حافظ قاري عبدالستار ڪوريجي جو ترتيب ڏنل "قرآني قاعدو" جو سرسري جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    حافظ قاري عبدالستار ڪوريجو جو ترتيب ڏنل "قرآني قاعدو" جو سرسري جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    طالب ڪثر سونهن سَر ايءَ روميءَ جي رهاڻ،
    پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي.
    طالب ڪثر سونهن سر، ايءَ روميءَ جي راحت.
    جنين ڏٺي ست، تنين ڪڇيو ڪينڪي!

    سورہ الاعراف سپارو 9 آيت 204۾ آهي ته قرآن پاڪ کي سٺي انداز ۾ پڙهيو ۽ ٻڌو وڃي. آيت جو ترجمو ڏئڻ مناسب ٿو سمجهان.
    ترجمو :( اي مسلمانو ) جڏهن به قرآن مجيد پڙهيو وڃي تڏهن دل لڳائي ٻڌندا ڪريو ۽ خاموش رهندا ڪريو، اوهان تي ﷲ تعالي جي رحمت ٿئي. "
    زندگي جاکوڙ جي ڪري ئي عظمت واري آهي، جيڪي فرد جاکوڙ کي اولين ترجيح ڏين ٿا اهي ئي انسان قومن کي شعوري طور زنده رکندا آهن.اهڙي پاسي سنڌ جو باشعور حافظ قاري عبدالستار ڪوريجو به آهي، جنھن جي سدائين سنڌ جي تاريخ تي نظر هوندي ئي آهي. حافظ عبدالستار ڪوريجو قرآن مجید جي مڪي ۽ مدني سورتن کان چڱي طرح واقف به آهي. حافظ صاحب جي من ۾ اها ڳالهه ضرور آهي ته عربي ٻوليءَ جي حرف هجا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، جنهن سان اسان جو تلفظ بھتر ٿيندو. ان لاءِ حافظ عبدالستار ڪوريجي سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڀيرو قاعدن ۽ قانونن موجب "قرآني قاعدو" ترتیب ڏنو آهي. جيڪو عربي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪارائتو قدم آهي. هي قرآني قاعدو مذهبي معاملن کان آگاهه ڪري ٿو. قاعدي جي شروعات ۾ 6 ڪلما جيڪي هر مسلمان ۽ مومن کي ياد هجڻ گهرجن ۽ ايمان مفصل، ايمان مجمل ڏنل آهن. استادن لاءِ ڪجهه ھدايتون آهن.
    مُفرد حروف کي حروف مقطعات موجب ٻن حرفن، ٽن حرفن جيان، جيئن : الف، با، تا، ثا جيم الخ( الي آخر - يعني آخر تائين )پڙهڻ گهرجي. حروف مقطعات جي ادائگي ئي معروف( چٽو ) پڙهڻ جو دليل آهي، انهيءَ بنان تي ان جو مجھول( اڻ چٽو ) پڙهڻ صحيح نه آهي. جيئن : بي، تي، ثي، جي، حي، خي،( الخ)
    الف کانسواءِ ٽن اکرن وارن حرفن کي وڏي مَدُ سان يعني ڊگهو ڪري پڙهڻ گهرجي.
    عربي ٻوليءَ ۾ هڪ ئي "ي" آهي. هن طرح جي "ے" فارسيءَ ۽ اردو ٻوليءَ ۾ آهي ۽ اهو عجمي لکت جو طريقو آهي.
    قرآن ڪريم ۾ "ي" معروف ئي لکڻ گهرجي ۽ ڪڏهن به "ے" مجھول لکڻ نه گهرجي.
    حروف هِجا جي تختي پڙهائڻ وقت ٻار کي حرفن جي سڃاڻپ تي تمام گهڻو توجهه ڏيارڻ گهرجي نه ته ٻارن جي دلچسپي نه رهندي.
    قُرآنُ :( عربي. مذڪر. اسم خاص )( قرآن مجيد ) ﷲ پاڪ جو ڪلام مسلمانن جو مقدس ڪتاب، ﷲ تعالي طرفان پنهنجي نبي حضرت محمد ﷺ تي نازل ڪيو. منجهس ڪائنات جا سڀئي اسرار ۽ رموز بيان ٿيل آهن.
    وهو معڪم اينما ڪنتم وِرھَ سان وسي يار، قول سندس "قرآن ۾.( بيدل )
    ڪٿي مسلم ٿي پڙهي ٿو ياد" قرآن ".( بيڪس. مثنوي )
    چوڻ جو حاصل مطلب اهو آهي ته ته قرآن پاڪ کي سهڻي انداز سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. ان کان پوءِ اسان جو تلفظ عربي ۽ سنڌي ۾ ٻوليءَ درست ٿيندو.
    حافظ عبدالستار جي ڪوشش ۽ هي عملي ڪم به جيستائين پهچي سگهندو، منھنجي خيال ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي وسعت ملندي.
    "الف" کان وٺي" ي" تائين هر هڪ نشاني کي حروفِ هِجاء چئبو آهي. عربي ٻوليءَ ۾ حروف هِجاء 29 آهن.
    مخارج جي لحاظ کان حرفن جي ترتيب، سمجهڻ تمام ضروري آهي.
    ٿلهن حرفن جي اچارڻ ۾ چپ چرپر نه ڪن ۽ گول به نه ٿين پر حروف ٿلها ضرور ٿيڻ گهرجن.
    ٿلها حروف :( حروف مستعليه ) خص، ضغ ، طِِ ، قِظ، خ ص، ض غ ،ط ،ق ظ.
    نرم حروف : حروف لثويه. ث ، ذ ، ظ.
    تيز حروف يا سيٽيءَ وارا حروف : حروف صغيريه. ز، س، ص.
    نڙيءَ وارا حروف : حروف حلقي. ء ه، ع ،ح،غ،خ.
    شاگردن کي مخرجن جي لحاظ کان واضع فرق سمجهائي حرفن جي صحيح ادائگي ڪرائڻ گهرجي.
    زَبر - زِير - پيش کي حرڪت چئبو آهي. زبر، زير ۽ پيش واري حرف کي متحرڪ چئبو آهي. زبر ۽ زير، ننڍڙي ليڪ وانگر سمهيل حرڪت کي چئبو آهي. زبر مٿان، زير هيٺان ۽ پيش واوء جي ننڍڙي شڪل جيان پر مٿان هوندو آهي.
    زير جي حالت زبر وانگر آهي، زير کي سمهيل حرڪت چئبو آهي. زير کي پڙهڻ وقت ٽن ڳالهين جو خيال رکڻ ضروري آهي. 1 ڊگهو ڪري نه پڙهڻ 2 جهٽڪو ڏيئي نه پڙهڻ 3 مجھول يعني اڻ چٽو نه پڙهڻ.
    ائين حافظ عبدالستار، ٻه زبر( تنوين ) ٻه زير ۽ ٻه پيش تي سٺي معلومات تختي ۽ هجي سان گڏ ڏني آهي جيئن شاگرد کي آساني ٿئي. جزم جي تختي ۾ عربي لپي سان تختي ۽ جزم جي استعمال کي آسان طريقي سان بيان ڪيو آهي.
    اهڙيءَ طرح ت جا قسم ۽ حروف قلقله جي نشاني ۽ ان جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي. ساڃي پاسي کان لکي ويندڙ ٻولين جي الفابيٽ کي سمجهڻ ۽ ان جي صوتي پاسن کي غور سان پڙهڻ کان پوءِ ئي ان ٻوليءَ تي دسترس حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    لکت جي فن جي باري ۾ "البيروني" جا خيال هن ريت آهن ته:
    ”ڳالهائڻ واري ٻولي، ڳالهائيندڙن جي خيالن ٻڌندڙن تائين پهچائڻ جو هڪ وسيلو آهي. انهيءَ عمل، ڳالهائڻ کي ٿوري عرصي لاءِ جٽاءُ رهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو صدري علم، سيني بَسيني ياد ڪرڻ وارو طريقو ۽ تاريخي واقعا، وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي اصلي اهمت وڃائي ٿا ويهن ان ڪري انسان ذات اهم واقعن ۽ علمي ڳالهين کي محفوظ رکڻ لاءِ لکڻ جو فن ايجاد ڪيو.“
    اهڙو ئي عمل حافظ عبدالستار ڪوريجي سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآني قاعدو، ٻوليءَ جي قاعدن ۽ قانونن موجب سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هيءُ قاعدو مسجد، مدرسي ۽ اسڪول جي استادن کي لازمي طور پڙهڻ گهرجي، جڏهن استاد وٽ ٻوليءَ جي ڄاڻ هوندي ته هو آساني سان شاگردن کي پڙهائي سگهندو. حروفن جي مخرجن جو بيان ۽ نقشو قاعدو جو حصن آهن.
    آخري ۾ حافظ عبدالستار ڪوريجي من جي اور به ڪئي آهي، جيڪا صدين کان سنڌ پنهنجو وجود رکي ٿي ان ۾ ههڙا هاڃا ٿيا، هن سنڌ ۾ يا وري سنڌين لاءِ درد ڀريل اپيل به آهي، جنهن جو مختصر حصو ڏئڻ مناسب سمجهان ٿو .
    "قومي مقصد ۽ صوبي جي مرڪز کان پري رهندو ته فنا ٿي ويندء. پوءِ صرف قصن ۽ ڪھاڻين ۾ رهجي ويندوء. اسان کي ڏيئي رهيا آهن جيڪي دوستيءَ جو ڌوڪو. انهن جي تاريخ پڙهندو ته دهلجي ويندوء.
    اي سنڌيو! پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ رهڻ جو سليقو سکو."
    برحال اسان جي استاد ۾ ٻوليءَ، تاريخ ۽ پنهنجي ماڳ مڪانن جي سڃاڳي هئڻ گهرجي. جيڪا ڄاڻ قاري عبدالستار ڪوريجي ڏني آهي اها ڳالهه اسان کي ۽ ايندڙ نسل کي ضرور سجاڳ ڪندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو