حيدرقادري....آصف رضا موريو

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    حيدرقادري
    ننڍي اسڪرين جو وڏو اداڪار
    آصف رضا موريو
    حيدرقادري سنڌي اسٽيج ڊرامن، ٽيلي ويزن ۽ فلمي دنيا جو اهڙو خوبصورت ۽ گهڻ پاسو اداڪار، پاڙهو هدايتڪار، فلمساز، لکاري ۽ گهڻ رخو فنڪار آهي جنهن اداڪاري جي شروعات ننڍڙي هوندي کان فوٽ پاٿن، روڊ رستن، گهٽين، صندلن ۽ تهخانن کان ۾ ٿيندڙ بي بها ڊرامن کان پنهنجي شوقيه جدوجهد ڪندي اسٽيج ڊرامن جي رنگين دنيا تائين پنهنجو پاڻ مڃرايو. جنهن کان پوءِ مڃتائن ۽ ڀوڳنائن جي رڃ ۾ هڪ انتهائي ڪٺن ۽ صبر آزما مسافريون اڪلائيندي هي خوبرو ڪلاڪار سنڌي ٽيليويزن جي دنيا جو بي تاج بادشاهه ٿي ويو.
    گزريل ٻن ڏهاڪن جي ڪيريئر دوران حيدر قادري سنڌ جي سمورن سنڌي چينلن ۾ سوين ڊرامن، سولو پليز، ڊراما سيريز ۽ ڊراما سيريئيلز ۾ مکيه رول محنت سان نڀائي پاڻ مڃائيندي اڄ جنهن اسٽارڊم واري درجي کي ماڻيو آهي سا هر ڪنهن اداڪار جو خواب ته هوندي آهي پر سڀئي اهڙي مقدر جا سڪندر ڪونه هوندا آهن. بحيثيت انسان ۽ بحيثيت اداڪار حيدر قادري جي سموري زندگي خوف، انديشن، ڳوڙهن، پريشانين، خوابن، اميدن، ڪوششن، همتن ۽ ساڀيائن سان ڀرپور هڪ اهڙي جدوجهد رهي آهي جنهن تي بذاتِ خود هڪ سبق آموز ۽ جهدِ مسلسل سان ڀرپور سيريز ٺاهي سگهجي ٿي جو سندس ننڍپڻ جي جهول ۾ حيدر لاءِ غربت، ذهني پيڙائن، سماجي ڀوڳنائن جاا انبارمقدر رهيا آهن.
    حيدرقادري جا وڏڙا لاڙڪاڻو شهر کان اتر اولهه ۾ واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺاڻي آبادي ميان شاهل محمد ڳوٺ جا رهواسي هيا جڏهن ته حيدر جي پيدائش 1 جنوري 1984ع ڌاري حيدرآباد شهر جي علائقي “ تلائو فقير جو پڙ ” ۾ ٿي جتي سندس والد نظام الدين قادري پنهنجي ٽرانسپورٽ جي ننڍڙي ڪاروبار جي سلسلي ۾ وقتي طور تي لڏي آيو هيو. 1988ع واري سنڌي مهاجر فسادن دوران جڏهن سنڌي آبادين جو حيدرآباد جي ڪيترن ئي علائقن ۾ رهڻ وهه ٿي ويو ته سندس خاندان اتان لڏي لاڙڪاڻو شهر جي الله آباد محلي ۾ ننڍڙو اجهو وٺي آباد ٿيا. جيئن ته گهر ۾ فرد تمام گهڻا هيا ان لاءِ ڪجهه سالن کانپوءِ 2000ع ۾ ان ننڍڙي گهر کي کپائي هڪ نئين آباد ٿيندڙ پاڙيسري ڪالوني مينهل آباد ۾ چڱيرڙو گهر وٺي رهڻ لڳا. حيدر پنهنجي اٺن ڀائرن ۾ چوٿون نمبر آهي ۽ کيس چار ڀينرون پڻ آهن. سندن بيپناهه پيار ڪندڙ والد 2006ع ۾ اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو جڏهن حيدر زندگي جا معاملا اڪلائڻ ۽ ذميداريون نڀائڻ جيترو وڏو يا سمجهدار ڪونه ٿيو هيو. والد جو وشال پاڇو سندن مٿان نه رهيو ته پنهنجن پراون سان گڏ دنيا جا تمام معاملا وڌيڪ اوپرا، اٻاڻڪا ۽ خوفائتا ٿي پيا هيا پر حيدر هن رهزن سماج ۾ جيئي ڏيکارڻ جو سندرو ٻڌي جو گپ ۾ گهريو ته دنگلن جا دنگلن ڪاهيندو هليو.
    ڪيپري ڪارن هئڻ ناطي حيدر قادري شاندار شخصيت ۽ منفرد فطرت جو مالڪ آهي. هو تمام محنتي، لڀائيندڙ،جوشيلو ۽ بهترين انسان هئڻ سبب کيس دوستن، احبابن ۽ چاهيندڙن هڪ جو وسيع حلقو آهي. سندس آرٽسٽڪ پر تيز دماغ مسئلن جي ترت حل ڪڍڻ لاءِ تمام ڪارائتو پرزو آهي.
    حيدر قادري شروعاتي پنج درجا الله آباد پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪري گورنمنٽ پائلٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان ميٽرڪ ڪئي. تنهن کان پوءِ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ گريجويشن ڪري اتان ئي “ ٽيڪنيڪل اسٽڊي آف ڊراما رائيٽنگ” ۾ ايم فل ڪري رهيو آهي جنهن ۾ سندس سپروائيزر جان عالم سولنگي آهي.
    اڄ ڪلهه حيدرقادري ڪراچي رابعه سٽي گلستان جوهر ۾ رهندو آهي پر ڪجهه سال اڳ لاڙڪاڻو شهر جي ايئرپورٽ روڊ تي واقع مينهل آباد ڪالوني جي ٻيو نمبر گهٽيءَ ۾ رهندو هيو جڏهن ته منهنجو گهر ان ڪالوني جي پهريون نمبر گهٽي ۾ هوندو هيو. منهنجا پيارا دوست ۽ مانائتا لکاري قاضي آصف، عزيز منگي ۽ قاضي اعجاز به اتي اسان جا پاڙيسري هوندا هيا. حيدر قادري ۽ مان نه رڳو پاڙيسري هياسين پر اسان جا کوڙ سارا وهنوار، معاملا، شوق، شغل ۽ رويا هڪجهڙا هئڻ ڪري اسان جلد ئي سٺا دوست ٿي وياسين. ڪجهه ميل ملاقاتن کان پوءِ مون کيس هڪ تمام سٺو دوست ۽ اهڙو ڀلوڙ انسان پاتو جنهن جو زندگي ڏانهن گهڻو ئي مثبت رويو هئڻ سان گڏ سندس منجهه انسانن لاءِ ڀليرڙي موٽ جا اتم گڻ موجود هيا. ان سموري عرصي دوران مون تي سندس ادڪاري جي جوهرن جو به انڪشاف ٿيو ته هو هڪ اهڙو بهترين اداڪار ۽ لڀائيندڙ فنڪار آهي پر جيڪڏهن مان چوان ته سندس شخصيت جي هر رخ ۾ مون نورس ڪلائون ڏٺيون ته غلط ڪونه ٿيندو.
    حيدر قادري جي ايڊوينچر سان ڀرپور سماجي زندگيءَ جو ستاويهون سال سندس لاءِ گهڻو ئي بختاور رهيو جو ان سال 11 آڪٽوبر 2011ع تي هن پنهنجي عزيز ۽ سنڌ جي ليجينڊري اداڪار سائين حسين قادري جي نياڻي سان حيدرآباد ۾ وهانوءُ رچايو. جنهن کان پوءِ حيدرقادري هوائن جيان آزاد منش مان ذميدار ۽ گهردار مانس ٿيو ته کيس اٽي، لٽي ۽ دالڪ چانورن جي اگهن جي به خبر پيس. وري جو خير سان ڪوهڪاف جي پرين جهڙيون ٻه شهزاديون آيت بتول ۽ مرزيا بتول سندن دل جي دنيا ۾ آيون ته حيدر جو گهر جنت مثل بڻجي ويو. اڄڪلهه حيدر پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ رابعه سٽي گلستان جوهر جي ان فليٽ ۾ رهندو آهي جيڪو هن 2013ع ۾ خريد ڪيو هيو جڏهن ته ڪم جي حوالي سان هو آواز ٽي وي سان سلهاڙيل آهي.
    اڄ ڪلهه جي ٽوٽي انسان کان ته اهو ٿيڻ به ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آهي جيڪو هو اصل ۾ هوندو آهي پر اداڪاري انساني روين جو اهڙو ڳوڙهو اڀياس ٿئي ٿي جنهن هر روز انسان کي پنهنجو پاڻ کي هٽائي هر دفعي ڪو ٻيو ٿيڻو پوندو آهي. هن سمونڊ جهڙي عظيم ڪلا کي سڀ کان پهريون حيدر قادري پنهنجي روز مرهه جي معاملن، روين، احساسن، پسند، ناپسند، حرڪتن، مزاجن ۽ سماج ۾ پکڙيل هزارين ڪردارن مان پرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اڃان تائين ڪندو رهندو آهي جو هن وشال ساگر جو نه انت ٿئي ٿو نه ڪنارو. ان کان علاوه حيدر اداڪاري جا بنيادي جز پنهنجي تجربي سان گڏ سينيئر اداڪارن، ڊائريڪٽرن کان ڪم دوران ۽ پنهنجي وقت جي عظيم اداڪارن جي فلمن مان سکڻ جي ڪوشش ڪندورهي ٿو جيڪو سندس اڪيلائي جو محبوب مشغلو پڻ رهيو آهي. هر دور جي مهان اداڪارن جيان حيدر قادري به ننڍي هوندي کان آئيني اڳيان بيهي پنهنجي منهن تي مختلف تاثرات ٺاهي، پنهنجي پسند جي اداڪارن جون نقلون ڪري، انهن جا چيل ڊائيلاگ انهن وانگر ورجائي اڃان تائين پنهنجو پاڻ کي ڪيميرا اڳيان اچڻ واري مشڪل گهڙين لاءِ تيار ڪندو رهندو آهي.
    حيدرقادري اداڪاري واري ڪيريئر جي شروعات هڪ اسٽيج اداڪار طور ڪئي. سندس پهرئين پرفارمنس اعجاز چانڊيو جي ڊائريڪشن ۾ ٺهيل ڊرامو “غدار” هئي جنهن لاءِ الله آباد محلي لاڙڪاڻو جي هڪ گهٽي ۾ اسٽيج تيار ڪئي وئي هئي. هن سنهڙي سيپڪڙي اداڪار جي پرفارمنس کي اتي ويٺل شهر جي سنجيده طبقي تمام گهڻو ساراهيو. ان کان پوءِ حيدرقادري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سوين ڪامياب اسٽيج ڊراما ڪيا ۽ نالو ڪمايو پر اها شهرت، قسمت ۽ مقام جنهن جا هن ڏيهان راتان خواب ڏٺا هيا سا کيس اڃان به ڪي ڏيهه پري پئي ڀانئجي. ان جو سبب سا شايد اهو به هيو ته سندس شهر لاڙڪاڻو هجي يا سنڌ ۾ اسٽيج اڃان تائين هڪ مانائتي اداري طور پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ ۾ ناڪام رهي هئي تنهن ڪري هن اسٽارڊم واري خواب جي تعبير ماڻڻ ۽ سماجي طور تي پنهنجي پير تي بيهڻ لاءِ حيدر ڪجهه وڌيڪ بهتر ۽ لاڀائتو رستو وٺڻ لاءِ سوچيو جنهن جي شروعات ٽيلي ويزن جي اسڪرين تي قسمت آزمائي ئي هئي جيڪا اڄ ڪلهه ملڪ ۾ پنهنجي اوج ۽ موج تي هئي.
    سندس ٽي وي اسٽار ٿيڻ وارو خواب کيس تڏهن ساڀيان ماڻيندي نظر آيو جڏهن لاڙڪاڻو جي ڀلوڙ اداڪار صغير الاهي کچي ۽ اسٽار ميڪر پپو ماڇي جي ڪوششن سان ڊائريڪٽر ايوب گاد جي ڊرامي “ماستر جي عيد” ۾ کيس هڪ ننڍڙو ڪردار ڪرڻ لاءِ مليو. ايوب گاد ڊراما ڊائريڪشن جي فيلڊ ۾ سدائين ٽيلينٽ هنٽر هئڻ سبب هزارين اداڪارن، ڪلاڪارن، اداڪارائن ۽ فنڪارن جو گاڊ فادر رهيو آهي. پنهنجي ڊرامي ۾ حيدرقادري جي ننڍڙي ڪردار ۾ ڪيل جوهرن مان متاثر ٿي ايوب کيس ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي ڪي ٽي اين تي هلندڙ سيريز “هر شخص ڪهاڻي آ” جي هڪ ڊرامي “رانگ نمبر” ۾ ليڊنگ رول ڏنو جنهن ۾ سندس هيروئڻ اداڪاره فاطمه منگي جي ڀيڻ ريحانه منگي (سينيئر) هئي جنهن نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور جي گريجويشن ٿيل هئي. اهو ڊرامو ڪي ٽي اين تي ڏسي چينل جي مالڪ علي قاضي پروڊيوسر نور جوکيو کي چيو ته “هن ڇوڪري ۾ دم آهي کيس ڪراچي گهرائي ڪو چڱو ڪم ڏيوس”.
    حيدر قادري متعلق ايوب گاد جي راءِ ڏني ته “حيدر منهنجي نظر ۾ اهڙو ورسٽائيل اداڪار آهي جيڪو پنهنجي ڪردار جي روح کي سمجهندو آهي. لاڙڪاڻو جي سينيئر اداڪارن ۾ صغير الاهي کچي کي ۽ حيدر قادري کي جونيئرن ۾ پروفيشنل اداڪار چئي سگهان ٿو جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪردارن کي سمجهڻ کانپوءِ نڀائيندا آهن. ٻيو ته حيدر جي ڊائيلاگ ڊليوري ۽ چهري جا تاثر ڪمال جا هوندا آهن.”
    حيدرقادري جو ٽيلي ويزن تي پهريون ڊرامو ايوب گاد شوٽ ڪيو هيو پر سندس آن ايئر ٿيڻ وارو پهريون ڊرامو لطيف ميمڻ جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل “حجم جي عيد” هيو جيڪو ڪي ٽي اين تي هليو هيو. حيدرقادري جي ٽيلي ويزن تي پهرئين ساٿي اسٽار صغير الاهي کچي حيدر متعلق ڳالهائيندي چيو ته “حقيقت ۾ حيدرقادري تمام بهترين اداڪار ۽ وڏي دل وارو انسان آهي. هو ڊرامن جي سيٽ تي سدائين دوستاڻو ۽ نرم خو رهندو آهي پر پنهنجي ڪردارن تي خوب فوڪس ڪندو آهي. ڪجهه سالن ۾ سندس شهرت تمام گهڻي وڌي آهي جنهن جو سبب اهو آهي ته هو اداڪاري جي اکاڙي جو بهترين کلاڙي آهي.”
    حيدرقادري مليل ڪردار نڀائڻ لاءِ پهريون پنهنجي اندرڪردار سان مطابقت وارو ماحول جوڙيندو آهي. کيس بهترين آرڪيسٽرا وانگر لوچدار آواز مليل آهي جنهن تي ظابطو کيس ڪردار کي نڀائڻ ۾ انتهائي مددگار ٿيندو آهي. مالڪ کيس حالتي اداڪار جي عمدگي پڻ عطاڪئي آهي جيڪا وقت جي بادشاهه اداڪارن ۾ به گهٽ ڏٺي ويندي آهي. حيدرقادري پنهنجي ڊرامن ۾ مليل اوڌر جي ڪردارن ۾ حقيقي زندگيءَ جو روح ڦوڪڻ ۾ ڪمال حاصل رکي ٿو ۽ اهو سندس لاءِ ممڪن ان لاءِ ٿي سگهيو آهي جو هوجيئندو اداڪاري ۾ آهي ته ساهه به ان ۾ کڻندو آهي، هو کائيندو به اداڪاري آهي ته هضم به اداڪاري ڪندو آهي. پنهنجي اداڪاري واري ڪيريئر سان اهڙي روحاني وڄن ۽ پاڻ کي وقف ڪرڻ واري صورتحال ۾ سمجهان ٿو ته هو صرف سمهڻ مهل اداڪار ڪونه رهندو هوندو.
    حيدر لاءِ اداڪاري سدائين ڪنهن دلربا محبوبا جيان لڀائيندڙ ۽ مزيدار رهي آهي جنهن کي هو پاڻ لاءِ قدرت جو انمول تحفو ڀانئي ٿو پر پنهنجي شهر ۾ سوين اسٽيج ڊرامن جا سمورا انڊلٺي رنگ ڪٺا ڪرڻ کان پوءِ به جڏهن هن ڏٺو ته سماجي آبرو ۽ پنهنجي پير تي بيهڻ واري منزل جو پنڌ پري آهي ته اميد ۽ نااميدي جي اهڙي صورتحال ۾ بي روزگار، غريب ۽ بي يارومددگار حيدرقادري ڪامياب اداڪار ٿيڻ جا خواب ڏسندو 2004ع ڌاري ڪراچي وڃي ڀيڙو ٿيوجتي ڪي ٽي اين جي آفيس ويسٽ پوائٽ ٽاور ڀرسان واقع اختر ڪالوني ۾ هڪڙي ڪمري جي رهائش اختيار ڪئي. ڪراچي پهچندي ئي کيس ڪي ٽي اين چينل ۾ ڪم ملي ويو ۽ پهرئين ئي مرحلي ۾ سندس ٻه سيريئل “دام” ۽ “آليون اکيون”گڏوگڏ شوٽ ٿيڻ شروع ٿيون جن جا هدايتڪارمنظور مگسي ۽ اشرف عطار هيا.
    پنهنجي زندگي جي ٿورڙي عرصي ۾ حيدرقادري مختلف ٽي وي چينلز ۾ 100 کان مٿي ڊراما ڪيا، 100 کان مٿي سيريئل ۽ سيريز ڪيون جن حيدرقادري جي عزت، شهرت ۽ سڃاڻ کي نه رڳو سنڌ يا پاڪستان پر دنيا ڀر ۾ سنڌي ميڊيا واپرائيندڙ ۽ ٽي وي ڏسندڙن تائين پهچائي ڇڏيو. “ڪومل”، “ڪاروڪاغذ” ۽ “ڪير ته لهندو سار” نالي سيريئلن ۾ حيدرقادري جي پرفارمنس کي سندس زندگي جي بهترين ۽ ڪامياب اداڪاري مڃيو وڃي ٿو جنهن ۾ سندس فن عروج تي رهيو. حيدر ڪيترن ئي ٽيلي فلمن ۾ پڻ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکارياآهن جڏهن ته سراج الحق جي هدايات ۾ ٺهيل سندس شارٽ مووي “رامو اوڏ” جي پڻ تمام گهڻي تعريف ٿي رهي آهي جنهن جي ڪاميابيءَلاءِ حيدر کي تمام گهڻيون اميدون آهن.
    اداڪاري تمام ناممڪنات جو حاصل ڪرڻ آهي ۽ حيدرقادري پنهنجي جدوجهد، شوق ۽ محنت سان جوان سال ڪيريئر ۾ نه ماڻيندڙ ۽ نه حاصل ٿيندڙ اداڪاري جون بلنديون حاصل ڪري ورتيون آهن جو پنهنجي ڪم سان سچائي نيٺ کيس هڪ “اسٽار” بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هن وقت هو سنڌي مني اسڪرين جو تمام وڏو، ڳرو ۽ نالو معتبر آهي. شهرت جي بلندين تي پهچڻ جي باوجود. حيدرقادري هن وقت به ايترو ئي قربائتو ۽ ملنسار آهي جيترو هو اسٽار ٿيڻ کان اڳ هوندو هيو. شهرت سندس مٿو ڦيرائي مڳي وارو بڻائڻ ۾ ناڪام رهي آهي جو هن اڃان تائين پنهنجي سخت ترين جدوجهد ڌاران زندگي ۾ آيل اوٻر ۽ ڪوڙاڻ کي پنهنجي نزاڪت، سڪون ۽ نماڻائي چورائڻ ڪونه ڏني آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو