شاهواڻي ٽالپرن جو ناليوارو جاگيردار "مير علي بخش خان شاهواڻي ٽالپر".......اعظم ڀٽي

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ٽنڊو محمد خان جي شاهواڻي ٽالپر جي تاريخ تي جيڪا دز چڙهيل آهي, ان ڪيترن ئي ڪردارن کي ميرانجهڙو ڪري ڇڏيو, جيڪي ڪردار انگريزن سان جرئتمندي سان لکپڙهه ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا, انهن جي ڪردار کي الاء ته ڇو تاريخ ۾ مخفي رکيو ويو, ڇا ان سموري ڪاروهنوار ۾ شعوري هٿ شامل هئا يا اڃان ڪو ٻيو سبب برپا ٿيل هو, انهن ئي ڪردارن مان شاهواڻي ٽالپرن جو ناليوارو جاگيردار مير علي بخش خان ٽالپر به هڪ هو, مير علي بخش خان ٽالپر بن مير غلام شاهه بن مير مير ڪرم خان بن مير محمد خان بن مير غلام محمد بن مير شاهو خان ٽالپر, ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي ٽالپرن جو ناميارو جاگيردار ٿي گۡذريو, مياڻي جي جنگ جي سپهه سالار شهيد مير غلام شاهه شاهواڻي ٽالپر جو فرزند سندس حقيقي جانشين ثابت ٿيو , مير علي بخش خان ٽالپر جو جنم جي ڪا به تصديق شده تاريخ ته معلوم نه ٿي سگهي آهي پر اوڻويهين صديءّ جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ سندس جنم ڀاسجي ٿو, مير غلام شاھ شهيد جي شهادت کانپوء شاهواڻي ٽالپر خاندان جو جانشين جاگيردار سان گڏ سخي طبعيت جو مالڪ هو, هۡن نه رڳو انعامن اڪرامن ۾ جاگيرون ورهايون پر ان وقت پڙهيل لکيل ماڻهن کي وظيفا به ڏنا, مير غلام شاهه جي مياڻيءَ واري جنگ ۾ شهادت بعد سندس پۡٽ مير علي بخش سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ موجود جاگيرن جو وارث ٿيو, مياڻيءّ جي جنگ مان مير غلام شاهه شاهواڻي ٽالپر جي لاش کي وڏي مهارت سان کڻي ايندڙ سرائي پانڌي خاصخيلي کي هن ئي ديهه پٽ ڳاهي واري جاگير ۾ لڳ ڀڳ ساڍا چار سئو ايڪڙ زمين ڏني هئي, ڄاڻايل جاگير ملڻ بعد پانڌي سرائي خاصخيلي جي خاندان کي اها شڪايت هئي ته جاگير ۾ مليل زمين غير آباد آهي, جنهنکي آباد ڪرڻ جو ڪو وسيلو ناهي, ته پوء مليل زمين سندن ڪهڙي ڪم جي ! اهڙي قسم جي شڪايت بعد مير علي بخش خان کين زمين آباد ڪرائڻ لاء واهه ڪڍائي ڏنو, جيڪو اڃا به 'پانڌي واهه' جي نالي سان موجود ۽ مشهور آهي. مير علي بخش خان ٽالپر , پنهنجي والد شهيد مير غلام شاهه پاران 1255 هجري مطابق 1839ع ۾ درگاهه لۡواري شريف کي ڏنل ترائي جاگير جي سنّد کي نه رڳو قائم رکيو پر درگاهه لۡواري شريف لاء 17 شعبان 1259 هجري مطابق سيپٽمبر 1843ع تي هڪ ٻي سنّد پنهجي مۡهر سان لکي ڏني, جنهن ۾ ڏنل جاگير لاء لکيائين ته "اسانجو ۽ اسانجي اولاد جو ڪو به واسطو نه رهندو. " اهڙي سنّد درگاهه لۡواري شريف وارن وٽ اڃا تائين موجود آهي, کيس اها سخا پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي. برطانوي فوجن طرفان سنڌ جي فتح کان پوءِ ڪيترائي مير انگريزن جي وظيفن پويان لڳل هئا پر هن پنهنجي والد کي ملندڙ وظيفي جي دعوى بالڪل نه ڪئي. "سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ " ۾ آيل حوالي موجب ڪراچي جي ڪليڪٽر ڪيپٽن پريڊي 5 ڊسمبر 1853ع تي پنهنجي خط نمبر 1383 ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جھرڪ کي حڪم ڏنو ته مير علي بخش خان ٽالپر جي جاگير جي اتر ۽ ڏکڻ اڀرندي جي حدن جي تفصيل سان وضاحت ڪئي وڃي, ڇو ته هو جھرڪ جي ڀر پاسي واري سموري پوکڻ جوڳي زمين جو ٻيلي جي حدن اندر زمين سميت حڪومت جي باغ کان سواءِ ڍل ڏيڻ جو حقدار هو, انهيءَ لاءَ ته جنهن علائقي کي دٻيار چيو وڃي ٿو, تنهن جي سموري ايراضي حڪومت سان تعلق رکي ٿي, ڪيپٽن پريڊي جي 24 اڪٽوبر 1854ع تي اسسٽنٽ ڪمشنر جاگير ڪيپٽن گولڊ سمٿ ڏانهن موڪليل خط نمبر 21947 مان ظاهر ٿئي ٿو ته مير علي بخش خان ٽالپر جي جھرڪ واري جاگير کي ڪنيرا يا ڪنري چيو ويندو هو. ڪيپٽن گولڊ سمٿ ڪڙيو ڇٽ جاگير بابت لکيو ته "کوجنا مان معلوم ٿيو آهي ته ڪڙيو ڇٽ جي جيڪا زمين جاگير طور ڏيڻ جو پهه ڪيل آهي سا سنڌ جي فتح کان اڳ مير احمد خان شاهواڻي جي ماءُ کي ڏنل هئي انهيءَ سلسلي ۾ چيو وڃي ٿو ته اها ايراضي هن جي وفات تائين سندس قبضي ۾ هئي. بهرحال بخشش ڪندڙ مير علي بخش کي سند مڃيل جاگيردار هوندي, اهو به نٿو سمجھيو وڃي, تنهنڪري حڪومت جي خاص منظوري کان سواءِ هن جي نالي جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ٻي جي نالي ٿيل جاگير کي مڃي سگھجي ٿو." سر چارلس نپيئر طرفان مير علي بخش کي ڪڙيو ڇٽ جي جاگير ٻين سمورين جاگيرن سميت گُگا ۽ سعيد پور لان سوا جيڪي ان وقت ميرن جي تحويل ۾ نه هيون, پيداوار جي ڇوٿين پتيءَ جي ادائيگي هيٺ ان عام قائدي موجب منظور ڪري ڏنيون ويون, جيڪو قائدو انهن جاگيردارن جي مامري ۾ لاڳو ڪيو ويو هو, جن جا والدين مياڻي يا دٻي جي جنگ ۾ برطانوي فوج سان وڙهندي شهيد ويا هئا. اهڙيءَ ريت ميرن جي تحويل ۾ ٽن ضلعن ۾ ڪل ٽي لک ٻائيتاليهه هزار 722 بيگ ايراضي موجود هئي. 1857ع ۾ مير علي بخش خان درخواست داخل ڪئي ته پيداوار جي چوٿين پتي ڏيڻ جي ڀيٽ ۾ هن کي ستن سالن جي عرصي لاءِ مقرر رقم جي منظوري ڏني وڃي, انهيءَ ڏس ۾ هن جي دليلن ۾ کيس چڙ ڏيارڻ جي سببن ۾ ساڻس ٿيندڙ جٺيون شامل هيون ۽ حڪومتي ڪاروان طرفان سندس زمين تي ٿاڦيل خرچ مڙهيل هئا, هي ۽ ٻيون درخواستون ڏهن سالن جي تناسب پيداور جي چوٿين پتي وٺڻ جي قانون کي لاڳو ڪرڻ جو سبب بڻيون, هن سيلابي زمين واري سڄي جاگير تي حقابو لاءِ ٽي آنا في بيگ ۽ زمين جي ايراضي جي حوالي کان سواءِ ساڍا ٽي رپيا في چرخو يا سوا رپيو في هرلو جي ادائيگي ۾ ٿيندڙ سختين جي ڏس ۾ ڊگھي لکپڙهه ڪئي هئي, انهيءَ شڪايت کان پوءِ ڪجھ قانون لاڳو ڪيا ويا, 1858ع جي نبيري هيٺ مير علي بخش خان ٽالپر جي تحويل ۾ جيڪي جاگيرون هيون تن جي ڪجهه شرط هيٺ توثيق ڪئي وئي, جن جي حيثيت ۾ سندس فطري زندگي جي عرصي لاءِ وفادار ۽ سچار رهڻ تائين مداخلت نه ڪرڻي هئي پر هن جي وفات کان پوءِ سندس لاتعداد جاگيرن جي 342722 ايراضيءَ منجھان ڇوٿون حصو سرڪاري تحويل ۾ وڃڻ جي خيال کان 85742 بيگ ايراضي تخفيف ڪئي وئي. جڏهن ته هن جي وارثن کي باقي رهيل هڪ لک ايڪهتر هزار ٽي سئو بيگ ايراضيءَ واريون جاگيرون توثيق ڪري ڏنيون ويون. ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي ٽالپر خاندان جي ڪيترن ئي جاگيردار فردن جي ذاتي زندگيءّ جو ڪو تفصيلي احوال نه ملي سگهيو آهي, ان جا سبب اهي ساڳيا آهن, جيڪي شاهواڻي ٽالپرن جي تفصيلي تاريخ لاء مهڻو بڻيل به آهن ته حيرت ۽ افسوس جو مقام به آهن, ڇا واقعي اهو دور تاريخ جي سهيڙ لاء ڏۡڪر وارو دور هو, جو ٽالپر قبيلي جي چوٿون نمبر اهم شاخ جي جاگيردار ڪردارن کي تاريخ جي صۡفحن ۾ محفوظ ڪرڻ لاء ڪنهن جي به قلم ۾ جۡنبش نه آئي, خبر ناهي ته انهن لکارين جون لکتون به ڪيڏانهن ويون, جيڪي اهڙن جاگيردارن کان باقاعده وظيفو به وٺندا هئا, شاهواڻي ٽالپرن جو هي اهم ۽ بااثر ۽ سخي فرد, مير علي بخش ٽالپر 17 رجب 1286 هجري مطابق 23 آڪٽومبر 1869ع تي خميس جي ڏينهن وفات ڪري ويو, کيس سندس وصيت موجب لۡواري شريف بدين جي قبرستان ۾ ڏکڻ پاسي لنواري شريف جي روضه مبارڪ جي پيرانديءّ وٽ مٽيءّ ماءۡ حوالي ڪيو ويو, مير علي بخش ٽالپر جي وفات کانپوء سندس جانشين سندس فرزند آنريبل مير الهه بخش خان ٽالپر بڻيو . جنهن خۡوب اوج به ماڻيو ته وري وڏو نالو به ڪمايو.
    حوالا :
    * حسين بادشاهه ,سنڌيڪار: "سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ " , روشني پبليڪيشن, 2005ع
    * کتري, حڪيم محمد يوسف, ويب سائيٽ "مير محمد خان وارن جون جاگيرون", قائم شده 3 مارچ 2009ع
    * جوڻيجو, سائين بخش قبولائي, "سڄڻ ڏٺو جن " جلد ٻيون, حضرت سلطان الاولياءّ قدس سره اڪيڊمي, ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو, ڇاپو پهريون آگسٽ 2010ع
    * جوڻيجو, سائين بخش قبولائي, "سڄڻ ڏٺو جن " جلد ٽيون, حضرت سلطان الاولياءّ قدس سره اڪيڊمي, ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو, ڇاپو پهريون مئي 2011ع
    * مير ڪاظم رضا ٽالپر سان سينا بسينا منتقل ٿي ڳالهين بابت ڪچهريون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو