ٽنڊي محمد خان جي باني مير محمد خان ٽالپر جو مقبرو,........ اعظم ڀٽي

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    وقت ڀلي کڻي ويسر جي ڪيتري به دز چاڙهي ڇڏي پر تاريخ کي ڦلورڻ سان نوان نوان راز عيان ٿيندا رهندا آهن, معلومات جا نوان موتي ملندا رهندا آهن, اهو عمل ئي تاريخ جو سفر يا پنڌ سڏائي ٿو, جڏهن سنڌ هائيڪورٽ قبرستانن تان قبضا ختم ڪرائي, انهن کي محفوظ بنائڻ جو حُڪم جاري ڪيو هو ته الئه ڇو ٽنڊي محمد خان شهر جي باني مير محمد خان شاهواڻي ٽالپر جي مقبري واري قبرستان جي تحفظ جي هورا کورا وڌي هئي, لاڳاپيل اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ دوران ان ڳالهه جو ويساهه پُختو ٿي ويو ته ٽنڊي محمد خان شهر جي باني جو مقبرو, جنهن قديم تاريخي قبرستان ۾ آهي, اتي گهڻو ڪجهه گُم ٿيل آهي, تاريخ جا ڪيترائي ورق دفن ٿيل آهن, توڙي جو اها تاريخ ڪيترين ئي صدين تي مُحيط آهي پر ان جا پيرا الئه ته ڪٿي ڪٿي, ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪيڏانهن ڪيڏانهن گُم ٿي ويا آهن, تاريخ جي گُم ٿيل پيرن جي انهن نشانن تي مٽيءَ جا مڻ چڙهي ويا, صدين جي نشانن تي صدين جيڏا ڊڀ ڦُٽي ويا, سڀ ڪجهه ائين نظر اچڻ لڳو ڄڻ ته تاريخ کي ڪو سج گرهڻ يا چنڊ گرهڻ گهائي ويو هجي. ڪاش اسان کان پهرين جا نسل جيڪڏهن ٿوري ڪا محنت جي وک ان طرف کڻن ها ته گهڻو ڪجهه بچي پئي سگهيو, پر شايد لکيي جا ليک ڪجهه ٻيا آهن, جن ۾ تجسس جا تارا به اُڀرن ٿا, سُستيءَ جو چنڊ به چُور ٿئي ٿو ته لاپرواهي جو سج به لهي وڃي ٿو, ان جي باوجود وارثيءَ واري واٽ تي گهڻا وجود پنهنجو پاڻ کي آجو سمجهن ٿا ته ڪي وري پاڻ کي ذميوار سمجهندي, پاڻ سوڌو وڏڙن جي ويسر جي پاداش ۾ تاريخ جي گهٽين ۾ هٿ جوڙي معافي جا طلبگار آهن, انهن معافي سان گڏ ازالي جا آواز به بُلند ڪيا آهن, ان سموري صورتحال ۾ سنڌ جي قديم تاريخي ماڳ فتح باغ ۾ جڏهن ٽنڊي محمد خان شهر جي باني مير محمد خان ٽالپر جي مقبري جي مرمت جو ڪم شروع ٿيو ته نه رڳو فتح باغ جي قديم خوشحالي جا ترانا ٻيهر ڪرُ کڻي اُٿيا پر ٽنڊي شهر جي باني بابت معلومات جا موتي هر زبان جو ورد بڻجي پيا, آئون اهو به واضع ڪندو هلان ته گهڻن ماڻهن کي مون سميت صرف اها خوشفهمي رهي ته اهو ماڳ قديم تاريخي اهميت سان گڏ ٽنڊي شهر جي باني ۽ ان جي حسب نسب سان ئي منسوب آهي, مير شاهو جي پُٽ مير غلام محمد کي ٻه پُٽ هئا, هڪ مير احمد خان ۽ ٻيو مير محمد خان (ٽنڊي محمد خان شهر جو باني) مير احمد خان وڏو ۽ مير محمد خان ننڍو هو, مير احمد خان جي حسب نسب ۾ کيس ٻه پٽ ٿيا, هڪ مير محمد حسن ۽ ٻيو مير غلام حيدر, وري مير غلام حيدر کي هڪ پٽ ٿيو, مير احمد خان, وري مير احمد خان کي ٻه پٽ ٿيا, هڪ مير غلام الله خان ۽ ٻيو مير علي مراد خان, وري مير غلام الله کي ٻه پٽ ٿيا, هڪ مير بنده علي خان ۽ ٻيو مير حسين بخش خان ٽالپر, مير بنده علي خان کي ٻه پٽ ٿيا, هڪ مير غلام علي خان ٽالپر ۽ ٻيو مير علي نواز ٽالپر, مير بند علي جي ڀاءُ مير حسين بخش ٽالپر کي ٻه پٽ ٿيا, هڪ مير غلام الله خان (ٻيو) ۽ ٻيو مير مظهر ٽالپر, ميرغلام الله خان بي اولاد وفات ڪري ويو. جڏهن ته مير مظهر کي مير رسول بخش ٽالپر نالي پُٽ ٿيو جنهنکي وري مير حسين بخش ٽالپر (مير حاجن) نالي پُٽ ٿيو, جيڪو مير اعجاز علي خان ٽالپر جو نياڻو هو. بنا اولاد جي لاڏاڻو ڪري ويو. مير بنده علي ٽالپر جي وڏي پُٽ مير غلام علي ٽالپر کي ڇهه پُٽ ٿيا, جن ۾ مير اعجاز علي خان , مير احمد علي خان, مير ممتاز علي خان, مير منور علي خان, مير انور علي خان ۽ مير سلطان علي خان شامل آهن. مير بنده علي جي ٻئي نمبر فرزند مير علي نواز ٽالپر کي ڇهه پُٽ ٿيا, جن ۾ مير مشتاق ٽالپر, مير غلام الله ٽالپر, مير معشوق ٽالپر, مير عاشق ٽالپر, مير راجه شوڪت ٽالپر ۽ مير جاويد ٽالپر شامل آهن. مير احمد خان جو ننڍو ڀاءُ يعني مير غلام محمد جو ٻيو نمبر فرزند مير محمد خان ٽالپر هو, جنهن جي حسب نسب ۾, مير محمد خان ٽالپر کي ٻه پُٽ ٿيا هڪ مير ڪرم خان ۽ ٻيو مير غلام محمد (مير غلام محمد بي اولاد هو) مير ڪرم خان کي مير غلام شاهه نالي پُٽ ٿيو, جيڪو 17 فيبروري 1843ع تي مياڻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو. مير غلام شاهه کي مير علي بخش نالي پُٽ ٿيو, مير علي بخش کي وري مير الهه بخش ٽالپر نالي پُٽ ٿيو, مير الهه بخش کي مير محمد خان (ٻيو) نالي پُٽ ٿيو, مير محمد خان (ٻئي) کي مير علي احمد ٽالپر ۽ مير نور احمد نالي ٻه پُٽ ٿيا, مير نور احمد ٻالڪپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو, مير علي احمد ٽالپر کي پنج پُٽ ٿيا, جن ۾ مير محمد خان (ٽيون), مير رياض دلنواز, مير غلام شاهه عرف مير جاني, مير ذيشان عرف مير شان , مير ڪرم خان عرف مير ڪاظم رضا ٽالپر شامل آهن . ان سموري شجري جي نسبت سان فتح باغ جي قديم تاريخي ماڳ ۾ مير محمد خان ٽالپر جو مقبرو شاهواڻي ٽالپرن جي ٻن خاندانن جي وچ ۾ دلچسپي ۽ عدم دلچسپي واري ڪشمش ۾ رهندو پيو اچي, اهو خيال عام آهي ته اهو مقبرو بس ٽنڊي شهر جي باني مير محمد خان ٽالپر جي خاندان تائين محدود آهي, جنهن ۾ مير احمد خان ٽالپر جي پوين جو ڄڻ ته ڪو عمل دخل ئي ناهي, پر حيرت جهڙي ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي يونين ڪائونسل نصير خان چانگ جي ديهه جاڙڪي جو مير محمد خان ٽالپر جي مقبري جو فتح باغ وارو علائقو روينيو ريڪارڊ جي سروي نمبر 441 تحت 9 ايڪڙ ۽ 29 گهُنٽن جي ايراضي تي قديم قبرستان طور ڄاڻايل آهي, جيڪو قبرستان " مُقام مير احمد خان " جي نالي تي قائم هو ۽ آهي, جيڪو هن وقت به روينيو کاتي جي ريڪارڊ ۾ موجود آهي, جنهن تاريخ کان مون سميت نسلن جا نسل اڻڄاڻ رهيا, نه ئي ڪنهن ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪا جُستجو ڪئي, مير احمد خان جي نالي سان قائم هي قبرستان ان ڳالهه جي چٽي ثابتي آهي ته مير احمد خان ٽالپر به فتح باغ واري هن ئي علائقي ۾ مدفون آهي, جتي مير محمد خان ٽالپر جو مقبرو قائم آهي, روينيو ريڪارڊ موجب "مقام مير احمد خان " سان گڏ هڪ ٻئي نالو جو به تذڪرو اچي ٿو, سو آهي مير يامين, جيڪو نالو به ان خاندان سان جُڙيل هوندي به ائين ئي پوشيده آهي, جيئن مير محمد خان جي مقبري ۾ "صفدر محمد خان " پوشيده آهي, ڇاڪاڻ جو انهن ٻنهي نالن جو تذڪرو شاهواڻي ٽالپرن جي ڄاڻايل ٻنهي خاندانن جي شجري ۾ مڪمل وثوق سان نه ملي سگهيو آهي, ان سموري ڄاڻ جي بنياد تي آئون انهيءَ راء جو آهيان يا اهو قوي گُمان ڪري سگهجي ٿو مير محمد خان ٽالپر جي مقبري جي ويجهو جيڪي ٻه مقبرا آهن, سي يقينن شاهواڻي ٽالپرن جي خاندانن سان ئي سلهاڙيل آهي, مير احمد خان جي نالي سان قبرستان جي معلومات ملڻ سان اهو به قوي گُمان ڪري سگهجي ٿو ته زبون حال انهن مقبرن مان هڪ مير احمد خان جو مقبرو ٿي سگهي ٿو, تاريخ جي ان تسلسل ۾ منهنجي راء اها به آهي انهن ٻن مقبرن مان جيڪو هڪ وڏو مقبرو آهي, سو مير احمد خان ۽ مير محمد خان جي والد مير غلام محمد جو ٿي سگهي ٿو, مير شاهو جي وڏي پُٽ مير ڪرم خان جي فرزند مير محمد علي خان جي قبر جيڪا مير محمد خان جي مقبري واري احاطي ۾ موجود آهي, سا ان ڪڙي کي به هٿي ڏي ٿي ته مير شاهو جي وڏي پُٽ مير ڪرم خان ۽ ٻئي نمبر پُٽ مير غلام محمد خان جون قبرون عين ممڪن ان ئي قبرستان ۾ آهن, جيڪو قبرستان مير احمد خان جي نالي سان تاريخ ۽ ريڪارڊ جو حصو آهي, يعني مير شاهو جا ٻئي وڏا فرزند مير ڪرم خان ۽ مير غلام محمد ۽ پوٽا مير احمد خان ۽ مير محمد خان, سنڌ جي قديم تاريخي ماڳ فتح باغ ۾ ئي مدفون آهن, زبون حال ۽ لاوارث بڻيل اهي ٻئي مقبرا مير ڪرم خان, مير غلام محمد ۽ مير احمد خان سان منسوب ٿي سگهن ٿا, گهڻو عرصو اڳ انهن ٻنهي زبون حال مقبرن ۾ مون پنهنجي اکين سان ٻه ٻه قبرون ڏٺيون هيون, جيڪي هاڻي لٽجي چڪيون آهن, تاريخ جي عين ممڪن لڙي کي ملائيندي, آئون انهيءَ راء جو آهيان ته زبون حال ٻن مقبرن مان وڏو مقبرو مير ڪرم خان ۽ مير غلام محمد جو ۽ ٻيو ننڍو مقبرو مير احمد خان ۽ مير يامين جو ٿي سگهي ٿو. ائين ئي تايخ جي دز هٽندي رهي ته تصديقي تحقيق جو جهان وسيع ٿي سگهي ٿو. ولله اعلم باالثواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو