هيا. ٻنهي پارٽين ۾ ڳالهيون هلنديون رهيون. ان دوران واجد شاهه جو ٽي جي فارما وارن سان مارڪيٽنگ متعلق ڪيل معاهدو جيڪو ٽن سالن جو هيو 2017ع ۾ ختم ٿي چڪو هيو جنهن جي نئين سر تشڪيل لاءِ مالڪ ٽال مٽول ڪندا رهيا.
    2018ع ۾ ٽي في فارما جي مالڪ واجد شاهه کان بغير صلاح مشوري يا اطلاع جي افغانستان جي ان ئي پارٽي سان 24 ڪروڙن ۾ ڪمپني جو سودو ڪري ڇڏيو جيڪا ساڻن واجد شاهه ملائي هئي جنهن کي اها خبر تڏهن پئي جڏهن هو ٽوئر تي پشاور ويل هيو. خبر سان سندس پيرن هيٺان زمين ڪڍي ڇڏي جو نه رڳو سندس پروڊڪٽس ان ڪمپني مان ٺهي رهيون هيون پر سندس را مٽيرئرل جو وڏو اسٽاڪ پوئتي پيل هئڻ سان گڏ ڊاڪٽرن کي سندس پراڊڪٽس لکڻ متعلق لکين روپيا ايڊوانس ۾ مليل هيا. سمورا معاملا اڪلائڻ لاءِ واجد شاهه ڪمپني جي نئين مالڪن سان مليو جن گهڻي جهڳ جهڳ کان پوءِ کيس ٽن مهينن اندر پنهنجا تمام معاملا سڌا ڪرڻ جو ٽارگيٽ ڏنو پر هڪ مهيني اندر سندس معاملا پنهنجي اختيارين ۾ وٺي ڇڏيا.
    ٽن مهينن ۾ ايترا سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ ناممڪن هيو ان لاءِ واجد شاهه پنهنجو پاڻ کي تڪڙي نقصان کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ پنهنجون دوائون سگما فارما ڪراچي کان ساڳي فارمولي تحت پر مختلف نالن سان ٺهرائي پنهنجي وائيٽ هائوس ڊسٽريبيوشن جي پليٽ فارم تان مارڪيٽ ڪرڻ شروع ڪيون. ان کان علاوه هن مدني فارميسي جي نالي سان ميڊيڪل سينٽرز جي چين پڻ رجسٽرڊ ڪرائي جيڪو ڪاروبار سندس ڪمپنين سان گڏ نهايت ڪاميابي سان هلي پيو ۽ هلي رهيو آهي. ان دوران ئي ڪيترائين دوست ۽ ڊاڪٽر حضرات نه رڳو ساڻس گهڻ گهريا دوست بڻجي ويا پر ڪيترن ئي ڪمن ڪارين ۾ شريڪ ڪار پڻ رهندا آيا ان لاءِ واجد شاهه پنهنجي ڪجهه دوستن سان گڏجي پلان ڪيو ته پنهنجي شهر جي ماڻهن کي جديد بنيادن تي آڌارت ڪو ميڊيڪل سينٽر پڻ ٺهرائي ڏجي ۽ اتي اهي تمام سهولتون هجن جيڪي آغا خان ۽ سائوٿ سٽي وغيره ۾ آهن جو هن شهر ۾ اوڏانهن ويندي بيشمار ماڻهو رستي جي طوالت سبب پنهنجي زندگي وڃائي ويهن ٿا.
    دوست ويٺا، معاملا طئه ٿيا، پروگرم تي عمل ٿيڻ شروع ٿيو، پلاٽ ورتو ويو، اڏاوت شروع ٿي. تان جو پنجن فلورن تي سچل ڪالوني ۾ علي ميڊيڪل سينٽر جڙي راس ٿيو جنهن جو سمورو ڪريڊٽ سائين واجد شاهه کي ڏجي ٿو. هي 120 بيڊيد ميڊيڪل سينٽر آهي جنهن ۾ آئي سي يو، اين آئي سي يو، گائني لاءِ پورو فلور ڏنل آهي جت تمام جديد سهولتن سان گڏ هڪ ليبر روم ۽ ٻه آپريشن ٿيٽر پڻ موجود آهن، سينٽرلائيزڊ ايئرڪنڊيشن، سينٽرلائيزڊ ويڪيوم، ٽيمپريچر کي مينٽين ڪرڻ لاءِ پڻ HVAC سسٽم لڳل آهي جيڪو هيٽنگ، وينٽيليشن، ايئرڪنڊيشننگ، ڪولنگ وغيره کي ڪنٽرول ڪندو آهي. ٽئين فلور تي اسٽروڪ يونٽ آهي جڏهن ته سينٽر ۾ ٻه لفٽون لڳل آهن جن مان هڪ مريضن لاءِ ۽ ٻي عام ماڻهن لاءِ پيسينجر لفٽ آهي، هر فلور تي ويسٽيج ڊڪٽ آهي، چوٿين فلور تي نرسنگ اسڪول، نرسنگ لائيبرري، علي ميڊيڪل ڪاليج قاعم ڪرڻ جو پروگرام آهي. مالڪن هن سينٽر کي هڪ سو پلس بيڊيڊ رکيو آهي جيڪو هيڪ جي پاليسي تحت ڪنهن به نرسنگ اسڪول ۽ ميڊيڪل ڪاليج لاءِ ضروري رڪوائرمينٽ ٿئي ٿو. سندن ليباريٽري ۾ لڳل سسٽم پاڪستان ۾ صرف شوڪت خانم ڪينسر هاسپيٽل ۽ آغا خان هاسپيٽل ۾ لڳل آهي. ان کان علاوه ايڊوانس ايڪسري سسٽم، ڊجيٽل ايم آر آءِ ۽ سي ٽي اسڪين وغيره وغيره جهڙيون اهي تمام سهولتون آهن جيڪي ملڪ جي ڪنهن به جديد ۽ وڏي ميڊيڪل سينٽر ۾ ٿي سگهن ٿيون.
    منهنجي لاءِ انتهائي فخر جو مقام آهي جو هن شانداراسپتال ۽ ميڊيڪل سينٽر جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ ڪجهه دوستن سان گڏ ڀاڱي ڀائيوار مالڪ اسان جو هي محنت ڪش غريب دوست واجد علي شاهه آهي جنهن ايڏي وڏي منزل ۽ مقام ماڻيندي به نه پراڻي دوستن کي وساريو آهي نه بري وقت جي محسنن کي ۽ نه ئي پنهنجي حيثيت کان ڪڏهن ڪن لاٽار ڪندي ڏٺو ويو آهي. ساڻس جي وڌيڪ ڪاميابيءَ لاءِ سوين دعائون ۽ نيڪ تمنائون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو