غزل آڱرين ۾ هَوا - رات بَندڙا وِڌا پَيرَ ۾ سانت ھا ڇا ته گهنگهرو ٻَڌا دردَ آهي لِکي هر دوا جي عمر؛ موتَ آهي لکي زندگي جي ڪٿا ڪجھ ڳلين ۾ رُليا ڪجھ بُکن تي سُتا اک خدا جِي هُيا لِڱ پنهنجا لڌا دُور تائين رڳو رُڃَ ئي رُڃَ آ ڪير ڪنهنجو ڌڻي ڪير ڪنهنجو خدا باھ جي ڄَرَ هئي ڪنهن به ڄاتي ڪٿي؛ بورچي ديڳ ۾ خيالَ ڪهڙا رَڌا ڪپلِ - وَستُو ڇڏي ويسُ گيڙو ڪري؛ ڪنهنکي ڳولهين پيوڪالھ کان تون ٻُڌا! ھُو جا تاريخ آ - سا ته مقتل وڏو؛ سِرَ ڌَڙَن کان جُدا ڌڙَ سِسِين کان جدا بندڙا = چانديءَ جو زيور جيڪو عورت پير جي ٻيو نمبر آڱر ۾ پائيندي آهي ٻُڌا = مهاتما گوتم ٻڌ