• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آڱرين ۾ هَوا - رات بَندڙا وِڌا.... ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
آڱرين ۾ هَوا - رات بَندڙا وِڌا
پَيرَ ۾ سانت ھا ڇا ته گهنگهرو ٻَڌا
دردَ آهي لِکي هر دوا جي عمر؛
موتَ آهي لکي زندگي جي ڪٿا
ڪجھ ڳلين ۾ رُليا ڪجھ بُکن تي سُتا
اک خدا جِي هُيا لِڱ پنهنجا لڌا
دُور تائين رڳو رُڃَ ئي رُڃَ آ
ڪير ڪنهنجو ڌڻي ڪير ڪنهنجو خدا
باھ جي ڄَرَ هئي ڪنهن به ڄاتي ڪٿي؛
بورچي ديڳ ۾ خيالَ ڪهڙا رَڌا
ڪپلِ - وَستُو ڇڏي ويسُ گيڙو ڪري؛
ڪنهنکي ڳولهين پيوڪالھ کان تون ٻُڌا!
ھُو جا تاريخ آ - سا ته مقتل وڏو؛
سِرَ ڌَڙَن کان جُدا ڌڙَ سِسِين کان جدا
بندڙا = چانديءَ جو زيور
جيڪو عورت پير جي ٻيو نمبر آڱر ۾ پائيندي آهي
ٻُڌا = مهاتما گوتم ٻڌ
 
Back
Top