صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
ڏِسِي ھُو يارَ ميخانا رُڪي ٿو شامَ ڌاران ڪو!
ڇُلي ٿو مڌُ - موکيءَ جو ڊُڪي ٿو شامَ ڌاران ڪو!
نئين هر سجَ - جِي آڪڙ ؛ ڏٺي ٿم شام جو اڪثر؛
لهي ٿو شام ڌاران ڪو! جُهڪي ٿو شام ڌاران ڪو!
نَدِيُن ۽ آبشارن جانۡ ؛ وَهَي گجگوڙَ سان ڀلجانۡ ؛
لڙَي جيئن وقت جو پاڇو سُڪي ٿو شامَ ڌاران ڪو!
ڦِرَي ٿو وقتَ جو ڦِيٿَو ؛ چَلي ٿو وقتَ جو چَرخو؛
فنا جي ڏاند گاڏيءَ ۾ ڍُڪي ٿو شامَ ڌاران ڪو!
اسانجو جو به ساقي آ چُڪي تنهن وٽ ته باقي آ
ڪري لبريز پئمانا مُڪي ٿو شامَ ڌاران ڪو!
اکيون ڄڻ ميڪدا آهن نظر ۾ بتڪدا آهن؛
رُڪوع ۾ روحُ پنهنجو ڄڻ جُهڪَي ٿو شامَ ڌاران ڪو!
پروفيسرساجدسومرو