• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زندگي کُٽي پئي (آڪاش انصاري)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
کُٽي سگهيو نہ سفر، زندگي کُٽي پئي
نہ آيو ماڳ نظر، زندگي کُٽي پئي

سڄي عُمر جوانيءَ جي جوش ۾ گذرِي؛
ھوش ۾ پيئي خبر، زندگي کُٽي پئي.

پيارَ جِي ناؤ ٽُٽِي پئي، تہ وڇوڙي ٻوڙيو
لُڙھي پُڳاسين ڪَپَر، زندگي کُٽي پئي

نيٺ احساس ٿيو، توکي منھنجي چاھت جو
تون تہ آئي آن مگر! زندگي کُٽي پئي.
 
Back
Top