زندگي کُٽي پئي (آڪاش انصاري)

'شاعري' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2021۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    کُٽي سگهيو نہ سفر، زندگي کُٽي پئي
    نہ آيو ماڳ نظر، زندگي کُٽي پئي

    سڄي عُمر جوانيءَ جي جوش ۾ گذرِي؛
    ھوش ۾ پيئي خبر، زندگي کُٽي پئي.

    پيارَ جِي ناؤ ٽُٽِي پئي، تہ وڇوڙي ٻوڙيو
    لُڙھي پُڳاسين ڪَپَر، زندگي کُٽي پئي

    نيٺ احساس ٿيو، توکي منھنجي چاھت جو
    تون تہ آئي آن مگر! زندگي کُٽي پئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو