لاوارثي جو شڪار گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو...... آصف رضا موريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    رائل چوڪ جي هن وقت لاڙڪاڻو شهر ۾ صرف مهانگي علائقي کان سواءِ ٻي ڪا خاصيت ڪونه آهي ۽ نه ئي هي علائقو هاڻي ڏسڻ وٽان رهيو آهي پر ڪنهن دور ۾ شهر جو هي سمورو حصو گهمڻ ۽ ڏسڻ وٽان هوندو هيو جتي شهر جي شاندار “رائل سنيما” کان علاوه المنظر سنيما، تجرباغ (هاڻوڪو جناح باغ)، پريس ڪلب، زميندارن جا بنگلا، تجر بلڊنگ، پاڪستان نيشنل سينٽر، فيض هوٽل، انجمن ترقي اردو جي عمارت، شاهه لطيف لائيبرري، شاليمار هوٽل، ممتاز هوٽل، ريلوي اسٽيشن، گرلس ڪاليج، گرلس اسڪول، لٽل فوڪس اسڪول، سٽيزن ڪلب، ليڊيز ڪلب وغيره جهڙا شاندار سماجي، قومي، خانگي، ثقافتي، تهذيبي ادارا ۽ عمارتون ڪر کنيون بيٺيون هونديون هيون جن جي جاءِ تي هاڻي بدشڪلا سينٽر ۽ بي ڊوليون عمارتون وڃي بچيون آهن جن مان هڪ اڌ پراڻيون بي ساهيون جهرندڙ ۽ ڪرندڙ عمارتون پڻ موجود آهن جن تي شهر جي مختلف مافيائن جو قبضو رهندو اچي ٿو جن مان هڪ گومي ٻائي ليڊيز ڪلب پڻ آهي.
    گومي ٻائي ليڊيز ڪلب جو وڏو دروازو گهنٽي ڦاٽڪ کان جناح باغ ويندڙ رستي تي ساڄي پاسي واقع آهي. هي ڪلب ان دور ۾ شهر جي هڪ هنڌو ڊپٽي ڪليڪٽر ٺهرايو هيو جنهن ان سماجي منڊلي جو نالو پنهنجي ڀيڻ جي نالي سان منسوب ڪيو هيو جڏهن ته هن ليڊيز ڪلب جي پيڙهه جو پٿر هڪ انگريز ڪاموري آر اي گبسن جي زال 3 جنوري 1934ع ڌاري رکيو هيو. شروع واري ڪيترن سالن دوران ڪلب جي چيئرپرسن واري سيٽ تي سدائين ڊپٽي ڪمشنر جون زالون رهنديون اينديون هيون. شروعات ۾ ڪلب جون 107 ميمبر عورتون هونديون هيون جيڪي ڪلب کي سرڪاري جي ڪنهن به مالي سهڪار کان بغير هلائينديون هيون. ڪلب جي هر ٻئي سال نئين چونڊجندڙ گورننگ باڊي ۽ مينيجمنٽ ڪاميٽي ڪلب جا سمورا معاملا ميمبرن جي ڏنل سالياني فيس مان سنڀاليندي هئي
    . هي ليڊيز ڪلب نه رڳو شهر جي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سماجي ڀلائيءَ جي طبيعت رکندڙ عورتن جي لاءِ سدائين مرڪز نگاه رهيو پر سياسي شعور رکندڙ عورتن لاءِ پڻ اهم مرڪز رهندو آيو. هتي عورتن جي سياسي، سماجي، ۽ ثقافتي گڏجاڻين ۽ چويارين سان گڏ هو بغير ڀولي جي ورزش، چهل قدمي ۽ ڊوڙڻ سميت پنهنجي سماجي، ذاتي ۽ سياسي مسئلن ۽ معاملن تي بحث مباحثا پڻ ڪنديون رهنديون هيون. هن ڪلب ۾ هر دور جي سياسي ۽ سماجي قدآور عورتن جو اچڻ وڃڻ رهيو ايتري تائين جو ليڊي مائونٽ بيٽن ۽ رعنالياقت علي خان وغيره به اينديون رهنديون هيون.
    رائل چوڪ کان گهنٽي ڦاٽڪ ويندڙ روڊ تي جناح باغ جي ڏاکڻئين دروازي جي ساڄي ڪنڊ ڀرسان واقع ممتاز هوٽل جي ساڄي پاسي تي واقع گومي ٻائي ليڊيز ڪلب جو خوبصورت ۽ اينٽڪ دروازو وڃي ان ڪلب جي نشاني بچيو آهي جنهن کي 2010ع ۾ نئين سر ٺهرائي بهتر ڪيو ويو. ان دروازي جي ٻنهي پاسي واقع ڀتين کي قبضي مافيائن دوڪان ٺاهي ڇڏيا آهن جن جو ڪرايو ڪجهه عرصواڳ تائين جڏهن ڪلب جي صدر ڊاڪٽرصبيحه سلطانه مغل جهڙي نفيس عورت هوندي هئي ته ليڊيز ڪلب عهديدارن کي ملندو رهندو هيو پر ان کان پوءِ هي ڪلب غيرذميدار عهديدارين جي ور چڙهي بي توجهي جو شڪار ٿيندي ڏٺو ويو آهي. جيسيتائين پڙهيل ڳڙهيل، مهذب، باوقار ۽ پڙهيل لکيل عورتون جيسيتائين هن ڪلب جون آفيس هولڊر رهيون تيسيتائين هن ڪلب ۾ ڪنهن به ڪنهن ميمبر کي قسم جي سياسي چرپر جي اجازت ڪونه هوندي هئي.
    هن ڪلب ۾ شهر ساڃاهوند سينيئر عورتن طرفان نئين نسل جي اڀرندڙ عورت ڪارڪنن جي ادبي، سياسي، اخلاقي ۽ سماجي رهنمائي سان گڏ تربيت پڻ ٿيندي رهندي هئي جتي عورتن سان شهر ۽ تر ۾ ٿيندڙ زيادتين ۽ ناجائزين خلاف محاذ جوڙيندي انهن جي حقن ۽ مسئلن جو تدارڪ پڻ ڪيو ويندو هيو پر افسوس آهي جو ليڊيز ڪلب ۾ هاڻي (خاص طور تي پيپلز پارٽي جي زرداري حڪومتن دوران) بدقسمتيءَ سان نه رڳو هن ڪلب جي عمارت جا چارئي پاسا قبضه خور ڦٻائي ويٺا آهن پر ليڊيزڪلب جي قائم ٿيڻ وارو مقصد پڻ ضايع ٿيندي نظر اچي رهيو آهي جو هن وقت هن منڊلي جي عهديدارن ان خالص تهذيبي مرڪز کي پيپلز پارٽي جي آفيس بڻائي ڇڏيو آهي جتي پارٽي جا بدڪردار عهديدار ته آرام سان اچي وڃي سگهن ٿا، پنهنجا سياسي پروگرام ڪري سگهن ٿا پر هن ڪلب جي احاطي ۾ هاڻي شهر جون شريف، نفيس ۽ باوقار عورتون پيرپائڻ به مناسب ڪونه ڀائن ٿيون.
    هن وقت عورتن جو هڪ خاص گروهه هن عمارت تي قابض آهي جيڪي ڪيترن سالن کان ٿيندڙ اليڪشنن ۾ ڦري گري پاڻ بيهنديون ۽ کٽينديون رهنديون آهن. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خاص موقعي جيئن انٽيرنيشنل وومن ڊي يا جشنِ آزادي وغيره تي ڪنهن وڏي آفيسر کي (جيڪو اڪثر ڊي سي يا ڪمشنر هوندو آهي) کي مدعو ڪنديون آهن جن سان ڊزن کن شهر جا خاص چمچا ساڻ هوندا آهن. اهي سيلفيون ڪڍرائي ڪلب جا مسئلن کي ٽي پارٽي يا رات جي ماني وغيره تي ڊسڪس ڪرڻ کي ئي گهڻو ڪجهه سمجهنديون آهن. افسوس آهي جو شهر جي اهڙي تهذيبي ورثن جي تباهي ۽ لاوارثي تي نه رڳو تمام ڪامورا شاهي ۽ رياستي ادارا خاموش آهن پر شهر جون سماجي، سياسي، ثقافتي ڌريون شخصي ۽ اجتماعي طور تي بي حيائي جي تصوير ٿي بت بڻيون ڏسنديون رهنديون آهن. سياڻن سچ چيو آهي ننڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار.
    توڙي جو هي عمارت ضلعي حڪومت جي ملڪيت آهي جنهن کي ورهاڱي کان اڳ جو تهذيبي ورثو پڻ مڃيو وڃي ٿو پر 2004ع ۾ شهر جي هڪ طاقتور ۽ بااثر بلڊر جي زيراثر حڪومتِ وقت طرفان ليڊيزڪلب جي عمارت کي کپائڻ جو اعلان پڻ ڪيو جتي اهو بلڊر هوٽل ٺاهڻ چاهي پيو جنهن جو بعدازاڻ اهو موقف پڻ هيو ته هن اها عمارت “ڪنهن هندو کان خريد ڪئي آهي”. هڪ ثقافتي ورثي جي اهڙي ريت ڦر لٽ ۽ ان جي دوڪانن تي قبضي متعلق ليڊيزڪلب جي عهديدار عورتن ۽ شهر جي ڪجهه ساڃاهوند طبقن جي احتجاجن متعلق اخبارن ۾ ڇپيل خبرن جو نوٽيس وٺندي نه رڳو سنڌ هاءِ ڪورٽ پر ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ پاڪستان جي چيف جسٽس به ان مسئلي متعلق بورڊ آف روينيو کي واضع حڪم ڪيو ته “ورهاڱي کان اڳ واري ان ليڊيز ڪلب جي ملڪيت کي ڪنهن به صورت ۾ ليز تي ڪنهن کي نه ڏنو وڃي.”
    افسوسناڪ حقيقت آهي ته نه رڳو هن عمارت تي اهڙين غيرسماجي ۽ غير ثقافتي ڌرين ۽ ذهنن جو قبضو آهي جيڪي ڪلب جي آئين جي مخالف ڪندي عام عورتن جي ڀلائي کي پٺتي ڌڪيندي پنهنجي پنهنجي مفادن سان سهڪاريل معاملا هلائي رهيون آهن پر آئي ڏينهن قبضه خور طبقا پڻ ليڊيزڪلب جي ان ننڍڙي عمارت تي لامارا ڏيندا رهن ٿا ۽ مونکي يقين آهي ته شهر جي وائڙي عوام، وڪائو آفيسر ۽ ڪلب جون مفادپرست عهديدارون انهن شڪاري ٽولن سان منهن ڪونه ڏئي سگهندا ۽ هڪ ڏينهن گومي ٻائي ليڊيز ڪلب به مولوي عبدالحق لائيبرري، انجمن ترقي اردو، شاهه لطيف لائيبرري، گيان باغ جي هڪ وڏي حصي، سيتاپارڪ، ڪرسچن اسڪول،انند شيوا منڊلي، اسٽيشن پارڪ، ريالي باغ، ڌوٻي گهاٽ، سکي تلاو وغيره جيان لاڙڪاڻو شهر جي جديد نقشي تان غائب هوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو