• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وقتَ جو هر خدا نيٺ ويندو جَلِي!.... ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
وقتَ جو هر خدا نيٺ ويندو جَلِي!
ڳالھ مون سان ڳُجهي سَمنڊَ آهي سَلِي!
ھَو رُڪوع ۾ ويا مورَ سارا مري؛
آس برسات جي ٿرَ خدا کان پلي!
ٿرَ جي واري سڄي ڪنهن صحيفي جيان؛
ڪونڀٽن جا خدا دل به منهنجي ولي!
دل جو احرامُ ھَو حسنَ جو ھَو طواف؛
حَجِ - اڪبر لَڳِي عشقَ جي هر ڳلي!
ھُو چون ٿا ته ڪعبي ۾ آھي خدا
رات آيو اسان وٽ خدا ھَو ھلي!
نيٺ ڪاهي ڪُنن ۾ پيس مان ته ڇو؟
ڪنهن نه ساھَڙُ ڏٺو ٿِي نه ڪا ڀرجهلي!
مڌُ - ماتي هُئي ؛ جنهن به ڄاتي ھُئي؛
رات ريشمُ ھُئي ؛ سارَ ھُئي بخملي!
پروفيسرساجدسومرو
 
Back
Top