ڏھ لک چريا

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڏھ لک چريا

    رحمت الله ماڃوٺي

    منهنجي پير ۾ سنگھر پيل آهي جنهن جو ٻيو ڇيڙو پلنگ سان ٻڌل آهي. سامهون ديوار تي نفسياتي وارڊ نمبر 2 لکيل آهي ۽ مونکي هتي هي ٽيون ڏينهن آهي، يا شايد ٽين رات، پڪ سان نٿو چئي سگهان. هتي رات ڏينهن هڪجهڙا ٿي ويا آهن
    سامهون واري پلنگ تي ٻڌل چريو اڄ مون سان وڙهيو هو.
    چيائين؛ آئون تنهنجي دوست کي قتل ڪري ڇڏيندس.
    مون پڇيو ؛ ڇو! منهنجي دوست تنهنجو ڪهڙو ڏوه ڪيو آهي؟
    ڪجهه دير سوچي چيائين ؛ ڏوھ ته ڪو ڪونه ڪيو اٿائين پر پوءِ آئون وزير ٿي ويندس.
    ان مهل ڊاڪٽر کيس نشي جي سئي هنئي هئي ۽ هو گاريون ڏيندو نيٺ ننڊ پئجي ويو.
    مون ڊاڪٽر کي چيو؛ مونکي سنگھرن سان ڇو ٻڌو اٿوَ. آئون هڪ شريف شهري ۽ بزرگ ماڻهو آهيان. نه ڪو ڏوھ ڪيو آهي، نه ڪنهن کي ڪو نقصان پهچايو آهي.
    ڊاڪٽر چيو؛ تو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي... ٽن ڏينهن ۾ پنج ڀيرا، جيڪڏهن تون ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃين ها ته تون ڪو وڏو نقصان ڪري پئي سگھين.
    آئون صرف ڪلفٽن ٿاڻي تي وڃان ها ڊاڪٽر صاحب.
    مون عاجزيءَ مان چيو
    پوء ته اسان جو خدشو درست آهي.
    ڊاڪٽر ويجهو اچي فائل ڏسندي چيو ؛ تنهنجو ڪو والي وارث!
    ٻه پٽ آهن، پر ملڪ کان ٻاهر آهن،
    ڪراچي ڪنهن وٽ آئين؟
    پنهنجي دوست سان ملڻ. منهنجو هتي هڪڙو ئي دوست آهي، ننڍپڻ جو سنگتي. حال محرم.
    نالو؟
    منهنجو يا دوست جو؟
    دوست جو، نالو ۽ فون نمبر؟
    نالو سمنڊ. منهنجي دوست سمنڊ وٽ فون آهي يا نه، مونکي خبر ناهي، ملي ئي نٿو، ملي پوي ها ته.... آئون ڇو شهر ۾ خوار ٿيان ها ۽ ڪلفٽن پوليس جو آفيسر مونکي هتي ڇو پهچائي ها. منهنجي سنگھر کوليو. مونکي وڃڻ ڏيو
    مونکي وڃڻ ڏيو.... هي، هي ڇا ٿا ڪريو.؟
    ڊاڪٽر جي اشاري تي اسٽاف جا ماڻهو مونکي جهلي بيهي رهيا. ڊاڪٽر منهنجي آڱر جهلي هڪڙي پلاسٽڪ جي چپٽيء ۾ هنئي، جنهن جي هڪ تار ڪمپيوٽر ۾ لڳل هئي. ڊاڪٽر ڪمپيوٽر ڏسڻ لڳو ۽ هڪڙي نرس مونکي سئي هڻڻ لڳي.
    توهان هي ڇا ٿا ڪريو
    آئون احتجاج ٿو ڪريان
    توهان هڪ شريف ۽ وڏي عمر جي ماڻهوء سان هي ظلم پيا ڪريو. هڪ اهڙي بيماريء جو علاج پيا ڪريو ، جيڪا مونکي آهي ئي ڪانه. ڇڏيو مو.. نکي.. ڇ... ڏ ي...
    آئون شايد سمهي پيس.
    اڄ جڏهن مونکي ڌونڌاڙي اٿاريو ويو ته هڪ پليٽ ۾ مون لاءِ ٻاڦيل بيدو ۽ ٻه سلائس ، همراه جي هٿ ۾ هئا.
    طبعيت ڪيئن آهي؟ نيرن آڻيندڙ همراه پڇيو.
    منهنجي طبعيت ته ٺيڪ آهي پر توهان کي ۽ سڄي ڪراچيء کي علاج جي سخت ضرورت آهي.
    وٺ کاءُ.
    مون اهڙي نيرن سڄي زندگي نه ڪئي آهي، کڻي وڃو.
    مون وڌايل پليٽ کي ڌڪيندي چيو.
    وري به ٻه ٽي ڄڻا اچي ويا. مونکي لوه ڪري زوري وات ۾ گرهه وجهڻ لڳا.
    ڏاڍي تڪليف پئي ٿي مونکي، جو وات ۾ گرهه هئڻ ڪري کين گاريون نه پئي ڏئي سگهيس.
    زوري تعليم منهنجي ٻڌل هئي پر اڄ زوري نيرن مون پاڻ ڏٺي.
    هو پنهنجو ڪم ڪري هليا ويا.
    سامهون ٻن نيئرن ۾ ٻڌل چرئي وري مون سان ڳالهايو
    توکي خبر آهي ماءُ جي؟
    ڪنهن جي ماءُ؟ مون پڇيو.
    صفا ڪو چريو آهين، ماء جي ڳالھ ٿو ڪريان، ماءُ، ڪنهن جي به ماءُ.
    ها ماء جي خبر آهي.
    توکي اها خبر آهي ته ماءُ جي مرڻ سان سڀ رشتا مري ويندا آهن؟
    مونکي خبر ناهي.
    مون جان ڇڏائڻ واري ڪئي.
    "ته پوءِ تنهنجي ماء زنده هوندي، تڏهن توکي خبر ناهي. مونکان پڇ، منهنجي ماء مري ويئي. آئون امان امان ڪري رستن تي امان کي ڳولڻ لاء ڊوڙندو هئس ته منهنجي ڀائرن مونکي هتي پهچائي ڇڏيو."
    هن ٽهڪ ڏنو. "مونکي خبر هئي ته ماء جي مرڻ سان سڀ رشتا مري ويندا آهن، تنهن ڪري مون ڀائرن کي ڪجهه نه چيو... جڏهن خبر هجي ت پوءِ ڪنهن تي ميار ڇو ڪجي.... "
    چرئي اوڇنگار ڏني.
    مون پاڻ تي ضبط ڪندي لوڻو ڦيري ڇڏيو.
    ٽيهن سالن کان پوءِ ڪراچي موٽي اچڻ، هتي منهنجي بيماري ليکي پئي وڃي. سِڪ کي نفسياتي مرض چئي مونکي هن اسپتال ۾ چرين سان گڏ رکيو ويو آهي، ڪلھ کان پير ۾ زنجير به وجهي ڇڏي اٿن.
    مون پاڻ کان پڇيو؛ سمنڊ جي سڪ نه لڳي ها ته!
    ته پوءِ آئون ماڻهو ئي نه ليکجان ها.
    مون پاڻ کان ڪيل پنهنجي سوال جو جواب ڏنو.
    ٽيهن سالن کانپوءِ موٽي، آئون پنهنجي يار سمنڊ سان ملڻ ڪلفٽن پهتو هئس. مونکي اها پٿر جي ٺهيل ڇٽي نظر نه آئي، جنهن جي هيٺان آئون اڪثر بيهندو هئس. ماڻهو ان کي هوابندر چوندا هئا ۽ آئون ان کي سمنڊ جي ڏيڊي چوندو هئس. ڀر کان ٺهيل پٿر جي خوبصورت راهداري مون لاء سمنڊ جي اڱڻ جو گس هئي.
    مونکي ڇٽي نظر نه آئي.
    راهداري به ڏسڻ ۾ نه پئي آئي.
    ڇا آئون غلط جاءِ تي آيو آهيان؟
    ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي سمنڊ جو رستو منهنجي پيرن ۾ چراب وانگر پورو ايندو آهي.
    مون اتان گذرندڙ هڪڙي همراھ کي روڪيو؛ ٻڌو سر! هتي منهنجو دوست سمنڊ هو. توهان کي ڪا خبر آهي ته ڪيڏانهن ويو. جتي هينئر ڪاري گاڏي بيٺي آهي، اتي سندس گهر جو در هو ۽ هوُ پريان جتي جايون ٺھيون پيون آهن، اتان منهنجي دوست سمنڊ جي اڱڻ جو رستو هو.
    هن ڪجهه پل مونکي ڏسندي چيو؛ ڪهڙي پلازه ۾ رهندو هو، ڪهڙن فليٽن ۾؟
    ڪمال ٿو ڪرين يار! سمنڊ فليٽ ۾ رهي سگهي ٿو ڇا.
    همراه جي فون جي گهنٽي وڳي فون اٽينڊ ڪرڻ کان اڳ چيائين؛ معاف ڪجو آئون هتي نئون آهيان.
    ايئن چئي هو فون تي ڳالهائيندي هليو ويو.
    سچ ته چيائين ٿي. نئين ماڻهوءَ کي ڪهڙي خبر، ڪراچيء جو سمنڊ ڪير !
    مون ڏٺو، هڪ همراه بانسري ۾ لتا جي گاني جي ڌن وڄائيندي پئي آيو؛ پنکھ ہوتے تو اڑ آتی رے رسیا او ظالما....
    وٽس وڪڻڻ لاءِ بانسريون هيون.
    مونکي هو پنهنجو لڳو. منهنجي دوست سمنڊ سان آئون حال احوال اوريندو هئس ته اهڙا ماڻهو نظر ايندا هئا.
    هي سرائيڪي پئي لڳو. ٽيھ سال اڳ به ڪو اردو ڳالهائيندڙ ، سنڌي يا مڪراڻي مونکي بانسري وڄائيندي نظر نه ايندو هو. سرائيڪي يا پنجابي ڳالهائيندڙ ئي هوندا هئا. مونکي يقين ٿي ويو ته، هي منهنجي دوست کي ضرور سڃاڻندو هوندو. جڏهن منهنجي ڀر مان لنگھيو ته مون کيس سلام ڪيو. هن مونکي گرهاڪ سمجهيو.
    صاحب! بانسري ڏيان؟
    آئون توکان سڀ بانسريون خريد ڪري وري توکي ئي ڏئي ويندس. بس! مونکي ڏس ڏي ته سمنڊ ڪٿي آهي.
    صاحب! سڌو سامهون هليا وڃو. هن ڏس ڏنو.
    پر اڳ ته هتي هو. سندس گهر جو دروازو هتي هو.
    سائين! اڳ جي خبر ناهي، اڄڪلھ سمنڊ هتان کان پري آهي.
    تون مون سان گڏ هلي، منهنجو دوست سمنڊ مون سان ملائي سگھين ٿو؟
    صاحب! ٿڪجي پيو آهيان، وري واپس ايترو پنڌ نه ڪري سگهندس. بانسري وٺو صاحب.
    هن منٿ واري انداز ۾ چيو.
    توکي پنڌ نه، رڪشي ۾ وٺي وڃان ته؟
    هن ڪجهه سوچيندي چيو ؛پوء سڀ بانسريون وٺندا؟
    ها بلڪل. منهنجي دوست سمنڊ تان هي پئسا قربان .
    مون رڪشي کي روڪيو. روڪيو ڇا ڳالهايو. هو اتي ئي بيٺل هو.
    آئون ۽ بانسري وارو رڪشي ۾ ويٺاسون. رڪشو هلڻ لڳو. ڪجهه اڳتي ٿياسين ته اڏامندڙ واري اسان جوآڌر ڀاء ڪرڻ لڳي.
    ٻه ڪلوميٽر کن اڳتي هلي. هن رڪشي واري کي بيهڻ جو چيو.
    مون رڪشي واري کي پئسا ڏنا. بانسري وارو روڊ ڪراس ڪرڻ لڳو. آئون به سندس پويان هلندو، گاڏين کان بچندو روڊ جي ٻئي طرف آيس . هڪ فوٽ پاٿ تي چڙهي هن اشارو ڪيو؛ هي آهي سمنڊ.
    مون هڪ نظر اوڏانهن وڌي. ڪاوڙ وٺي ويم.
    توسان منهنجو مذاق يا کل ڀوڳ وارو تعلق آهي ڇا؟
    هن پريشان ٿي چيو؛ نه صاحب! پر مون ڪهڙو مذاق ڪيو!
    توکي مون چيو؛ مونکي سمنڊ ڏيکار ۽ تون....
    سائين! اهوئي ته آهي سمنڊ. هن ڊڄندي چيو.
    هي ته واريء جو سمنڊ آهي. مون توکي پاڻيء جي سمنڊ جو چيو هو.
    ها صاحب واريء مان اڳتي هليا وڃو. پوء پاڻي ايندو... بانسريون صاحب؟
    مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. مون پڇيو؛ سڀني جا گهڻا پئسا؟
    هن دل ئي دل ۾ حساب ڪري چيو؛ ٿيندا ته وڌيڪ، پر توهان کان پنج سو رپيا وٺندس.
    مون کيس پنج سو رپيا ڏنا. هن مونکي بانسريون ڏيڻ گهريون پر مون منع ڪئي.
    آئون واريء ۾ هيٺ لٿس. بانسري وارو هاڻ ريشمان جو ڳايل
    شہر بمور دی کڑیو , تسی نک وچ نتھ نہ پائیو
    میں بھل گئی , تسی بھل نہ جائیو،
    یاری نال بلوچ نہ لائیو
    ہائے او ربّا ! نئیں لگدا دل میرا سجناں باج ہو یا ہنیرا......
    ڌن وڄائڻ لڳو.
    مون آسپاس ڏٺو. ڊمپر مٽي لاهيندا ٿي ويا. ڪجهه ماڻهن فيتون کنيو ماپون پئي ڪيون . آئون اڳتي وڌندو ٿي ويس
    پري کان پاڻي نظر آيو. مون وري پوئتي مڙي ڏٺو، تمام وڏيون بلڊنگون ٺهي چڪيون هيون. مونکي هاڻ گرمي ٿيڻ لڳي. پڪ ٿي وئي ته هي منهنجو يار سمنڊ ناهي. سمنڊ آهي ته به ڪو ٻيو آهي. هوا منهنجي دوست سمنڊ جي ڀيڻ هئي
    سمنڊ کان اڳ اها ڀليڪار ڏيندي هئي.
    هلندو هن ڌارئي سمنڊ ويجهو پهتس.
    متان هي اهو ساڳيو سمنڊ هجي! منهنجي ذهن ۾ خيال آيو.
    مون سمنڊ تي آيل ماڻهن کي ڏٺو. آيل ماڻهو سمنڊ جو اولاد نه هئا.
    مونکي هڪ جوڳيء جي سمجهايل ڳالھ ياد آئي؛ نانگ ٻوڙو ٿيندو آهي، مرلي ٻڌندو ئي ناهي.
    ته پوءِ جهومندو ڇو آهي ۽ لڪيل هوندو آهي ته مرليء جي آواز تي ٻاهر ڇو نڪري ايندو آهي؟ مون پڇيو هو
    جوڳيءَ وراڻيو؛ مرليء ۾ منتر پڙهندا آهيون. مرلي نه، منتر نانگ کي قابو ڪندو آهي.
    مونکي شڪ پيو بانسري وارو، سموريون بانسريون خريد ڪري، وري کيس ئي ورائي ڏيڻ جي لالچ ۾، مون تي منتر ڦوڪي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ته نه وٺي آيو آهي.
    پڪ ڪرڻ لاءِ ڪلفيون وڪڻندڙ سائيڪل جهڙي سواري تي ميوزڪ وڄائيندڙ همراه، جيڪو مونکي اردو ڳالهائيندڙ پئي لڳو، تنهن کي چيم؛ ادا! مون تي جادو ٿيو آهي.
    هن جي چهري تي ڳڻتي ظاهر ٿي، پر هن ڪو جواب نه ڏنو.
    مون وري چيو؛ هن وقت آئون ڪابل شهر ۾ سمنڊ تي آهيان نه؟
    حيرت مان چيائين؛ ڪابل ۾ سمنڊ ناهي. توهان ڪراچيءَ جي سمنڊ تي آهيو.
    ته پوءِ هتي ڪراچيءَ جا ماڻهو ڇو ڪونه آهن... هو ڏسو، هوڏانهن هو ڏسو، سڀ ڏسو هي ته ڪابل جا ماڻهو .. مون ماڻهن ڏانهن اشارو ڪري وري قلفي واري ڏانهن ڏٺو ته، هُو سائيڪل تي اڳتي نڪري چڪو هو.
    پر مونکي يقين ٿي ويو ته جيڪڏهن هي ڪراچي ئي آهي ته پوءِ هي منهنجو دوست سمنڊ ناهي. هي ته موت جي بستري تي آخري ساه کڻندڙ، مرندڙ سمنڊ آهي. منهنجو سمنڊ جوان هو. هُو، چانڊڪيء سان عشق ڪندو هو. چنڊ جڏهن سورهن سينگار ڪري آسمان جي دريء مان ليئو پائي سمنڊ کي ڏسندو هو ته، سمنڊ خوش ٿي لهرن کي رقص ڪرڻ جو چوندو هو. لهرن جو رقص چنڊ کي ريجهائي وجهندو هو. مون پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، رات جي پوئين پهر جڏهن سڀ سمهي رهندا هئا ته چنڊ سنجوڳ لاء سمنڊ ۾ لهي ايندو هو. هي منهنجو سمنڊ ناهي، منهنجو سمنڊ چورائجي ويو آهي. سمنڊ جي ڀيڻ هوا هنن ٺهيل اوچين بلنڊنگن ۾ ناحق بند آهي . ٿي سگهي ٿو کيس ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو هجي. جيئن ته اهڙيون وارداتون حڪمران پارٽيء جا ماڻهو ڪندا آهن، تنهن ڪري قانون سندن ٻڌو ٻانهو بڻيل آهي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته سمنڊ کي لاڙڪاڻي يا نوابشاه کڻائي ويا هجن. اهو به ممڪن آهي ته ٽن دريائن وانگر سمنڊ به پاڙيسرين کي وڪرو ڪري ڏنو ويو هجي. مون ڏٺو اڳ وانگر اُٺ ۽ گهوڙا هڪلي ٻارن کي چڪر هڻائيندڙ جوکيا ۽ جاکرا به اتي ڪونه هئا، منهنجون ساڻن ڪچهريون ٿيل هيون، هنن مان گهڻا پير لطف الله جنهن کي پير پکو به چون، جا عقيدتمند هئا. هڪ ڀيري جڏهن مون پنهنجي سائين پير علي مير جو نالو کنيو هو ته هو مونکي پير ڀائي چئي ڳالهائيندا هئا. پر هاڻ منهنجا پير ڀائي ڪٿي به نه ھئا، هن ڌارئي سمنڊ تي چئن ڦيٿن واريون ننڍڙيون گاڏيون افغان ڇوڪرن ٽرڙائپ سان پئي هلايون.
    ڪو هڪ اهڃاڻ به اڳ وارو نه هو. ڪراچيءَ جا اصل رهواسي، منهنجي دوست سمنڊ جو اولاد آهن. هنن پنهنجي وڏڙي جي ڳولا ۽ بازيابي لاءِ ڇو ڪجهه ناهي ڪيو ۽ هوا کي بلنڊنگن مان بازياب ڪرائڻ لاءِ ڇاپو ڇو ناهي هڻايو.
    وري مونکي خيال آيو. بجيٽ ۾ پنج رپيا وڌڻ تي هي شهر سڄي ملڪ پاران اٿندو هو، سو پوء فقط تنظيمي مسئلن لاءِ اٿڻ لڳو هو ۽ سمنڊ تنظيمي مسئلو نه هو. اهڙي سياست جي ڪري مون ملڪ ڇڏي ڏنو هو.
    "پر هاڻ ته موٽي آيو آهين! تون سمنڊ جو دوست آهين. تون ڇو نٿو سمنڊ لاءِ ڪجهه ڪرين!"
    مون پاڻ کي چيو.
    سمنڊ لاءِ سڀڪجهه ڪري گذرڻ جو فيصلو ڪري ورتم . پهرين مرحلي ۾ مونکي قانون جي مدد وٺڻي هئي. آئون واپس وريس، واريء جو سمنڊ اُڪري آئون روڊ تي آيس . گرميء ۾ منهنجو فل سوٽ پُسي چڪو هو.
    روڊ تي پوليس جي موبائل بيٺي هئي.
    مون سلام ورايو. گاڏيء ۾ اڳين سيٽ تي ويٺل صاحب، منهنجي سلام جو جواب ڏيڻ بدران، سوالي نظرن سان مونکي ڏٺو.
    مون چيو؛ آفيسر! مونکي ايف آئي آر ڪٽرائڻي آهي.
    ڇا جي؟ آفيسر پڇيو
    گمشدگي، چوري ۽ ناحق بند جي.
    ايف آئي آر موبائل ۾ نه، ٿاڻي ۾ ڪاٽي ويندي آهي. ٿاڻي تي وڃ.
    مونکي پوليس آفيسر جي ڳالھ مناسب لڳي. آئون پنڌ ئي پنڌ ڪلفٽن ٿاڻي تي پهتس.
    مونکي سُوٽ ۾ ڏسي، ايس ايڇ او اٿي بيهي مليو.
    حڪم سر؟ پوليس عملدار مونکي چيو، پهرين پنهنجو تعارف ڪرائيندا.
    منهنجو نالو طفيل مفلس آهي. مون پنهنجو نالو ٻڌايو
    ڪٿي رهندا آهيو؟
    ڪراچيءَ جو آهيان پر گذريل ٽيهن سالن کان انگلينڊ ۾ هئس.
    بهترين، هتي رکيو ئي ڇا آهي، ڪو مستقبل ئي ناهي هن ملڪ جو ، توهان ڀلو ڪم ڪيو. مون به سوچيو آهي پهرين ٻارن کي هتان شفٽ ڪريان، پوءِ نوڪري مان رٽائر ٿي آئون به نڪري وڃان. بس پئسا گڏ ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهيان. سر! توهان ٻاهر شفٽ ٿيڻ ۾ مون سان ڪهڙو تعاون ڪري سگهندا؟
    آئون ٻاهران کان ڪراچي شفٽ ٿي آيو آهيان آفيسر.
    پر ڇو سر؟ پوليس آفيسر مون کان پڇيو.
    مونکي ميوا شاھ سڏايو آهي.
    "ميوا شاھ" . آفيسر ڪجهه سوچيندي چيو؛ نالو ٻڌل ٿو لڳي، شايد ڪو ايم پي اي يا ايم اين اي صاحب آهي.
    جي نه، قبرستان آهي.
    اوہ، توهان کي قبرستان سڏيو آهي، توهان فقط انهيء لاء آيا آهيو.؟
    جي... ۽ مونکي منهنجي دوست سان به ملڻو هو. توهان وٽ انهيء سلسلي ۾ آيو آهيان.
    توهان جي دوست جي پوسٽنگ هن ٿاڻي تي آهي ڇا؟
    نه، منهنجو دوست گم ٿي ويو آهي ۽ سندس ڀيڻ به ڪٿي يرغمال بڻيل آهي.
    "اوہ، ڏسو سر! ". پوليس آفيسر جو لهجو ڪجهه بدلجي چڪو هو ۽ هن مونکي گُهوري به ڏٺو؛ عام حالتن ۾ جيڪڏهن، ڪو اهڙي شڪايت کڻي ايندو آهي ته اسان جو پهريون شڪ ڏانهس ئي ويندو آهي. دوست جي ڀيڻ سان عشق ۾، ٻئي سازش ڪري، ڀاء کي ماري، ڇوڪري ڪٿي لڪائي، پوليس کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر مجرم ڪيترو به چالاڪ هجي قانون کان بچي نه سگهندو آهي.
    پوليس آفيسر روايتي فلمي ڊائلاگ هنيو.
    مون شڪايت ڀريل نظرن سان کيس ڏٺو ته هن لنوائيندي چيو؛ توهان محرر وٽ وڃي ايف آئي آر ڪٽرايو، آئون کيس فون تي چوان ٿو ته توهان سان تعاون ڪري.
    آئون ٻاهر نڪري آيس. دروازن تي لڳل نيم پليٽ ڏسندو آئون هيڊ محرر جي ڪمري ۾ پهتس.
    هن فون تي" بي فڪر ٿيو سر "چئي رسيور رکيو ۽ مونکي ڏسڻ لڳو.
    ويهي سگهان ٿو؟
    ها ويهو... جي ڇا مسئلو آهي؟
    منهنجو دوست گم ٿي ويو آهي. شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، سندس ڀيڻ به گم آهي.
    "اوہ.".هن ايئن چئي سامهون رکيل بدحال رجسٽر کي کوليو. پين جو ڍڪ وات سان لاهيندي پڇيو؛ گم ٿيل دوست جو نالو؟ "سمنڊ."مون دوست جو نالو ٻڌايو. کيس ڄڻ ڪجهه ياد آيو. چهري تي مُرڪ اچي ويس.
    اسان ڏي هڪ مشهور ماڻهو هو، سمندر خان سمندر. پشتو شاعري ڪندو هو. ٽي وي لاءِ ڊراما به لکندو هو. دلچسپ ماڻهو هو,جهونڙو. پهاڙن ۾ گهمندي کيس ذهن ۾ ڪي سِٽون آيون ۽ وٽس پين پنو نه هوندو هو ته ڪنهن پٿر تي، ڪنهن ڀرندڙ پٿر سان اهي سٽون لکي ڇڏيندو هو ۽ شام جو اهو پٿر مٿي تي رکي گهر موٽندو هو. ڏاڍو دلچسپ ماڻهو هو. خير... توهان جي دوست جو پورو نالو؟
    "سمنڊ" بس اهوئي نالو هئس.
    منهنجو مطلب آهي ته سمنڊ خان، عبدالسمنڊ يا ڪجهه ٻيو.؟ پشتو لهجي واري محرر مون کان پڇيو.
    نه، فقط سمنڊ.
    اڇا، ڪڏهن کان گم آهي؟
    چئي نٿو سگهان، آئون ٽيهن سالن کانپوءِ ڪراچي آيو آهيان. مون کيس ٻڌايو.
    اهو ته تمام وڏو عرصو آهي، ممڪن آهي گذاري ويو هجي. هن شڪ ظاهر ڪيو.
    "نه، ايئن نٿو ٿي سگهي "
    سندس عمر ڪيتري هئي؟
    "جيتري ڌرتيء جي عمر آهي "
    کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. پر هن پهريون ڀيرو مونکي شڪي ٿي ڏٺو.
    ڪٿي رهندو هو، ڪهڙن فليٽن ۾؟ هن مونکي گھوريندي پڇيو.
    منهنجو دوست ڪنهن به فليٽ ۾ رهي ئي نٿي سگهيو. اھي ماڻھو ئي نه رهيا آهن جيڪي سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪري سگهندا هئا... هاڻ ته جن وٽ ڪوزا آهن سي ڪوزن کي سمنڊ بڻائي پيش ڪندا آهن. مون بيزاريء مان چيو.
    اندازو ڪيم ته کيس منهنجي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي.
    هن وري گھوريندي پڇيو؛ ۽ سندس ڀيڻ... ڇا نالو ٻڌايو توهان؟
    هوا.
    ها، ته حوا جا توهان سان تعلقات ڪهڙي نوعيت جا هئا، توهان سچ ڳالهائيندا ته اسان کي ڪيس حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي... انسان آهي عشق محبت ڪندو رهندو آهي....
    هن آخر ۾ اک ڀڳي.
    "توهان بلڪل نه پيا سمجهو آفيسر! هوا منهنجي دوست جي ڀيڻ هئي، منهنجي هوء ڀيڻ هئي ته ماء پڻ. هوءَ منهنجي بهترين دوست هئي.جنهن کي ناحق بند ڪيو ويو آهي،" ناحق بند" جنهن کي وڪيل ۽ توهان پوليس وارا حبسِ بي جا چوندا آهيو... توهان ڏسو نه پيا ته شهر ۾ ڪيترو حبس آهي، گهُٽ ٻوسٽ آهي. "
    مون کيس سمجهائڻ جي ڪئي.
    توهان جي خيال ۾ مسمات حوا کي ڪنهن بند ڪيو آهي، ڪنهن تي ڪو شڪ؟
    شڪ نه، پڪ آهي ته هوا کي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ بلڊنگون اڏيندڙن بند ڪيو آهي.
    توهان ڪهڙي حوا جي ڳالھ پيا ڪريو، جنهن کي واءُ چئون اها؟
    ها بلڪل، سي بريز، هوا، واء، جيڪو سمجهو پر هوءَ ناحق روڪ، ناحق بند آهي، حبسِ بي جا ۾ آهي.
    اوہ! ته پوءِ توهان جو دوست سمنڊ به اهوئي سمنڊ آهي جنهن ۾ ٻيڙيون ٿيون هلن؟
    جي بلڪل اهوئي منهنجو دوست آهي.
    مون دل ئي دل ۾ الله جو شڪر ادا ڪيو جو منهنجي ڳالهه پهريون ڀيرو سمجهي وئي هئي. مون اميد ڀريل نظرن سان محرر کي ڏٺو. هُو ڪرسيء تان اٿيو.
    "ويٺا هجو، آئون هڪ منٽ ۾ اچان ٿو" . ايئن چئي هو ٻاهر هليو ويو. سندس چيل هڪ منٽ، جڏهن ڏھن منٽن جو ٿيو ته هو آيو، ساڻس گڏ اهو آفيسر به هو، جنهن سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي.
    هن آفيسر ڪاوڙ مان چيو؛ توهان کي سياست ڪرڻي آهي ته جلسن ۾ ڪريو، پوليس جو وقت قيمتي آهي، وري ٻيهر توهان کي ٿاڻي ۾ نہ ڏسان. وڃي سگهو ٿا.
    هن آخري ٻه لفظ ايترو زور سان چيا جو آئون ڇرڪي اٿي بيهي رهيس.
    هن پنهنجي ڳالھ جاري رکي؛ سمنڊ ڪناري بلڊنگون اڏجڻ اسان جو ڪيس ناهي، توهان ميئر سان وڃي ملو.
    ايئن چئي هو هليو ويو ۽ مونکي به ٿاڻي کان ٻاهر نڪرڻو پيو.
    هاڻ مونکي ميئر سان ملڻو هو. وڏين ڪوششن کانپوءِ ساڻس ملاقات ٿي. جڏهن مون کيس سمورو قصو ٻڌايو ته هن چيو؛ مونکي خبر ئي ناهي ته هي زمين ڪير ٿو الاٽ ڪري. زمين روينيو، ضلعي ڪائونسل، ريلوي، نيويءَ جي آهي يا اسان جي، مونکي ڪا خبر ناهي.
    "پر ھيڏيون ڊگهيون بلڊنگون جن هوا کي روڪيو آهي سي ته توهان روڪي سگهو ٿا".
    مون ميئر کي سندس فرض ياد ڏيارڻ گهريو.
    نه، نٿا روڪي سگهون بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي خود مختيار آهي ۽ هي سموريون اڏاوتون قانوني آهن.
    "پوءِ ته هي قانون ئي ظلم آهي" . مون مايوسيء مان چيو.
    مونکي هاڻ توهان جي ڳالھ جو سبب سمجھ ۾ اچي پيو، توهان انهن ماڻهن مان آهيو جن مظاهري دوران باھ لڳائي هئي. ميئر شڪي ٿيندي چيو
    نه سر! آئون ڪراچيء ۾ ٽيهن سالن کان پوء ڪلھ آيو آهيان.
    هون.. ڏسو مسٽر. مان هن شهر جو فرزند آهيان، مونکي احساس آهي....
    "توهان شهر جا فرزند آهيو ته پوءِ توهان هن سمنڊ جو به ته اولاد آهيو. ڪجهه ڪريو پليز." مون هٿ ٻڌا.
    "اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون... ها، هڪڙو ڪم ڪريو، توهان ميڊيا تي هي اشو کڻو. ماحول تيار ٿي ويو ته ڪورٽون ۽ حڪومتون هيرا ڦيري بدران هيرو گيري جي چڪر ۾ ڪجهه ڪري سگهن ٿيون" . ميئر صلاح ڏني. ڳالھ مونکي به دل سان لڳي.
    آئون هاڻ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي پهچي چڪو هئس. جڏهن ڪراچي نه ڇڏي هئم تڏهن منهنجو هتي اخبارن ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ هوندو هو، پر جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته منهنجن پراڻن واقفڪارن مان ڪو به ماڻهو، ڪنهن اخبار ۾ ڪونه هو. ايتريقدر جو سندن نالن سان به کين ڪنهن ڪونه ٿي سڃاتو.
    نيٺ آئون هڪ اخبار جي ايڊيٽر جي ڪيبن ۾ سندس سامهون وڃي ويٺو هئس. مون وٽس سمنڊ جي والار، ڊمپرن سان لهندڙ مٽي ۽ پٿر، ۽روڪيل هوا جو ڪيس رکيو. مونکي پڪ هئي ته ايڊيٽر تڙپي پوندو پر هو مرڪي مونکي ڏسندو رهيو ۽ منهنجي ڳالهه ختم ٿيڻ تي چيائين :توهان اسان جي رپورٽر چانڊيي صاحب سان ملو. اهوئي خبر ٺاهي هلائي سگهي ٿو.
    آئون چانڊيي صاحب وٽ ويس. کيس سڄي ڳالھ ڪري ٻڌايم. ۽اهو به ته،
    ڪلھ انگلينڊ کان آيو آهيان، کيس ٻڌايم ته اڳ منهنجا ڪهڙا ڪهڙا دوست اخبارن ۾ ڪم ڪندا هئا.اهو به ٻڌايم ته ماضيء جو ليکڪ ۽ دانشور طفيل مفلس آئون آهيان.
    هن چيو؛ اسان به مفلس ئي آهيون. پگهار مان پورت ڪانه ٿي ٿئي. توهان جي خبر هلي سگهي ٿي، فيچر به هلي سگهي ٿو، توهان جو انٽرويو به هلي سگهي ٿو پر...
    هو ماٺ ٿي ويو.
    مون چيو؛ جيڪو مون کان پڇو ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان.
    توهان تيار نه به هجو ته به توهان جي نالي سان اسان خبر ٺاهي هلائي سگهون ٿا پر...
    هو وري "پر" تي اٽڪي پيو.
    پر ڇا چانڊيا صاحب؟
    اسان آزاديء جي ڏينهن تي خاص اشاعت پيا ڪريون. چاليھ صفحن جي سپليمينٽ. توهان ٻاهران آيا آهيو، الله جو ڏنو سڀڪي هوندو توهان وٽ. جيڪڏهن توهان انهيء موقعي تي مبارڪن وارو اشتهار ڏيو...
    هن ڀر ۾ رکيل اشتهارن جي اگهه وارو ٽيرف کنيو. "فرنٽ پيچ تي ستاويهه چار جو اشتهار، پنهنجي ڪميشن ڪٽي ٿو ٻڌايان ته، اڍائي لک رپيا، جيڪڏهن بيڪ پيج تي ته صرف ڏيڍ لک رپيا... انهيء کان پوءِ توهان جي خبر به ٿا ٺاهيون ۽ ڏسجو ته ڪيئن نه سمنڊ کي ٿا قلم سان جهاد ڪري آزاد ڪرايون..."
    توهان مون کان پئسا پيا گهرو خبر جا؟
    نه نه الله نه ڪري جو، اسان ييلو جرنلزم ڪريون... اسان آزاديء جي موقعي تي اشتهار پيا گهرون، بس، ڏيو چيڪ هن خوشيء جي موقعي تي، ايندڙ خاص اشاعت لاءِ. ڪريو بسم الله
    " توهان هر ٻاهر رهندڙ ماڻهوء کي شاهوڪار ڇو سمجهندا آهيو . آئون هتي هئس ته دانشور هئس. وڏا تبصرا لکندو هِئس، جلسن ۾ تقريرون، صدارتون ۽ خاص مهمان ٿيندو هئس. پاڪستان کي خراب ۽ دنيا جي ملڪن جي تعريف ڪندو هئس، پر جڏهن ٻاهر ويس ته, ڪنهن اخبار يا نشرياتي اداري ۾ ڪم ملڻ ته پري رهيو پر مون پاڪستاني دانشور کي اُتي برگر وڪڻڻ جي لائق ئي سمجهيو ويو. ٽيھ سال رهڻ باوجود، منهنجا گريجوئيٽ پٽ لنڊن ۾ پيٽرول پمپ تي مزدوري ڪندا آهن. وڏي مشڪل سان گذارو ٿو ٿئي. مون کي يورپ ۾ پنهنجو وطن سڄو سون لڳو. آئون خالي هٿين آيل آهيان ۽ واپس نه ويندس."
    همراه تي منهنجي ڳالهه جو ڪو اثر نه ٿيو. "اسان هتي تقرير ٻڌڻ نه ويٺا آهيون. حق تي توهان جو تخلص مفلس آهي. ايئن خبر نه هلندي آهي مسٽر مفلس! ۽ جن ماڻهن جي خلاف توهان خبر هلائڻ ٿا گُھرو، انهن جا اسان تي وڏا احسان آهن".
    ڏسو چانڊيا صاحب! آئون ڪنهن جي خلاف نه آهيان, بس سمنڊ ۽ هوا جو دوست آهيان.
    مون سندس غلط فهمي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    " ته پوءِ وڃي سمنڊ ۽ هوا سان دوستي نڀائي، اسان پروفيشنل ماڻهو آهيون ،اسان جي جان ڇڏ، تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته قبضو ناجائز آهي، توهان بليڪ ميلر آهيو." هو ايئن چئي فون تي مصروف ٿي ويو. هُن مون شريف ۽ بي ضرر ماڻهوء کي بليڪ ميلر جهڙي گار ڏني هئي.
    آئون اٿي ٻاهر هليو ويس. آئي آئي چندريگر روڊ کان ٿيندو ايم اي جناح روڊ تي نڪري آيس. سوچيندو ويس.
    بي ضرر هجن ئي منهنجي ڪمزوري آهي .
    مون ڪجهه طئي ڪيو ۽ وري ميئر سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي وڏين منٿن کان پوءِ فقط هڪ منٽ ڳالهائڻ لاءِ کانئس وقت وٺي سگهيس.
    مون کيس ٻڌايو؛ توهان جي صلاح تي مون ميڊيا وارن سان ڳالهايو. هو پئسا ٿا گهرن.
    "ته پوءِ مان ڇا ٿو ڪري سگهان"؟ ميئر چيو.
    توهان وٽ بلدوزر ۽ هيوي مشينري هوندي، اها مونکي ڏيو، بس توهان ٻيو ڪجهه نه ڪريو..صرف بلدوزر ڏيو.
    "ڇا!! آئون ڪيئن ٿو ڏئي سگهان. توهان ذهني طرح مونکي ٺيڪ نه پيا لڳو".
    بلڪل ٺيڪ آهيان، توهان صرف بلدوزر ڏيو، آئون سمنڊ تي ٿيل سمورا قبضا ڊاهي، توهان کي بلڊوزر واپس ڪندس.
    مون کيس منٿون ڪيون، منهنجون اکيون به آليون ٿي ويون. پر ميئر تي ڪو اثر نه ٿيو.
    "بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون نه ڪر"
    ايئن چئي هن پٽيوالي کي اشارو ڏنو، جنهن مونکي ٻانهن مان جهلي زوري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
    پوءِ آئون در در رلندو رهيس. سمنڊ جي ڳولا ۾ مون 20 نمبر بس ۾ ڪوٽ به وڃائي ڇڏيو. منهنجي ٽاءِ، هاڻ مفلر وانگر ڳچيء ۾ ويڙهيل هئي، قميص جي هڪ ٻانهن مونکي جدائي جو داغ ڏئي چڪي هئي، منهنجو سوليوشن سان چنبڙايل بوٽ سخت گرمي ۽ هل هلان ۾ پهرين ترَ کان محروم ٿيو ۽ پوءِ پاڻ به موڪلايو. پگهر، هل هلان ۽ واريء جي سمنڊ منهنجي ڪپڙن کي ڪيئي رنگ ڏئي ڇڏيا هئا. منهنجا وار آزاد نظم وانگر وکريل ۽ بي ترتيب ٿي چڪا هئا ۽ روز شيوَ جي هيراڪ منهنجي ڏاڙهي، چهري تي تجريدي روپ اختيار ڪري ڳجهارت بڻجي چڪي هئي.مون فوٽ پاٿ کي بيڊ روم بڻائي ڇڏيو پر سمنڊ لاء جاکوڙڻ بند نه ڪيو.
    ان ڏينهن ڪلفٽن ٿاڻي وٽان لنگهندي مونکي هڪ خيال آيو. آئون ٿاڻي اندر هليو ويس. منهنجي خراب حالت باوجود پوليس آفيسر مونکي سڃاڻي ورتو.
    "وري سمنڊ ۽ هوا جي ايف آئي آر ڪٽرائڻ آيو آهين ڇا" ؟ هن ٽوڪ طور چيو.
    نه نه سر. ڪجهه پڇڻو هو توهان کان. مون هٿ ٻڌي چيو.
    ڇا؟
    توهان پنهنجي سروس دوران ڪافي تخريبڪار پڪڙيا هوندا؟
    "ها بلڪل " هن فخر سان چيو؛ توهان جي هن ڀاء ستاويهه انتهائي خطرناڪ تخريبڪار ۽ دهشتگرد پڪڙيا آهن. جيڪڏهن توهان جو هي ڀاء کين نه پڪڙي ها ته دشمن ڪراچيءَ کي اڏائي ڇڏين ها. منهنجو ڪراچيءَ تي احسان آهي پر افسوس! قدر ناهي، نه ته آئون آيس پي هجان ها.
    مون خوشامد طور تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو.
    هو خوش ٿي ويو.
    ايس پي ٿيڻ جا حقدار صاحب!
    اي فخرِ ڪراچي! توهان دهشتگردن کان هٿيار ۽ ڌماڪيدار بارود ۽ خود ڪش جيڪٽس وغيره به هٿ ڪيون هونديون؟
    توهان جي هن ڀاء ايئن سمجهو ته بارودي مواد جون ٽرڪون هٿ ڪيون... پر قدر ناهي.
    "اسان وٽ توهان جو قدر آهي، مستقبل جا ايس پي صاحب. بس هڪ ڳالھ ٻڌايو" .
    پڇو؟
    "پوليس جيئن ڇاپو هئي ڪو به مال هٿ ڪندي آهي ته ان جو ڏھون حصو ئي ظاهر ڪندي آهي، باقي.... سمجهو ٿا نه.... "
    ها سمجهان ٿو ته ڪي پوليس آفيسر ايئن ڪندا آهن پر... سڀ اهڙا ناهن.
    "ايس پي صاحب! پوءِ ته توهان جيڪي ٽرڪون بارود جون هٿ ڪيون، سو مواد ۽ بم وغيره توهان وٽ پيل به هوندا"؟
    تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟
    " آئون اهو ٿو چوڻ چاهيان ايس پي صاحب ته... اهو هٿ آيل بارود توهان جي ڪم جو ته آهي ڪونه ، جيڪڏهن انهيء مان ڪجهه مونکي ڏيو ته...."
    پوليس آفيسر هاڻ سڌو ٿي ڪرسيء تي ويٺو. سرد لهجي ۾ چيائين؛ ڇو ڏيان، تون ڇا ڪندين بارود کي؟
    " آئون سمنڊ تي ٿيل والار بارود سان اڏائي هوا کي آزاد ڪندس".
    مون ڏٺو، آفيسر جي چهري تي پريشانيءَ ليئو پاتو. ڪجهه پل سوچي چوڻ لڳو؛ بلڪل. توهان کي بارود ڏئي سگهان ٿو ته جيئن توهان هوا کي آزاد ڪرايو..
    وڏي مهرباني، الله ڪندو توهان ايس پي نه پر آءِ جي ٿيندا.
    مون خوشامد ڪئي.
    پر بارود پري پيل آهي، فون ڪري گهرائيندس ته به ڪافي وقت لڳي ويندو. توهان هينئن ڪريو جو ٻن ڪلاڪن کانپوءِ اچو.
    "وڏي مهرباني. آئي جي صاحب! آئون ٻن ڪلاڪن کان پوء توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيان ٿو. توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي جيڪڏهن مال ڪجهه وڌيڪ ڏيو".
    جي جي بلڪل توهان جي توقع کان وڌيڪ.
    آئون ٽيبل وٽان ڦِري کيس پيرن پئي هليو ويس.
    جڏهن ٻن ڪلاڪن کانپوءِ آيس ته، ڏٺم ٿاڻي جي در وٽ هڪ وين بيٺل هئي.
    مونکي پڪ ٿي، مون لاءِ بارود هن وين ۾ پهچي چڪو آهي.
    جيئن ئي اندر داخل ٿيس ڪجهه سپاهين ۽ اسپتال جون شرٽون پاتل ڪجهه همراهن مونکي پڪڙي وين ۾ وڌو ۽ هتي پهچائي ڇڏيو. مون اسپتال مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته مونکي سنگھر سان ٻڌو ويو.
    اوچتو مون کي ڪلهي تي ڪنهن زور سان هٿ هنيو. مُڙي ڏٺم، ڪو وڏو ڊاڪٽر هو، ٻه ٻيا وچولا ڊاڪٽر پئي لڳا ۽ ٻه ٽي ننڍا ڊاڪٽر. ڪجهه نرسون به هيون. پر نرسون مونکي وڏيون نرسون يا ننڍيون نرسون نه لڳنديون آهن، پوڙهيون يا جوان لڳنديون آهن. آئون سندن گريڊن جو اندازو لڳائڻ بدران، سندن عمر جو اندازو لڳائيندو آهيان.
    توهان سوير کان ڀت ڏانهن منهن ڪري ڪنهن سان پيا ڳالهايو؟
    تڏهن مونکي احساس ٿيو ته، ماءُ سان گڏ رشتن جي مرڻ جي ڳالھ ڪندي، سامھون واري چرئي جڏهن اوڇنگار ڏني هئي ته، آئون ڏسي نه سگهيو هئس ۽ ڀت ڏانهن منهن ڪيو هئم. جيڪو لڳاتار ڀت ڏانهن ئي رهيو.
    وڏي ڊاڪٽر پڇيو؛ توهان جو ڪو عزيز قريب؟
    ڪو به نه، سواءِ سمنڊ جي.
    سمنڊ جي ڪري توهان پاڳل ٿي چڪا آهيو. ڊاڪٽر چيو.
    مون ڪو جواب نه ڏنو پر هاڻ مونکي به شڪ پوڻ لڳو ته شايد آئون چريو ٿي چڪو آهيان.
    ڊاڪٽر نرس کي اشارو ڪيو ۽ هن هڪ ٿلهي سرنج ڀري.
    مونکي قابو جهليو ويو. نرس انجيڪشن هڻڻ لڳي، ڏاڍو سور پئي ٿيو ۽ انجيڪشن جو اثر ٿيڻ کان اڳ مون کين ڪجهه ٻڌائڻ ٿي گهريو؛
    ڊاڪٽر صاحب! هن شهر جي آبادي ٻه ڪروڙ آهي.
    جن مان هڪ ڪروڙ پوءِ آيل سمجهون، ته به هڪ ڪروڙ ته پڪا ڪراچيءَ جو اولاد آهن.
    .. انهن هڪ ڪروڙ ماڻهن مان واپاري، سياستدان، ڪامورا ۽ ٻيا لاپرواه ماڻهو ڪَٽ ڪريون،
    ته به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک ماڻهو، سمنڊ ۽ هوا جا دوست آهن.
    توهان هوا ۽ سمنڊ تي ٿيل اڏاوتون نٿا ڊاهي سگهو
    ته پوءِ اڏاوت ڪريو
    جلد چريا ٿيندڙ ڏهه لک سمنڊ دوستن لاءِ
    هڪ وڏي اسپتال جي
    جنهن ۾ ڏھ لک چريا سمائجي سگهن....
    ... هي. اس.. پتال.... ناڪا...... في... آه...#
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو