غزل ڏِسِي ھُو يارَ ميخانا رُڪي ٿو شامَ ڌاران ڪو! ڇُلي ٿو مڌُ - موکيءَ جو ڊُڪي ٿو شامَ ڌاران ڪو! نئين هر سجَ - جِي آڪڙ ؛ ڏٺي ٿم شام جو اڪثر؛ لهي ٿو شام ڌاران ڪو! جُهڪي ٿو شام ڌاران ڪو! نَدِيُن ۽ آبشارن جانۡ ؛ وَهَي گجگوڙَ سان ڀلجانۡ ؛ لڙَي جيئن وقت جو پاڇو سُڪي ٿو شامَ ڌاران ڪو! ڦِرَي ٿو وقتَ جو ڦِيٿَو ؛ چَلي ٿو وقتَ جو چَرخو؛ فنا جي ڏاند گاڏيءَ ۾ ڍُڪي ٿو شامَ ڌاران ڪو! اسانجو جو به ساقي آ چُڪي تنهن وٽ ته باقي آ ڪري لبريز پئمانا مُڪي ٿو شامَ ڌاران ڪو! اکيون ڄڻ ميڪدا آهن نظر ۾ بتڪدا آهن؛ رُڪوع ۾ روحُ پنهنجو ڄڻ جُهڪَي ٿو شامَ ڌاران ڪو! پروفيسرساجدسومرو